; سنڌي شخصيتون: مير ڪرم خان ٽالپر

13 April, 2024

مير ڪرم خان ٽالپر

مير ڪرم خان ٽالپر

ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان ٽالپر جو فرزند

اعظم ڀٽي



مير ڪرم خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان ٽالپر جو فرزند هو، مير غلام محمد سندس ڏاڏو ۽ مير شاهو خان سندس پڙڏاڏو هو، واليء سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر، جهرڪ، دبير ۽ وران جا پرڳڻا، مير محمد خان ٽالپر کي جاگير ۾ ڏنا ۽ جهرڪن جو محصول به سندس حوالي ڪيو. ۱۸۰۲ع ۾ مير مراد علي خان، مير محمد خان ٽالپر جي حياتيءّ ۾ سندس پۡٽ مير ڪرم خان ٽالپر کي قرآن شريف تي مٿئين جاگير موروثي ڪري لکي ڏني، مير ڪرم خان جي حياتيءّ جي وڌيڪ ڄاڻ بابت تاريخ جي ورق پوشيده آهن پر اهو امڪان آهي.


سال ۱۷۹۱ع ۾ جڏهن سندس والد مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊو محمد خان شهر ٻڌايو هو ته ان وقت هي سندس والد سان گڏ ئي هتي اچي سڪونت پذير ٿيو، والد جي حياتيءّ ۾ ئي جاگيرن سان نوازيو ويو هو، اهو به قوي امڪان آهي ته جڏهن مير محمد خان ٽالپر پنهنجي حياتيءّ ۾ ئي فتح باغ ۾ پنهنجو مقبرو اڏايو هو، هي به ان وقت انهيءّ ڪاروهنوار ۾ شامل هو، سندس والد جي وفات، تدفين سميت مقبري جي پوئين تعمير ۾ سندس ڪردار جي ادائيگي جو قوي امڪان آهي، مقبري جي مکيه دروازي تي مير محمد خان جي نالي اڳيان ‘مرحوم’ واري لکت به اهو ظاهر ڪري ٿي ته اهو ڪم مير محمد خان ٽالپر جي پونئرن مان ئي ڪنهن جو ٿيل آهي، ڇاڪاڻ جو هڪ زنده ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ‘مرحوم’ ڪيئن ٿو لکائي سگهي ? يقينن مير محمد خان جي وفات بعد سندس مقبري ۽ قبر جو ڪم، قبر جي ڪتبي تي اۡڪر جو ڪم، مير ڪرم خان جو ئي ڪرايل ٿو ڀاسجي، ٻيو ته ان ئي مقبري ۾ سندس تدفين به ان ڳالھ جي شاهدي آهي ته اهو سمورو ڪاروهنوار سندس سارسنڀال جو ئي نتيجو هو، فتح باغ ۾ مير محمد خان ٽالپر کان وٺي مير ڪرم خان ٽالپر جون قبرون به ان ڳالھ جي چٽي شاهدي آهن ته ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن جو پهريون قبرستان فتح باغ ئي هو، جنهن کانپوءِ مير ڪرم خان جي فرزند مياڻي جي جنگ جي سپھ سالار مير غلام شاھ شهيد کي سندس وصيت موجب بدين جي لنواري شريف جي قبرستان ۾ مدفون ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ جو هڪ ته لنواري جا بزرگ سندن مرشد هئا، ٻيو ته ۱۸۳۹ع ۾ مير غلام شاھ پاران ترائي جاگير وارو حصو لنواري وارن بزرگن کي لکي ڏيڻ کانپوءِ شاهواڻي ٽالپرن کي مرشدن جي عقيدت ۾ پنهنجو قبرستان لنواري شريف کي ڪرڻو پيو، اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا امڪان اڃا به وڌيڪ تحقيق جا گهۡرجائو آهن، مير محمد خان ٽالپر جي پڳدار پۡٽ مير ڪرم خان ٽالپر ۷ ربيع الآخر ۱۲۳۳ هجري بمطابق ۱۸۱۸ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھ فتح باغ ٽنڊو محمد خان ۾ مير محمد خان ٽالپر جي مقبري اندر آهي. جيڪو هن وقت ديھ جاڙڪي، يونين ڪائونسل نصير خان چانگ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۾ واقع آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا