محمد سومار سنگم
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر محمد
سومار سنگم ولد الهڏنو مڱڻهار ۵ جنوري
۱۹۶۳ع تي ڳوٺ الهڏنو مڱڻهار، يونين
ڪائونسل لاکاٽ، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو. ابتدائي ديني تعليم ۱۹۷۲ع ۾ مدرسو ڳوٺ سيري مولوي محمد عيسيٰ زئور ۽ مدرسو ڳوٺ ارباب حاجي محمد
سمون ۾ مولوي حاجي محمد سليمان جتوئي کان حاصل ڪيائين، ۱۹۷۷ع ۾ پرائمري اسڪول لاکاٽ مان پرائمري جا پنج درجا پاس ڪري ۱۹۸۲ع ۾ فوجي شوگر ملز هاء اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مئٽرڪ ڪيائين، ۱۹۸۴ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان
انٽر پاس ڪيائين.
