; سنڌي شخصيتون: مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

13 April, 2024

مير محمد خان ٽالپر

مير محمد خان ٽالپر

ٽنڊو محمد خان شهر جو باني

اعظم ڀٽي



تاريخ جي ورقن مان پتو پوي ٿو ته ٽالپرن جي دور کان وٺي انگريزن تائين ٽالپر قبيلي جي چئن شاخن يعني شهداداڻي، خاناڻي، ماڻڪاڻي ۽ شاهواڻين کي وڏي اهميت حاصل هئي. سڀ جا سڀ وڏا جاگيردار به هئا ته وري ٽالپرن کان وٺي انگريزن جي دور حڪومت تائين ۽ ان کانپوءِ به سندن وڏو اثر رسوخ رهيو. انهن چئني شاخن جي سربراهن کي درٻارن توڙي برطانوي راڄ جي زيراهتمام ٻين خاص قسم جي تقريبن توڙي مخصوص قسم جي پروگرامن ۾ باضابطه طور دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. خيرپور، ميرپورخاص توڙي حيدرآباد جي ٽالپرن توڙي انهن جي تاريخ تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن قدر تحقيقي ڪم ٿيو به آهي.