; سنڌي شخصيتون: چاچا غلام حسين عرف ادا باشن - طارق کجڙ

29 April, 2022

چاچا غلام حسين عرف ادا باشن - طارق کجڙ

چاچا غلام حسين عرف ادا باشن

طارق کجڙ



منهنجو خيال آ ڪنهن به ماڻهون تي لکڻ شروع ڪجي ته قلم تيستائين سٺي تحرير نه ٿو ڏئي سگهي.. جيستائين ڪردار ڀرپور نه هجي.. اشفاق احمد کي ٽي وي تي ٻڌم. چوي پيو ته؛ پنهنجي ڪھاڻين لاءِ ڪردارن جي تلاش ۾ ڳوٺن، واهن ۽ دور دراز علائقن ڏانهن نڪري ويندو آهيان.. اهڙو ئي منفرد ڪئريڪٽر منهنجو چاچا غلام حسين عرف ادا باشن هو.. جنهن کي پيار مان ڏاڏي سائڻ بادشاه سڏيندي هئي پر ماڻهن کي بادشاه شايد ڏکيو لڳندو هو.. ڦيرائي کيس باشن يا باشو ڪري ڇڏيو..


سندس بچپن جي گهڻي خبر ناهي پر لاڏلو پٽ هو..وڏي ٿيڻ سان جھيڙا جھڳڙا معمول ها، شايد فلمن جي بدماشن کان متاثر ٿي ست ٺکائو چاقو به رکندو هو.. جڏهن سينيما جي عروج وارو دور هو ته سينما تي ڪم ڪندي بليڪ تي ٽڪيٽون به کپائيندو هو

پوليس جا معاملا پيا ٿيندا هئا.. بابا سائين کي سندس مستقبل جو فڪر هو تنهن سڌارڻ خاطر پوليس ۾ سپاهي ڀرٿي ڪرايو پر اتي به انسٽرڪٽر سان جھيڙو ڪري ٽريننگ دوران نوڪري ڇڏي گهر پھتو. شادي ڪراينس ۽ هڪ اڌ ٻار به پيدا ٿيس، جيڪي پيدا ٿيڻ سان گذاري ويا. سندس زال به ٻار کي جنم ڏيندي گذاري وئي..

سموري زندگي، شاديءَ جو شوق رهيس پر ڪوششن جي باوجود آخر تائين شادي نه ڪري سگهيو. شادي لاءِ ڏاج به گڏ ڪندو رهيو. جڏهن پيسن جي ضرورت پوندي هيس ته گڏ ٿيل ڪپڙا لٽا، زيور ڀڳڙن مٺ کپائي به ڇڏيندو هو.

اسان جي حمل واري پراڻي گهر جي پھرين ماڙ تي ٺھيل ڪمري ۾ رهندو هو، جيڪا سندس ڪل ڪائنات هئي...  چوندا آهن ڇڙو ڇانڊ ماڻهو به شيطان جو گهر سو بادشاه صرف نالي جو نه پر طبيعتن به هو.

جاڳندي وڏا خواب ڏسندو هو.. کيس يقين هو ته جلد ڪروڙ پتي ٿي ويندس ان لاءِ روز نوان دڳ تلاشيندو هو جيڪي سمورا خيالي هئا. جيئن هڪ ڀيري جادو سکڻ شروع ڪيائين ڪمري ۾ جنتريون، حساب، انگن سان ڀريل پنا سندس ڪمري ۾ هر جاءِ تي پيا هوندا هئا. حساب ۽ آيتون ڪمري جي ڀتين تي نظر اينديون هيون.. ڪيترا ڏينهن، مھينا ڪمري ۾ گزاريندو هو. جڏهن نڪرندو هو ته منهن ڍڪي ٻاهر ايندو هو. ماني جي به پرواه نه هوندي هيس جيڪا ڪمري تي در تي رکي ڇڏبي هئي. جادو جو جنون ڪجھ مهينن يا سالن ۾ ختم ٿيو ته جنن جي پويان لڳو. سڄي رات ويٺو جنن سان ڪچھريون ڪري، وظيفه پڙهي اهو شوق به چڱو وقت هليو.

هڪ ڀيري علاؤالدين جو جن هٿ ڪرڻ پئي چاهيائين.. مختلف قسم جا چراغ هر روز وٺيو اچي. انهن کي هٿ سان گسائيندي جن کي اچڻ جو چوندو هو.. اسان ٻارن لاءِ تماشو هو کلندا هئاسين. کيس پختو يقين هو هڪ ڏينهن علاؤالدين جو جن هٿ ڪري وٺندو.. جيڪو نه رڳو پيسا آڻي ڏيندو پر ڪا شھزادي به گهرائي ڏيندو جنهن سان شادي ڪندو.. سمورو مال متاح کپائي مختلف قسمن جا چراغ اسٽيل ۽ لوه جا آڻي رکيا هئا. خير نه جن آيو نه دولت ملي ۽ نه ڪا شھزادي آئي.. سموري محنت رائگان ڪجه حاصل نه ٿيو ته چراغ لوه پراڻي واري کي کپائي ڇڏيائون.

چراغن جي پچر ڇڏي ڪرت مٽائي ڪورٽ ۾ منشيگيري شروع ڪيائين. ٿوري وقت ۾ ترقي ڪري، ڪنهن وڏي وڪيل شايد اعواڻ صاحب جو منشي ٿيو، جيڪو ڪرماباغ ۾ رهندو هو ۽ منڊڪائي هلندو هو. ڪورٽ ۾ وڪيلن سان ڪم ڪندي، قانون جا لاها چاڙها جلد سکي ورتائين ۽ جام پيسا ڪمائڻ لڳو.. روز ڳاڙها نوٽ ڏيکاري خوشيءِ ۾ ٻھڪندو هو. کيس يقين هو هاڻي جلد ڪروڙ پتي ٿيندس، گاڏيون ۽ بنگلا هوندا. هڪڙي سائيڪل هوندي هيس جنهن تي ڪورٽ ويندو هو، مون کي اڳيان ويهاري دڪان تان شيء به وٺي ڏيندو هو. جڏهن پيسا گهڻا هوندا هئس ته خرچي به ڏيندو هو.

ڪجھ وقت منشيگيري ڪرڻ کان پوءِ عريضي نويسي شروي ڪيائين.. ۽ پڙهيل قسم جا نوجوان منشي به رکيائين جن ۾ هڪڙو وڪيل هو.. منشي گهر جو ڪم ڪار به ڪندا هئا. جڏهن به آنڌي ۽ طوفان اچي ته چوندو هو؛ آسمان مان اڄ ڊالر ڪرندا...  مالڪ جا شڪر ادا ڪندو هو...  .. ماڻهو طوفاني هوائن سبب پريشان. ادا شڪر ٿو ڪري! ڳالھ سمجه کان ٻاهر هئي. بارش ۽ طوفان جهڪي ٿيڻ بعد صبح جو اسر ويل نڪري ويندو هو.. واپس اچي پيٽي ڏانهن اشارو ڪري ٽھڪ ڏئي چوندو هو ڊالر ميڙي آيس.. هڪ دفعي چيم؛ “ادا ڊالر ڏيکاريو ڀلا؟!”

 پيتي کوليائين ته ان ۾ پراڻا دستاويز پيا هئا ڪجھ پاڪستان جي شروعات دور جا ڪي انگريزن جي دور جا هئا.. جيڪي طوفاني هوائن ۾ ڪورٽ جي رڪارڊ رومز مان لاماري ڏيندي ٻاهر ڪريا هئا اهي ميڙي کڻي ايندو هو.. بعد ۾ انهن کي سڪائي، لکت ڊاهي صاف ڪري کپائيندو هو. صاف ڪرڻ دوران تبرو به ڪندو هو ته ڪروڙن جا آهن يا وري هر دستاويز جي قيمت ٻڌائي چوندو هو هي پنجاه هزار جو هي لک آهي.. هي پنجن لکن جو وغيره.

مان چوندو هيومانس؛ “ادا هي ته پنا آهن. ڊالر ڪٿي آهن؟” جواب ۾ وڏا ٽھڪ ڏئي چوندو هو؛ “چريا تو کي ڪھڙي خبر؟ هنن دستاويزن مان ڪروڙين رپيا ڪمائيندس. اصلي تو کي ارب پتي ٿو ٿي ڏيکاريان.”

اسان کلون ويٺا ادا حوال ٿو ڪٽي. سندس ڊراڙون مشهور هونديون هيون... ڪروڙن کان گهٽ ته ڳالھ ئي نه ڪندو هو.. پيسا ڪمائيندو به جام هو پر خرچ به جلد ڪري ڇڏڻ سبب پيئسن لاءِ پريشان به رهندو هو.. پوء لکن جا دستاويز سون به ڏئي ڇڏيندو هو.

مون کي ياد آهي لاڙڪاڻي شھر جا چڱا مشهور ماڻهو به صلاحون وٺڻ يا دستاويز لکرائڻ ۽ خريد ڪرڻ ايندا هئا.. چوندو هو ڦلاڻي کي ڪروڙن جي زمين لکي ڏني. مان پڇندو هومانس؛ “تو کي گهڻا ڏنائون؟” ته چوندو هو؛ “ڏه هزار!”

“ادا تو هنن کي ڪروڙن جي زمين رڳو ڏه هزار ۾ لکي ڏني؟”

چوندو هو.. “ابا سڃا لڳا پيا آهيون! پيسو ئي ڪونهي ڀلا جيڪي پرائي گهران آيا!”

پٺاڻن وانگي دستاويز جي قيمت، لکن کان شروع ڪندو هو پر ڏئي هزارن ۾ ڇڏيندو هو.

احمد نواز ڀٽي ۽ سندس ڀاءُ ۽ ٻين ڪيترن جي ملڪيتن جو صلاحڪار به هو ۽ اهي گهر ملڻ پيا ايندا هئا ۽ کيس ڪچھري ڪري سگريٽ ۽ پيسا به ڏنيو ويندا هئا.

ڪنهن همراه پڇس؛ “سرڪاري زمين آهي ان تي قبضو ڪرڻو آهي پر ٻيا به ان زمين تي نظرون رکيو ويٺا آهن ڪا صلاح ڏي.”

چيائينس؛ “تون زمين پنهنجي نالي لکراء... پوء ڪنهن دوست کي چئو ته ڪورٽ ۾ تنهنجي مٿان ڪيس داخل ڪري. زمين تي دعوا جمع ڪرائي. ڪورٽ کي اهي تنهنجا ڪاغذ پيش ڪنداسين ته زمين اسان جي آهي ۽ وري تنهنجو دوست ڪيس تان هٿ کڻي وڃي.. ڪورٽ زمين بابت تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏيندي.. ڪورٽ سڳوري جي فيصلي کي ڪير چيلينج نه ڪندو زمين تنهنجي ٿي ويندي.”

فلمن ۽ وي سي آر جو دور ۾ روز مختيار ڀائي کان ڪرائي تي وي سي آر ٽي وي وٺيو اچي.. جيڪا مهينن جا مهينا پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.. ڏينهن رات، ڇڙو فلمون ڏسي. نيٺ پنهنجا وي سي آر ۽ رنگين ٽي ويءَ جا سيٽ ورتائين. سندس ڪمرو به فلمن جي ڪيسيٽن سان ڀريو پيو هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ڪيسيٽ جي رزلٽ ٺيڪ نه هجي يا ٽي وي رنگ صحيح نه ڏيکاري ته انهن کي کولي ٺاهڻ شروع ڪندو هو.. ايئن انهن کي خراب ڪري وري نئين وي سي آر ۽ ٽي وي وٺيو اچي اهو سلسلو گهڻو وقت جاري رهيو.

هڪڙي ڀيري لاڙڪاڻي سيشن جج جي زمين ڪنهن کي ڪوڙي دستاويز تي لکي ڏنائين، جنهن جي کيس خبر ڪونه هئي ته جج جي آهي.. جڏهن جج کي خبر پئي ته ان جيل موڪلي ڇڏس ۽ اريسي نويسي تي پابندي به هڻي ڇڏيائينس تنهن کان پوءِ شايد هن اهو ڪم ڇڏي ڏنو.

نوجوان هئاسين شوارزينگر جھڙي باڊي ٺاهڻ جو شوق ٿيو.. واجد شاھاڻي ۽ مان ورزش تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسر ويل واجد در کڙڪايو. ادا باشن رات پيو جاڳندو هو. وراڻي ڏيندي چيائين؛ “ڪهڙو آهين؟”

واجد چيو؛ “چاچا طارق کي اٿاريو. ايڪسرسائز تي وينداسين.”

ادا باشن اٿيو. بابا کي جلدي اٿاريندي چيائين؛ “ادا ايڪسائز پوليس ڇاپو هنيو آهي..” سڄو گهر اٿي ويو. واجد در تي پريشان، چي؛ “چاچا پوليس ناهي. چاچا واجد آهيان..”

هڪ دفعي ادا باشن ۽ مان ڪنهن ڳالھ تي اٽڪياسين.. سدائين پيو حوال ڪٽيندو هو..

ماڻهو کيس مست ڊاڙي سڏيندا هئا.. سندس آواز، اسٽائل ۽ ڊاڙن جي نقل به ڪندا هئا..

حقيقتن هيو به ايئن هن ۾ مستقل مزاجي نه هئي.. .. شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا زاويه به حقيقتن تي مبني نه هوندا هئا.

مون رڙ ڪندي چيو اسان جي گهر مان نڪري وڃو .. تڏهن بابا جهيڙي ۾ انٽري هڻندي ڪاوڙ مجهان چيو منهنجو گهر آهي جيستائين مان جيئرو آهيان منهنجي ڀاء کي تون ڪير ٿيندو آهين ڪڍڻ وارو..

بابا سائين جا لفظ ڪافي هئا هنن جي رحلت بعد به خيال رکيوسين، ضعيف به ٿي ويو. ڪم ڪار ڪونه ڪندو هو.

ڪجھ وقت ڳوٺ وڃي رهڻ شروع ڪيائين پر بيماري سبب جلد واپس هليو آيو. تڏهن مان ڪراچي ۾ رهندو هوس. ننڍن ڀائرن علاج ڪرايو. تنهن کان پوءِ چاڪ ٿي ويو.. ڳوٺ وڃڻ نه ڏنوسينس.. زندگي جا آخري سال سچل واري گهر ۾ رهيو. منهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن تمام گهڻيون خدمتون ڪيس.

جيڪي دوست هن کي سڃاڻن تن کي خبر آهي ته سندس دماغ اسٽيبل نه هو.. فقير ماڻهو هو.. گهڻا ماڻهو ديوانو يا چريو به چوندا هيس.. باقي جت به هوندو هو.. ات ٽهڪ وکيريندو هو.. سندس ڊاڙون ڏيهان ڏيھ مشهور هيون.. اڄ به سندس آواز ۽ لهجو. ماڻهن کي ياد هوندو..

انگريزي اوپيرا سانگ جا آوز اهڙا ته ڪڍندو هو ته سمورو جڳ پيو کلندو ۽ حيران ٿيندو هو..

ننگڙا نماڻيندا سچل جو ڪلام سدائين جهونگاريندو هو.. ماڻهو سندس ڳالھين مان مزو وٺندا هئا. منهنجا سمورا دوست مشتاق، واجد ۽ اياز ساڻس مذاقون ۽ ڀوڳ ڪندا هئا.

 

(طارق کجڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا