; سنڌي شخصيتون: شبير هاتف، اعظم ڀٽي، احمد سولنگي،
Showing posts with label شبير هاتف، اعظم ڀٽي، احمد سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label شبير هاتف، اعظم ڀٽي، احمد سولنگي،. Show all posts

09 March, 2024

شبير هاتف

شبير هاتف

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



شبير هاتف جو اصل نالو شبير علي شاهه ۽ سندس والد جو نالو سيد الهه بخش شاهه هو. سندس جنم ۲۸ صفر ۱۳۵۹ هجري مطابق ۴ اپريل ۱۹۴۰ع تي وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو. هي ڪافي جي ڀلوڙ شاعر حافظ شاهه جو ڏوهٽو، قاضي اسدالله شاهه ”فدا“ جو پوٽو، غلام رسول شاهه ”سوز“ ٽکڙائي جو ڀاڻيجو، سيد ميران محمد شاهه جو ڀائيٽو، حافظ شاهه ”ناطق“ حسيني ۽ اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني جو ننڍو ڀاءُ، امداد حسيني جو سئوٽ هو.