محمد عمر سولنگي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد
خان
اعظم ڀٽي
سنڌ ۾ سۡگهڙن ۽ شاعرن جو انگ ايترو ته وسيع رهيو آهي جو ان جي مڪمل نموني سان اڃا تائين ڪٿ به نه ٿي سگهي آهي، توڙي جو کوڙ سارن ليکڪن ۽ محققن ان قسم جي سهيڙ جو شاندار ڪم به ڪيو آهي. ان جي باوجود اهڙي هيرن جهڙي کاڻ جو ڪو مڪمل دستاويز نه جۡڙي سگهيو آهي. ٻيو اهم سبب اهو به آهي ته اهو انگ وقت جي حساب سان وڌندڙ ئي رهيو آهي، هڪڙن جي جاء ٻيا ڀريندا پيا اچن يا ائين کڻي چئجي ته اهو سلسلو تاحال جاري ۽ ساري آهي. سنڌي شاعريءّ جي آسمان تي لاتعداد نالا اھڙا آهن، جيڪي نسلن لاء ڄڻ ته نوان آهن يا انهن بابت ڄاڻ ڦهلجي نه سگهي آهي. اهڙن نالن مان محمد عمر سولنگي به هڪ آهي.
