; سنڌي شخصيتون: شنگرفي حڪيم، حسين ڪپري،
Showing posts with label شنگرفي حڪيم، حسين ڪپري،. Show all posts
Showing posts with label شنگرفي حڪيم، حسين ڪپري،. Show all posts

19 April, 2024

شنگرفي حڪيم

شنگرفي حڪيم

حسين ڪپري



تن طبيب ته گهڻا ٿي گذريا پر حڪيم سائين ڏني سنياسي جي ڳالهه ڪجهه اور آهي. سندس باري ۾ ايتريون ڳالهيون مشهور آهن جيتريون محلاتي سازشن جي باري ۾ به ڪونهن.

هو وڏو نبض شناس ۽ قابل حڪيم آهي. هن وٽ لاعلاج مريض به شفاياب ٿين ٿا ۽ موت کان سواءِ هر مرض جو علاج ڪري ٿو، انهيءَ ڪري کيس شفاءُ الملڪ جو لقب به مليل آهي.

هو هڪ اشراف، دل جو صاف ۽ سادو شخص آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ماڻهو سندس سادگيءَ جو ناجائز فائدو به وٺي ويندا آهن.