روشن ٽنڊائي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
سنڌي ٻولي جو خۡوبصورت شاعر روشن "ٽنڊائي" پنهنجي شهر ٽنڊي محمد خان جي نسبت سان "ٽنڊائي" تخلص وارو واحد شاعر آهي، جيئن روايتي طور ٻين شهرن ۾ کوڙ سارا اهڙي تخلص وارا شاعر آهن، جن جو تخلص پنهنجي شهر يا علائقي جي نسبت سان سلهاڙيل آهي. پر ٽنڊي محمد خان جو "ٽنڊائي" تخلص وارو شاعر صرف روشن ٽنڊائي آهي.
روشن " ٽنڊائي"
جو اصل نالو روشن علي لغاري آهي، سندس والد جو نالو جاڙو خان لغاري آهي. هن ۱۸ سيپٽمبر ۱۹۷۲ع تي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ
سُونهارو خان لغاري ۾ جنم ورتو. پنهنجي ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هن وقت
پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل طور ملازمت ڪري رهيو آهي. ۱۹۹۸ع ڌاري ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ خاصپوره جي رهواسي عبدالغفور قريشي کي ڌاڙيل
آچو ملاح اغوا ڪري "مير جي کري" ويجهو ڪمند جي فصل ۾ اچي لڪو هو، جتي
پوليس ڪڙو چاڙهي، مقابلي بعد مغوي کي بازياب ڪرائي، ڌاڙيل آچو ملاح کي مقابلي ۾
ماري وڌو هو، جنهن مقابلي ۾ روشن ٽنڊائي کي پنج گوليون لڳيون هۡيون، هڪ گولي سندس ڳچيءّ
مان پار ٿي وئي هئي ۽ سندس زندگيءّ داءۡ تي لڳي چڪي هئي. رت ۾ لت پت روشن ٽنڊائي
زندگيءّ ۽ موت جي ڪشمش مان نڪري سۡرخۡرو ٿيو هو، ان وقت جي سنڌ جي چيف ايگزيڪيٽو
سيد غوث علي شاهه، ان وقت جي صوبائي صلاحڪار مير حيدر ٽالپر سان گڏ اعلي' پوليس
عملدارن جي موجودگيءّ ۾ سندس بهاديءّ جو قدر ڪندي کيس اجرڪ اوڍائي، هڪ لک روپيه روڪ
انعام ڏنو هو. روشن ٽنڊائي کان ڪير به سوال ڪندو آهي ته تون پوليس وارو ٿي ڪري،
شاعر ڪيئن ٿئين? ته هۡو روئي پوندو آهي ۽ ورائيندو آهي ته "ڇا آئون ماڻهو
ناهيان، آئون انسان ناهيان." روشن ٽنڊائي شاعري جي شروعات ۱۹۹۳ع کان ڪئي. شاعري جي شروعاتي سکيا استاد عالم خان لغاري کان ورتائين پوءِ
علم عروض جي باقاعده سکيا ۲۰۱۴ع ڌاري
نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو کان ورتائين. علم عروض جي ڄاڻ کان اڳ روشن ٽنڊائي جو
نالو ڪيسٽي شاعري واري دنيا ۾ ضرور گۡونجندو هو پر علمي، ادبي حلقن ۾ کيس اها
پذيرائي ۽ سۡڃاڻپ حاصل نه هئي، جيڪا سۡڃاڻپ کيس هن وقت حاصل آهي. ان ڳالهه جو اعتراف
روشن ٽنڊائي پاڻ به ڪندو رهيو آهي، حقيقت ۾ روشن ٽنڊائي جيڪو هن وقت ۽ دور حاضر جو
هڪ بهترين شاعر آهي ۽ شاعري جي دُنيا ۾ سُٺو نالو به ڪمايو اٿس. سندس شاعري جي
باقاعده سکيا ۽ تربيت جو سهرو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ادبي ويهڪن ڏانهن
ئي وڃي ٿو، جتي سندس شاعري، فن، فڪر ۽ عروضي پابندين ۾ نکار ۽ نواڻ آئي. روشن ٽنڊائي
سان منهنجي سۡڃاڻپ جو رستو توڙي جو پۡراڻو هو پر ۲۰۱۴ع ۾ جڏهن آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو سيڪريٽري هئس ته هر ڀيري
کيس سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ويهڪن ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت پيو ڏيندو هئس، منهنجي تمام
گهڻي اصرار تي روشن ٽنڊائي باقاعدگيءّ سان سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪن ۾ شريڪ ٿي سکڻ
۽ سيکارڻ واري عمل جو حصو ٿي ويو. جنهن کانپوء سندس شاعري جي دنيا به بدلجي وئي.
هۡو تۡڪبندي واري رستي کي ڇڏي علم عۡروض واري جهان جو شاعر بڻجي ويو. ان ڳالهه ۾ به
ڪو شڪ ناهي ته روشن ٽنڊائي جي شاعريءّ جي موجوده دور ۾ نکار، نواڻ ۽ ضابطي واري
طرز ۽ ترتيب ۾ نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو جو اهم ڪردار آهي، جنهن روشن کي وڌيڪ
پابند شاعري جي روشنيءّ ارپي. ان کان اڳ ڪيسيٽ جي دنيا جي حوالي سان سندس پهريون ڪلام
سنڌ جي نامور لوڪ فنڪاره فوزيه سومرو ڳايو هو، جنهن کانپوءِ ثمينه ڪنول، ديبا سحر،
ماسٽر منظور، ثريه سومرو، آخري جلال، يونس ڀان، علي حسن سولنگي ۽ ٻين سنڌي فنڪارن
سندس ڪلام ڳايا. سندس شاعري ڪيسيٽ جي دنيا ۾ به پسند ڪئي وئي ته ان سان گڏوگڏ سنڌ
جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ شايع ٿيندي رهي آهي. ۲۰۱۴ع ۾ هۡو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر ٿيو ۽ هن وقت تائين ان
سان سلهاڙيل آهي. بنيادي طور هۡو غزل جي صنف تي بهترين طبع آزمائي ڪندڙ آهي، پر
نثري نظم به ڏاڍا شاندار سرجيا اٿس. ان سان گڏوگڏ شاعريءّ جي ٻين صنفن آزاد نظم،
چوسٽي، ٽيڙو تي به طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. سندس شاعري ۾ اڪثر رومانويت جو عنصر وڌيڪ
نمايان رهيو آهي پر ھۡو پنهنجي ديس ۽ ان جي ماڻهن جي دردن، تڪليفن، مشڪلاتن ۽
سماجي مسئلن کان به بخۡوبي واقف آهي، سندس شاعريءّ ۾ اهڙي قسم جي عڪاسي به نمايان
نظر اچي ٿي. سندس شاعريءّ ۾ هجر ۽ فراق، دلبرين، دوکن، صدائن، جمالن، وڻن، گۡلن،
پوپٽن، پکين، آکيرن، علم، هۡنر، گهٽين، چوڪن، ماڙين، ڪکاون گهرن، منفي روايتن خلاف
ڌڪار، وڏيرياڻي، نوڪرياڻي، ڇوڪريءّ، جهونڙيءّ، ٻالڪپڻ، جوانيءّ، جوڀن، پيريءّ،
طوفانن، ڪنارن، غوطن، حجابن، ماڻهپي سميت اۡميد، آس ۽ اۡتساهه جا انيڪ موضوع سمايل
آهن. جن موضوعن سان سندس نڀاءۡ به ستارن جي سۡونهن جهڙو آهي. اها سۡونهن سدائين
سندس چهري تي به مۡرڪ جهڙي چنڊ جي علامت بڻيل آهي. سندس مزاج ۾ کوڙ ساريون مزاحيه ڪيفيتون
پيوست آهن.
روشن ٽنڊائي جي چونڊ شاعري ھيٺ ڏجي
ٿي:
غزل
قلم کي نچائي پئي شاعري،
غمن کي گھٽائي پئي شاعري.
نه آھي خبر عرش جي فرش جي،
ڪٿي اڄ اڏائي پئي شاعري.
جسم جۡھور منھنجو ٿيو آ مگر،
اوھان سان ملائي پئي شاعري.
اديبو! لکي مان اچان ٿو لڙي،
اڃان ھت گھمائي پئي شاعري.
رسالو کڻي شاه جو ڇوڪري،
پڙھي اڄ ٻڌائي پئي شاعري.
اڃان ڏات "روشن" رٺي ڪانه
آ،
اسان کان لکائي پئي شاعري.
*************************************************
غزل
ھن گلن جي باغ ۾ ھڪڙي اچي ٿي ڇوڪري،
پوپٽن جي سا پرن جھڙي لڳي ٿي ڇوڪري.
ھا جڏھن ڀي يار ھن جو ٿيو گذر
آھي ھتان،
ھي گھٽي ساري ڪري خوشبو وڃي ٿي ڇوڪري.
ڪو نھاري ٿو جڏھن ڪاليج ويندي
اک کڻي،
سر جھڪائي سينڌ پوتي سان ڍڪي ٿي
ڇوڪري.
روز ويھي گھر اڱڻ ۾ نقش ڪي سھڻا
چٽي،
خوبصۡورت ڀرت ھٿڙن سان ڀري ٿي ڇوڪري.
شاه جو کولي رسالو بيت وايون سڪ
منجھان،
رات جو ڏيئو جلائي ڪا پڙھي ٿي ڇوڪري.
ماءۡ پيءۡ جي مانۡ جو جيڪا به
رکندي آ ڀرم،
سا ته "روشن" چنڊ
وانگر ھت رھي ٿي ڇوڪري.
*************************************************
غزل
ٿو ڇڏيان توکي وساري ھاڻ بس،
سڀ ڇڏيان ٿو خواب ٻاري ھاڻ بس.
کوڙ ڀيرا عشق نانگي آ ڏنگيو،
ڪو ڀلي ڪيڏو ڊڄاري ھاڻ بس.
ھن زماني بي وڙي کان مۡنھن ڪري،
ھي عمر ڇڏبي گذاري ھاڻ بس.
ڊپ رھيو طوفان جو ھاڻي نه آ،
مان پۡڳو آھيان ڪناري ھاڻ بس.
دل ذرا پرزا ڪري منھنجي ھتي،
سو وري اڄ پيو پڪاري ھاڻ بس.
آ گھڻو ٿيڙيو اسان کي ويو مگر،
پاڻ کي وياسين سنڀاري ھاڻ بس.
گۡھم ڀلي پيو تون ھتي ٿي بي
حجاب،
ڪونه ٿو "روشن" نھاري
ھاڻ بس.
*************************************************
نثري نظم
پئسا ھوندي به
آئون پنھنجي ٻارن کي
اسڪول جي خرچي
تمام گھٽ
ڏيندو آھيان
جو ھڪ ڀيرو ئي
شئي وٺي
کائي سگھن
ذري ذري
پنھنجي ٻارن کي
اسڪول ۾
شئي وٺي کائڻ
مناسب
نٿو سمجھان
ڇو ته
اسڪول ۾
بنا خرچي جي
غريب ٻار به
ايندا آھن.
*************************************************
نثري نظم
شڪاري جي
بندوق جي ٺڪاء تي
وڻ تي ويٺل
پکين ۾
ڦڙ ڦڙاھٽ پئجي وئي
کنڀن ھوا ۾
ملي پئي موڪلايو
بيوس ھڪ پکي
ڀڳل کنڀڙاٽي
رت ۾ ڳاڙھو
وڻ تان ڪري
پئي ڦٿڪيو
شڪاري بيٺي مۡرڪيو!!
روشن ٽنڊائي
ٽنڊي محمد خان جو حُسن
پرست، عاشق مزاج شاعر ۽ سندس ٽي غزل
مٺل جسڪاڻي
چوان سچ چون ٿا، چريو يار مون
کي،
ڪري اڄ ڇڏيو آ، سڀن ڌار مون کي.
زماني اڳيان ڪنڌ، منھنجو جھڪائي،
کپي ڪين اھڙو، گلي ھار مون کي.
کڻي آئينو پاڻ کي، اڄ ڏٺو مون،
لڳا ڪي سفر جا، پڪا پار مون کي.
جڏھن ڪو چوي ٿو، ٽٽي سنڌ ويندي،
اھا ڄڻ ھجي ڪنھن، ڏني گار مون
کي.
سيارو ھجي يا، اونھارو ھجي پر،
اوھان جي رھي ٿي، سدا سار مون
کي.
مٺو ساھ آھي، انھي کان به
‘روشن’،
مٺا ٿا لڳن، پتڪڙا ٻار مون کي.
منھنجي خيال ۾ مٿيون غزل روشن ٽنڊائيءَ
جو نڪور غزل آھي، ان کان پوءِ بہ جيڪڏھن لکيو ھوندس، تہ اھو ھيٺيون غزل ٿي سگهي ٿو،
ڇو تہ ھي غزل مٿئين غزل کان پوءِ پڙھڻ لاءِ موڪليو ھئائين. اوھان بہ پڙھو:
مان اکيون پنھنجون جڏھن پورڻ لڳس،
تون اکين ۾ ڄڻ ھئين ڇرڪڻ لڳس.
ڪون آيو ڪو پڇڻ ھو جيئري،
سڀ ھلي آيا جڏھن لٽجڻ لڳس.
ٿي رنو مالھي اتي ان باغ جو،
وڻ جڏھن گلشن منجھان وڍجڻ لڳس.
ھن گھٽين ۾ ٿا ڪتا رولو رلن،
وڃ نه ٻاھر ٻار کي روڪڻ لڳس.
زندگي جي ھن سفر ۾ دوستو،
مان ڌڪن ٿيلھن ۾ ھت پلجڻ لڳس.
تو ڇنو آھي جڏھن کان اي پرين،
ھا تڏھن کان جام کي اوتڻ لڳس.
مٽ نه ڪوئي آ سڄڻ منھنجو رھيو،
پاڻ کي تنھا ڏسي سڏڪڻ لڳس.
عشق تنھنجي نانءُ ‘روشن‘ آ ڪيو،
اڄ ڪتابن ۾ تڏھن ڇپجڻ لڳس.
ٽنڊي محمد خان جي حُسن پرست،
عاشق مزاج شاعر روشن ٽنڊائي (روشن علي لغاري) سان منھنجي پھرين روبرو ملاقات شاعري
جي عالمي ڏينھن ۲۱ھين مارچ ۲۰۲۱ع (۲۱.۰۳.۲۱) تي ٽنڊي محمد خان جي ٻين بہ ڳچ سارن
شاعرن جي موجودگيءَ ۾ ٿي ھئي. مون وٽ ان وقت محفوظ ڪيل تصوير بہ آھي. ٽنڊي محمد
خان جي ئي معروف قلمڪار اعظم ڀٽي، ۱۸ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي جنم ڏينهن جون مۡبارڪون ڏيندي،
روشن لاءِ ”نئين ٽهيءّ جو نوجوان شاعر“ لکيو آھي. سندس مڪمل تعارف سان گڏ شخصيت ۽
شاعري جي حوالي سان لکيائين تہ ”اسانجو هڪ دوست آهي ته پوليس وارو پر الئه ڇو هۡو
مونکي ورديءّ ۾ شاعر محسوس ٿيندو آهي ۽ عام سادي لباس ۾ وري پوليس وارو لڳندو آهي،
ٿي سگهي ٿو اهو سندس زندگيءّ جو منفرد رۡوپ هۡجي. ذاتي ۽ سماجي نوعيت جي اعتبار
کان هۡو انتهائي ملنسار، شفيق ۽ ميٺاج واري گفتار جو مالڪ آهي، نالي جي نسبت سان
هۡو، جنهن جاء تي به هۡجي، هميشه نروار ۽ روشن ئي ڀاسندو آهي. شايد اها سندس نالي
جي ئي خاصت آهي. سندس نالو ئي روشن آهي، ڪي کيس روشن لغاري سڏين ته ڪي اهل قلم ۽
اهل دانش کيس وري روشن ٽنڊائي جي نانءۡ سان سۡڃاڻين ٿا. سندس تخلص به انتهائي
اهميت ۽ افاديت جو حامل آهي، جنهن ۾ پنهنجي جنم ڀوميءّ سان پيار ۽ محبت جي موسم
هميشه جوڀن ۾ نظر اچي ٿي“.
اعظم ڀٽي وڌيڪ لکيو، تہ ”منهنجي
ڄاڻ موجب ٽنڊو محمد خان نه رڳو هڪ وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز رهيو آهي پر ان ۾ شاعرن جو
به اڻ ڳڻيو انگ شامل آهي، پنهنجي شهر ٽنڊي محمد خان جي نسبت سان تخلص وارو هي واحد
شاعر آهي، جيئن روايتي طور ٻين شهرن ۾ کوڙ سارا اهڙي تخلص وارا شاعر آهن، جن جو
تخلص پنهنجي شهر يا علائقي جي نسبت سان سلهاڙيل آهي، پر ٽنڊي محمد خان جو "ٽنڊائي"
تخلص وارو شاعر صرف روشن ٽنڊائي آهي.“ تفصيلي تعارف ڪرائيندي اعظم ڀٽي لکيو، تہ
”روشن ”ٽنڊائي“ جو اصل نالو روشن علي لغاري آهي، سندس والد جو نالو جاڙو خان لغاري
آهي، روشن ٽنڊائي ۱۸ سيپٽمبر ۱۹۷۲ع تي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سُونهارو خان لغاري ۾
پيدا ٿيو. پنهنجي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو
محمد خان مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هن وقت پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل طور نوڪري
ڪري رهيو آهي.“ اعظم ڀٽي موجب ”شاعري جي شروعات ۱۹۹۳ع کان ڪيائين. شاعري جي
شروعاتي سکيا استاد عالم خان لغاري کان ورتائين پوءِ علم عروض جي باقاعده سکيا ۲۰۱۴ع
ڌاري نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو کان ورتائين. علم عروض جي ڄاڻ کان اڳ روشن ٽنڊائي
جو نالو ڪيسٽي شاعري واري دنيا ۾ ضرور گۡونجندو هو پر علمي، ادبي حلقن ۾ کيس اها
پذيرائي ۽ سۡڃاڻپ حاصل نه هئي، جيڪا سۡڃاڻپ کيس هن وقت حاصل آهي، ان ڳالهه جو
اعتراف روشن ٽنڊائي پاڻ به ڪندو رهيو آهي.“ آئون بہ اعظم ڀٽي جي ان راءِ سان سھمت
آھيان، تہ ”حقيقت ۾ روشن ٽنڊائي جيڪو هن وقت ۽ دور حاضر جو هڪ بهترين شاعر آهي ۽
شاعري جي دُنيا ۾ سُٺو نالو به ڪمايو اٿس. سندس شاعري جي باقاعده سکيا ۽ تربيت جو
سهرو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ادبي ويهڪن ڏانهن ئي وڃي ٿو، جتي سندس
شاعري، فن، فڪر ۽ عروضي پابندين ۾ نکار ۽ نواڻ آئي.“
اعظم ڀٽي لکي ٿو، ”ان ڳالهه ۾
به ڪو شڪ ناهي ته روشن ٽنڊائي جي شاعريءّ جي موجوده دور ۾ نکار، نواڻ ۽ ضابطي واري
طرز ۾ نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهي جو اهم ڪردار آهي، جنهن روشن کي وڌيڪ روشنيءّ
ارپي. ان کان اڳ ڪيسيٽ جي دنيا جي حوالي سان سندس پهريون ڪلام سنڌ جي نامور لوڪ فنڪاره
فوزيه سومرو ڳايو هو، جنهن کانپوءِ ثمينه ڪنول، ديبا سحر، ماسٽر منظور، ثريه
سومرو، آخري جلال، يونس ڀان، علي حسن سولنگي ۽ ٻين سنڌي فنڪارن سندس ڪلام ڳايا.
سندس شاعري ڪيسيٽ جي دنيا ۾ به پسند ڪئي وئي ته ان سان گڏوگڏ سنڌ جي مختلف رسالن ۽
اخبارن ۾ پڻ شايع ٿيندي رهي. بنيادي طور هۡو غزل جي صنف تي بهترين طبع آزمائي ڪندڙ
آهي، پر نثري نظم به ڏاڍا شاندار سرجيا اٿس. ان سان گڏوگڏ شاعريءّ جي ٻين صنفن تي
طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ ڪندو رهي ٿو. سندس شاعري ۾ اڪثر رومانويت جو عنصر وڌيڪ
نمايان رهيو آهي پر ھۡو پنهنجي ديس ۽ ان جي ماڻهن جي دردن، تڪليفن، مشڪلاتن ۽
مسئلن کان به بخۡوبي واقف آهي، سندس شاعريءّ ۾ اهڙي قسم جي عڪاسي به نمايان نظر
اچي ٿي. سندس شاعريءّ ۾ هجر ۽ فراق، دلبرين، دوکن، صدائن، جمالن، وڻن، گۡلن، پوپٽن،
پکين، آکيرن، علم، هۡنر، گهٽين، چوڪن، ماڙين، ڪکاون گهرن، منفي روايتن خلاف ڌڪار،
وڏيرياڻي، نوڪرياڻي، ڇوڪريءّ، جهونڙيءّ، ٻالڪپڻ، جوانيءّ، جوڀن، پيريءّ، طوفانن ، ڪنارن،
غوطن، حجابن، ماڻهپي سميت اۡميد، آس ۽ اۡتساهه جا انيڪ موضوع سمايل آهن. جن موضوعن
سان سندس نڀاءۡ به ستارن جي سۡونهن جهڙو آهي. اها سۡونهن سدائين سندس چهري تي به
مۡرڪن جي چنڊ جي علامت بڻيل آهي.“ منھنجي خيال ۾ ھن تحرير جي پڄاڻي، روشن ٽنڊائي
جي ان غزل سان ٿيڻ گهرجي، جيڪو ھن مون ڏانھن، منھنجي موڪليل نياپي ”پنھنجي شاعري پڙھايو“
جي جواب ۾ موڪليو ھو:
قسمتون ڪيڏانھن ويون ڳولھيون
اچو،
محبتون ڪيڏانھن ويون ڳولھيون
اچو.
ٺاھي زنجيرون ھٿن جون پاڻ سڀ،
چاھتون ڪيڏانھن ويون ڳولھيون
اچو.
قرب واريون ساڳيون اي دوستو،
صحبتون ڪيڏانھن ويون ڳولھيون
اچو.
جن ڪيون پنھنجون ھتي ٿي بار بار،
پارتون ڪيڏانھن ويون ڳولھيون اچو.
ڇو رھيون روشن ‘ٽنڊائي’ ڪون ھت،
راحتون ڪيڏانھن ويون ڳولھيون
اچو.
(ڏھاڙي ”آجيان“ شڪارپور، اڱارو ۱۱
جولاءِ ۲۰۲۳ع)
No comments:
راءِ ڏيندا