; سنڌي شخصيتون: عبدالستار ڳنڀير ”آڪاش“ ٽکڙائي

10 April, 2024

عبدالستار ڳنڀير ”آڪاش“ ٽکڙائي

عبدالستار ڳنڀير ”آڪاش“ ٽکڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي خۡوبصورت شاعر آڪاش ٽکڙائي جو اصل نالو عبدالستار ڳنڀير آهي. سندس والد جو نالو حفيظ الله ڳنڀير آهي. آڪاش ٽکڙائي جو جنم ۲ ڊسمبر ۱۹۷۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تاريخي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرزمين وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي دارالعلوم هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري، ۱۹۹۶ع ۾ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪيائين.


سال ۱۹۹۹ع ۾ سنڌي ادب ۾ ۽ سال ۲۰۰۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرز ڪيائين. ۲۰۰۲ع ۾ ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پوليس کاتي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيو. جنهن بعد قانون جي ڊگري ايل ايل بي پڻ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. علم ۽ ادب سان چاهه کيس ورثي ۾ مليو. سندس ڏاڏو مرحوم عبدالستار ڳنڀير، جنهن جو نالو مٿس رکيل آهي، سو استاد ۽ پنهنجي وقت جو سٺو اديب ۽ نقاد هو. سندس نانو مرحوم نور احمد ڳنڀير ڪافيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو. سندس چاچو نجيب الله ”نجيب“ ٽکڙائي ۽ مامو ضياءُ الله ”تبسم“ ٽکڙائي پڻ ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا سان سلهاڙيل رهيا. ان ادبي ورثي جي مالڪي ڪندي آڪاش ٽکڙائي جي من ۾ به شاعراڻا جذبا جاڳيا، جن کيس ادبي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. آڪاش ٽکڙائي ۱۹۹۸ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، ٿورو نثر لکڻ سان گڏ گهڻي تعداد ۾ شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد دائود "تاج" ٽکڙائي ۽ ڊاڪٽر فتح علي ”مخلص“ ٽالپر آهن. آڪاش ٽکڙائي شاعري جي مختلف صنفن نظم، آزاد نظم، غزل، وائي، گيت، ٽيڙو، چوسٽي، قطعي، سانيٽ، ترائيل سميت لڳ ڀڳ سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪندي نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعرن ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي. سندس شاعري جو وڏو حصو سماجي مسئلن جي نشاندهي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي مظلوم ماڻهن سان ناانصافين کي سخت لهجي ۾ ننديو آهي. آڪاش ٽکڙائي شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ۲۰۱۲ع ۾ ”چنڊ بنا آڪاش اڌورو“، ۲۰۱۴ع ۾ ”توکي ياد ايندس مان“ ۽ ۲۰۲۲ع ۾ "انسان وڪامي ٿو" ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. سندس شاعري جو چوٿون ڪتاب تڪميل جي اخري مرحلي ۾ آهي. آڪاش ٽکڙائي بزم ادب ٽکڙ، محمد خان غني ادبي تنظيم ۽ سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو آهي. آڪاش ٽکڙائي پوليس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي علم ۽ ادب سان چاهه جو سفر به شاندار نموني جاري رکندو اچي، سنڌ جو هي حساس ۽ خوبصورت شاعر هن وقت به پوليس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، بدين ضلعي ۾ ڊي آء بي انچارج ۽ سنڌ جي خاص طور لاڙ جي مختلف ٿاڻن تي ايس ايڇ او رهيو آهي، سماجي بۡراين خلاف وڏي وٺ پڪڙ ڪري انهن بۡراين کي ٻۡنجو ڏيڻ لاء ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. شال سندس علمي، ادبي ۽ نوڪريءّ وارو ڪردار سنڌ ۽ مظلوم سنڌي ماڻهن جي مجموعي ڀلائيءّ لاء مستقبل ۾ ڪي فخر لائق ۽ لاڀائتا نتيجا ڏيندڙ بڻجي!

آڪاش ٽکڙائي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

ڪاغـــــــذ جي نوٽن تي ايمان وڪامي ٿو،

دنيا جي منــــــــــڊيءَ ۾ انسان وڪامي ٿو.

هت جسم وڪـــــامن ٿا جذبات وڪامن ٿا،

مجبور جوانـــــيءَ جـــو ارمان وڪامي ٿو.

مذهب سان ڪفالت آ درگاهه به ٺيڪي تي،

بس نانءُ عقيدت جي هر دان وڪامي ٿو.

جنت جــــــي نالي تي آدم جي هي تذليل،

بمبار ٿيــــــڻ لئي ٿي حيوان وڪامي ٿو.

ڪجهه نوٽن جي عيوض هت ووٽ وڪامن ٿا،

۽ وقت اچڻ تي پــــــورو ايوان وڪامي ٿو.

هن بي حس نگــــــريءَ ۾ انسان اتي پهتو،

هت قبر وڪــامي ٿي شمشان وڪــــامي ٿو.

سرڪــاري آفيسن ۾ هي حال وڃي ڏسجان،

صاحب کان وٺي ويندي ''دربان'' وڪامي ٿو.

ڪـــُرسي جو مُلهه آهي قانون جي قيمت آ،

ٿاڻا ۽ آفـــــــيسون، زندان وڪامي ٿو.

گستاخي معاف ڪجوانصاف به وڪجي ٿو،

هت قلم وڪــامي ٿو فـــــرمان وڪامي ٿو.

هر چيز وڪائو آ، تون ريٽ وڌائي ڏس!

مشڪل کان وٺي ويندي آسان وڪامي ٿو.

انسان جــــــــي اندر ۾ احساس مري ويو آ،

"آڪاش" تڏهن هـــــر ڪو سامان وڪامي ٿو.

************************************************

نظم

اڄ عدالت ۾ جڏهن ڪو پيار جــــــو پرڻو پيو،

سچ چـــــوان ٿو مائٽن کي جيئري ئي مرڻو پيو.

نوَ مـــــــــهينا ماءُ جنهن کي پيٽ ۾ سانڍي رکيو.

اڄ انهي ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ ڪيئن آهي ِڌڪيو

نانگ ٿيو اولاد سو جنهن مائٽن کي آ ڪَکيو،

اڄ انهيءَ کي ڪورٽن جو در اچي ڏسڻو پيو.

دين سان آهي لگن يا ڪنهن سان چاهت جي ڪري،

ڪهڙا هئا اسباب ۽ ڪـــــــهڙي رفاقت جي ڪري،

مائٽن جي بي توجه، ٿــــــــوري غفلت جي ڪري،

ڇوڪريءَ کــــــــــــــي انتهائي هي قدم کڻڻو پيو.

پيءُ جي عزت جي جيڪا هڪ امانتدار هئي،

پٽ جي حقــــــــــن برابر جيڪا دعويدار هئي،

مائٽن جي مـــــلڪيت ۾ جيڪا حصيدار هئي،

اڄ انهيءَ کي ملڪيت ڇا راڄ ڀي ڇڏڻو پيو.

نام ۽ نامــــــــــــوس سان گڏ آهي عزت داءُ تي،

وقت رکندو ناهي مرهم ان قسم جي گھاءُ تي،

هن ڪهاڻين جــــــــو ئي ٿيندو انت آ پڇتاءُ تي،

ڳاٺ اونچي پيءُ جي کي نيٺ اڄ نمڻو پيو.

عشق جي آڙاهه ۾ اڄ ماءُ ڪيئن وسري وئي،

ريت رسمن سان بغاوت ۾ پري نڪري وئي،

خون ۽ مذهب سان جڙيل سڀ حدون اڪري وئي،

نا مناسب شخص لئي اڄ ڪلمو ڀي پڙهڻو پيو.

ٿي وفا نيلام وئي ۽ پيار جو وڪرو ٿيو،

ڪـــــير ڪيڏو با وفا آ، اڄ اهو پڌرو ٿيو،

جان جن گھوري ٿي تن مان جان جو خطرو ٿيو،

خون جي رشتن کي پل ۾ اجنبي ٿيڻو پيو.

مائٽن جي بيوسي ۽ ڇوڪريءَ جــــــــــي دل لگي،

ڪنهن هتي "آڪاش" کٽيو ڪنهن جي آهي هار ٿي،

ماءُ پي روئندا رهيا ۽ ڇوڪري کلندي رهي.

فيصلي ۾ اجنبي هڪ شخص سان وڃڻو پيو.

************************************************

غزل

ڪونه ڏسون ڪردار ڪڏهن ٿا ووٽ ڏيون تصوير جي پويان،

هيءَ پڻ هڪڙي آهي غلامي جذبن جي زنجير جي پويان.

محنت سان ئي ماڻهو پنهنجي حصي جي تقدير لکي ٿو،

ڪاهل ۽ نااهل هميشه لڪندو آ تقدير جي پويان.

ڪاش اسان جا ماڻهو سمجهن مذهب ڪاروبار ته ناهي،

دنيا چنڊ تي پهچي وئي پر پاڻ هلون پيا پير جي پويان.

ڪير آ پنهنجو ڪير پرايو کولي سڀ ڪجهه وقت ڏسي ٿو،

ٻيڙي جنهن پل لڏندي آهي دريا وچ ۾ سير جي پويان.

ڪهڙي ڪم جو اهڙو پئسو ڪهڙي ڪم جو شوق شڪاري،

پڙهيل لکيل ماڻهو آهن ڪتن ۽ خنزير جي پويان.

ڪوئي موالي نشي جي خاطر زال جا والا وڪڻي آيو،

ڪيڏو مهانگو سودو آهي لمحن جي تاثير جي پويان.

هاريءَ جو هڪ پٽ بڻيو آ علم جي رستي آفيسر،

پورو زور لڳائي ويٺو جوڙڻ ڪنهن جاگير جي پويان.

مائٽن جنهن کي ناز سان پاليو پرڻي لئي سا نڪتي آهي،

ساڳي نياڻي محسن ڪش ٿي پيءَ جي آ توقير جي پويان.

جلسن ۾ هي ماڻهو پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ پهتا آهن،

بريانيءَ جون ديڳيون لهنديون ليڊر جي تقرير جي پويان.

سو ماڻهو اڄ لاوارث ٿي ڦاٽل بيڊ تي داخل آهي،

عمر گذاري جنهن ٻچڙن جي خوابن تعبير جي پويان.

هر ڪا عدالت پيٽ ڀريئي کي مرضيءَ جو انصاف ڏئي ٿي،

بي زر ۽ مسڪين مري ٿو ننڍڙي ڪنهن تقصير جي پويان.

پيرا کڻجو، پنهنجا ملندا، هرڪنهن ويساه گهات جي پويان،

دل جي هر هڪ گهاءُ جي پويان پُٺ ۾ لڳندڙ تير جي پويان.

سندر ڪي احساس لکي ٿو ڪاغذ تي "آڪاش" اڃا ڀي،

ڪيڏو درد سمايل آهي هن جي هر تحرير جي پويان.

************************************************

غزل

نَون رانديڪڙن پويان، اٻالو ٻار ڊوڙي ٿو،

مان سمجهان ٿو تجسس جو، سڄو سنسار ڊوڙي ٿو.

سمورا نظريا پوءِ اصل ۾ پيٽ جي پويان،

ڪڏهن ٿي شخصيت ڊوڙي ڪڏهن ڪردار ڊوڙي ٿو.

سڄو قصو حّوس جو آ جو دولت جي تعاقب ۾،

بنهه مسڪين کان زياده وڏو زردار ڊوڙي ٿو.

نصيبن جا ڪي راڻا اڄ ڪروڙن جا ڌڻي آهن،

هتي ڪو چند روپئين لئي سڄي بازار ڊوڙي ٿو.

حقيقت ۾ رڳو بس پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جي لئي،

ڪو ڊوڙي ٿو هتي ڪو سمنڊ جي هُن پار ڊوڙي ٿو.

فقط احساس ئي بنياد هوندو آهي رشتن جو،

ڪڏهن پنهنجو نه اُٿندو آهي ۽ اغيار ڊوڙي ٿو.

ڀلي ڪر خودڪشي پر مون سان هل تون اسپتالن ۾،

جتي ڪجهه زندگي لئي ڪيئن نه ڪو بيمار ڊوڙي ٿو.

جڏهن بي واجبي حد جي ڪندي پيدا بغاوت آ،

تڏهن مظلوم، ظالم تي کڻي هٿيار ڊوڙي ٿو.

جڏهن آڪاش ڪا لالچ اسان کي آڇبي آهي،

سموري سٿ کان اڳ ۾ اُٿي غدار ڊوڙي ٿو.



عبدالستار ”آڪاش“ ٽکڙائي

جنم ڏڻ جي نسبت سان

اعظم ڀٽي

عبدالستار ڳنڀير جو ادبي نالو آڪاش ٽکڙائي آهي, سندس والد جو نالو حفيظ الله ڳنڀير آهي. آڪاش ٽکڙائي جو جنم ۲ ڊسمبر ۱۹۷۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڳوٺ وسي ملوڪ شاھ (ٽکڙ) ۾ ٿيو، پرائمري تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي دارالعلوم هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري، ۱۹۹۶ع ۾ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪيائين، ۱۹۹۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان گريجوئيشن ڪيائين. ۲۰۰۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پوليس کاتي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيو. علم ۽ ادب سان چاھ کيس ورثي ۾ مليو. سندس ڏاڏو مرحوم عبدالستار ڳنڀير، جنهن جو نالو مٿس رکيل آهي، سو پنهنجي وقت جو سٺو اديب ۽ نقاد هو، سندس نانو مرحوم نور احمد ڪافيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو. سندس چاچو نجيب الله ”نجيب”ٽکڙائي ۽ مامو ضياءُ الدين ”تبسم”ٽکڙائي پڻ شاعريءَ جي دنيا سان سلهاڙيل رهيا. ان ادبي ورثي جي مالڪي ڪندي آڪاش ٽکڙائي جي من ۾ به شاعراڻا جذبا جاڳيا، جن کيس ادبي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. آڪاش ٽکڙائي ۱۹۹۸ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، ٿورو نثر لکڻ سان گڏ گهڻي تعداد ۾ شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد دائود "تاج" ٽکڙائي ۽ ڊاڪٽر فتح علي ”مخلص”ٽالپر آهن. آڪاش ٽکڙائي شاعري جي مختلف صنفن نظم، آزاد نظم، غزل، وائي، گيت، ٽيڙو، چوسٽي، قطعي، سانيٽ، ترائيل تي طبع آزمائي ڪندي نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعرن ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي. سندس شاعري جو وڏو حصو سماجي مسئلن جي نشاندهي تي مشتمل آهي, جنهن ۾ هن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي مظلوم ماڻهن سان ناانصافين کي سخت لهجي ۾ ننديو آهي. آڪاش شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ۲۰۱۱ع ۾ ”چنڊ بنا آڪاش اڌورو”۽ ۲۰۱۳ع ۾ ”توکي ياد ايندس مان”۽ ۲۰۲۱ع ۾ "انسان وڪامي ٿو "ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. آڪاش ٽکڙائي بزم ادب ٽکڙ, محمد خان غني ادبي تنظيم ۽ سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي. آڪاش ٽکڙائي پوليس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي علم ۽ ادب سان چاھ جو سفر جاري رکندو اچي، سنڌ جو هي حساس ۽ خوبصورت شاعر هن وقت به پوليس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي, سنڌ جي خاص طور لاڙ جي مختلف ٿاڻن تي ايس ايڇ او رهيو, سماجي بۡراين خلاف وڏي وٺ پڪڙ ڪري انهن بۡراين کي ٻۡنجو ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين, هن وقت ڊي آء بي بدين جو انچارج آهي. شال سندس علمي, ادبي ۽ نوڪريءّ وارو ڪردار سنڌ ۽ مظلوم سنڌي ماڻهن جي مجموعي ڀلائيءّ لاءِ مستقبل ۾ ڪي فخر لائق ۽ لاڀائتا نتيجا ڏيندڙ بڻجي!

اڄ سندس جنم ڏڻ آهي.

پيارا آڪاش ٽکڙائي! اوهانکي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون!!

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا