; سنڌي شخصيتون: اميد علي شاهه، اُميدن ڀريو، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label اميد علي شاهه، اُميدن ڀريو، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label اميد علي شاهه، اُميدن ڀريو، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

12 April, 2024

اميد علي شاهه “اُميدن ڀريو”

اميد علي شاهه “اُميدن ڀريو”

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



اميد علي شاهه جو شمار سنڌ جي بهترين ڪافي گو شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس خاندان جو سلسلو ملتان جي غوثيه بزرگن سان ملي ٿو. اميد علي شاهه جا وڏا سنڌ جي قديم ماڳ اگهاماڻي شهر ۾ رهندا هئا، جتي سندس وڏن جا مقبرا موجود آهن. اميد علي شاهه ٽنڊو محمد خان جي نصير آباد پاڙي ۾ اچي رهيو، هتي ئي زندگي جا ڏهاڙا گذاري، هتي ئي وفات ڪيائين ۽ هتي ئي مدفون ٿيو، کيس خانداني بزرگي واري سلسلي سبب اميد علي شاهه “ اميدن ڀريو” به سڏيو ويندو هو. سندس جنم ۱۷۸۵ع مطابق ۱۲۰۰ هجري ڌاري ٿيو.