آشا درگاپوري
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
آشا درگاپوري، سنڌي ٻولي جو
ناميارو اديب، دانشور ۽ شاعر ٿي گذريو، سندس اصل نالو بولچند تيرٿداس نارواڻيءَ
هو. سندس ادبي نالو آشا درگاپوري هو. هن ۱۰ ڊسمبر ۱۹۲۸ع تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ جنم
ورتو. هۡن جو ٻالڪپڻ ۽ ڦۡوهه جواني جو شروعاتي عرصو ٽنڊي محمد خان شهر ۾ گذريو.
ايم اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي جي وڍ سبب انڊيا لڏي ويو، جتي راجا پارڪ،
سنڌي ڪالوني، فتح ٽيبا، ان بعد جئپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هو هند ۽ سنڌ جي
ناميارن اديبن ۾ پنهنجو علمي ۽ ادبي ڌاڪو ڄمائي ويو.
