پير ماجد جان سرهندي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
نئين ٽهيءّ جو نوجوان شاعر پير
ماجد جان سرهندي ۸ جنوري ۱۹۸۷ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ ٽنڊو سائينداد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو پير
محمد سعيد جان سرهندي آهي. ٽنڊو سائينداد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان شروعاتي
پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. ۲۰۰۶ع ۾
فوجي فائونڊيشن هاء اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر جو امتحان پاس
ڪيائين. ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان
گريجوئيشن ڪيائين. تيرنهن سالن جي عۡمر ۾ ۲۰۰۰ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. شاعري ۾ سندس شروعاتي استاد آغا جان آغا ۽
خيال سنڌي آهن. جن کان شاعري جي سکيا وٺندي، غزل ۽ چوسٽي جي صنفن تي طبع آزمائي
ڪئي اٿس. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو مستقل ۽ سرگرم رۡڪن آهي. ۲۰۱۵ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري
ڪميٽي جو ميمبر رهندو اچي.
