عبدالستار ڳنڀير ”آڪاش“ ٽکڙائي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
سنڌي ٻولي جي خۡوبصورت شاعر آڪاش
ٽکڙائي جو اصل نالو عبدالستار ڳنڀير آهي. سندس والد جو نالو حفيظ الله ڳنڀير آهي.
آڪاش ٽکڙائي جو جنم ۲ ڊسمبر ۱۹۷۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تاريخي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرزمين وسي ملوڪ
شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي دارالعلوم هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري، ۱۹۹۶ع ۾ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪيائين.
