; سنڌي شخصيتون: انعام ٽکڙائي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label انعام ٽکڙائي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label انعام ٽکڙائي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

09 March, 2024

انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جو ناليوارو شاعر، ليکڪ، اداڪار، صداڪار، سياستڪار، نوحه خوان انعام ٽکڙائي ۸ اپريل ۲۰۲۱ع تي وڇوڙي جو وڍ ڏئي هليو ويو، انعام ٽکڙائي جو جنم انتهائي غريبي واري ماحول ۾ ۱۲ آگسٽ ۱۹۶۶ع تي سنڌوءَ دريا جي هنج ۾ ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو. سندس اصل نالو احمد علي ڳنڀير ۽ والد جو نالو محمد خان ڳنڀير هو. پرائمري کان مڊل تائين تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين.