سيد غلام مصطفيٰ شاھ
قومي اسيمبلي جو ڊپٽي
اسپيڪر
اسحاق سومرو
سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو تعلق سنڌ
جي ھڪ پراڻي سياسي ۽ جاگيردار گهراڻي سان آھي. سندس ڏاڏو، والد ۽ چاچو پڻ اسيمبلي
ميمبر رھيا آھن. سندس خاندان جو تعلق سنڌ جي لڪياري سيدن جي ميان پوٽي آڪھ سان
آھي. سندس پڙ ڏاڏو سيد ميان پير شاھ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سندن ڪاردار (مختيارڪار)
ٿي محرابپور تعلقي سڪرنڊ ۾ اچي مقيم ٿيو. محرابپور ۽ صدر آصف علي زرداري جو آباڻو ڳوٺ
فتوحل زرداري سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي واقع آھن. ٻنھي پاڙيسري ڳوٺن وچ ۾ مفاصلو ۱۰
ڪلوميٽر ٿيندو. ٻنھي جو تعلق سڪرنڊ تعلقي ضلعي شھيد
بينظير آباد سان آھي. سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو ڏاڏو سيد حسن بخش شاھ ۱۹۵۳ ۽ ۱۹۵۶ واري مغربي پاڪستان اسيمبلي جو
ميمبر رھيو. پاڻ جي ايم سيد جو ھمعصر ۽ کيس انتھائي ويجھو رھيو. مسلم ليگ، عوامي
محاذ، ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۾ ساڻس گڏ رھيو. ياد رھي ته سيد حسن بخش شاھ مغربي پاڪستان
اسيمبلي جو سنڌ مان انھن چئن ميمبرن مان ھڪ ميمبر ھو، جيڪي ون يونٽ جو بل پاس ٿيڻ
واري ڏينھن تي اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر رھيا ۽ ون يونٽ جي حق ۾ پنھنجي ووٽ
جو حق استعمال نه ڪيائون.
