; سنڌي شخصيتون: غلام، علي، سنديلو، نماڻن، گيت، سريلو، گائيڪ، ناصر، قاضي،
Showing posts with label غلام، علي، سنديلو، نماڻن، گيت، سريلو، گائيڪ، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label غلام، علي، سنديلو، نماڻن، گيت، سريلو، گائيڪ، ناصر، قاضي،. Show all posts

22 March, 2013

غلام علي سنديلو - ناصر قاضي


غلام علي سنديلو
نماڻن گيتن جو سريلو گائيڪ

ناصر قاضي
ڪنهن ڏاهي چيو ته: ”ياد ڪر اهو ڏينهن، جڏهن تون روئين پيو ۽ ٻيا سڀ تنهنجي هن جهان ۾ اچڻ تي تو کي ڏسي خوشيءَ وچان کلن پيا. هاڻي اهڙي زندگي گذار جو تون هن جهان مان کلندو وڃين ۽ ٻيا تنهنجي لاءِ روئيندا رهجي وڃن...“ جيڪڏهن هن چوڻيءَ جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته ان جو مقصد اهو ئي آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪم، اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، جنهن سان ماڻهن کي موهي رکي. اسان جي سونهاري سنڌ اهڙا ڪيئي ماڻهو جنميا آهن، جيڪي پنهنجي ڏات ۽ فن سببان، سدائين ماڻهن جي دلين ۾ وسندا رهيا آهن. اهي ماڻهو جيئري ته ماڻهن جون دليون کٽندا رهيا آهن، پر مُئي پڄاڻان به سموري ديس کي اداس ڪري ويا آهن. غلام علي سنديلو پڻ اهڙين محبوب شخصيتن منجھان هڪ آهي.