ساگر سڪندر پُسيو
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
ساگر سڪندر پُسيو نه رڳو هڪ سريلو
سنجيده شاعر آهي پر طنز و مزاح توڙي مزاحيه شاعري ۽ ان ۾ به خاص طور پيروڊي تي کيس
خاص ملڪو حاصل آهي. سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح جي ميدان جو انتهائي سرگرم تخليقڪار آهي،
جنهن جو پنهنجو اسلوب آهي، پنهنجي واٽ اٿس، دوست هن کي سڪۡو پسيو به سڏيندا آهن پر
نئين ٽهيءّ جي هن نوجوان شاعر ساگر سڪندر علي پُسيو جو اصل نالو محمد عرس پُسيو ۽
سندس والد جو نالو گل محمد پُسيو آهي.
