; سنڌي شخصيتون: منصور ويراڳي - ڊاڪٽر مخمور بخاري

18 February, 2013

منصور ويراڳي - ڊاڪٽر مخمور بخاري


منصور ويراڳي
سڄڻ آڏو ڪئي پيش صداقت سان
ڊاڪٽر مخمور بخاري
اڄ جنهن شخصيت بابت اوهان سان مخاطب ٿي رهيو آهيان ان بابت لکڻ لاءِ گھڻي عرصي کان سوچيندو آهيان، پر جڏهن پنج سال اڳ اها شخصيت هيءُ جهان ڇڏي وئي ته بارها چاهڻ جي آئون مٿس ڪجھه لکي نه سگهيو هيس سواءِ سندس پٿر تي رکيل تعزيتي نوٽ بڪ ۾ ٻه چار سٽون لکڻ جي. ان کان وڌيڪ اڃا تائين ٻيو ڪجهه به ان بابت لکي نه سگهيو آهيان.

اهو هڪڙو سوال منهنجي آڏو به آهي خبر ناهي ته ڇو آئون پنهنجي مهربان استادن/ دوستن بابت لکي نه سگهيو آهيان. لکڻ ته دادو سان تعلق رکندڙ نامياري محقق الهنواز رڪڻائي تي به چاهيان ٿو جنهن سان ڪيترا ئي ڀيرا علمي بحث به ٿيا ته کانئس ڄاڻ به حاصل ڪيم. لکڻ ته آئون پنهنجي محترم دوست مولابخش ڪاڪا تي به چاهيان ٿو جنهن جي وڇوڙي جي خبر اڄ به هانءَ کي رنگيندي رهندي آهي. پر اڄ اوهان سان جنهن جي سار اوسار ونڊڻ گهران ٿو ان کي سڄي سنڌ جا عالم اديب- شاعر منصور ويراڳي جي نالي سان ڄاڻين ٿا.
ڪي فرد اهڙا هوندا آهن جيڪي ادارن جي ڪري سڃاتا ويندا آهن ۽ ڪن فردن جي ڪري وري ادارا سڃاتا ويندا آهن. منصور ويراڳي، سنڌ جي قديم علمي مرڪز هالا جي سڃاڻپ جو هڪ سداحيات باب آهي. هن شخص سان سڃاڻپ جا مون وٽ ڪيترا ئي حوالا آهن؛ ذاتي ۽ ادبي. پر انهن شناسائيءَ جي ناتن ۾، هڪ حوالو مون کي هميشه مضبوط نظر ايندو آهي. اهو آهي، عابده پروين جي آواز ۾ ڳايل، منصور صاحب جون هي سٽون؛
محبوب ڪئي، مون تي اڄ خاص عنايت آ،
هي قرب انهيءَ جو آ، اظهار محبت آ.
عمر جي ان حصي کان هي ڪلام ٻڌندو اچان، جڏهن اها ڄاڻ نه هئي ته شاعري ۽ نثر پنجين موسم جي جنم کان پوءِ تي تخليق ٿيندو آهي. اڃا جڏهن اها شناس ٿي نه هئي ته پيڙاءُ جو ذائقو ڪڏهن ڪڙو ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن مٺو به. اڃا اوجاڳن، اکين سان عشق ڪرڻ جا سانباها ئي نه ڪيا هئا. اڃا روح کي، روين جا رانڀوٽا ئي نه پيا هئا. اڃا سڏڪن جي پڙلاءَ کان سماعتون آشنا ئي نه ٿيون هيون ها. اڃا درد شام ٿيڻ تي محبوبا جيان ناز نخرا نه ڪندو هو. اڃا اک مان ڳوڙهو نه ڳڙيو هو ۽ ڳوڙهو لفظ به نه ٿيو هو. حياتي جي ان حصي ۾ عابده پروين جي آواز ۾، منصور ويراڳيءَ جا ٻول، سماعتن سان ٽڪرائيندا ذهن تي نقش ٿيندا ويا.
منصور ويراڳيءَ سان شناسائيءَ جو هي هڪ مضبوط حوالو آهي، مون وٽ. جنهن کان پوءِ ٻئي ڪنهن حوالي هجڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته تخليقڪار جو پڙهندڙ سان ۽ پڙهندڙ جو ليکڪ سان اهو ئي هڪ واحد رشتو/ ناتو آهي. جنهن جي معرفت ليکڪ/ شاعر زنده رهي ٿو. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سائين منصور ويراڳي، گهڻ-رخي شخصيت هجڻ سبب، ڪيترا ئي اهڙا شاگرد پيدا ڪيا جن کي دنيا سڃاڻي ٿي ۽ اهي شاگرد منصور صاحب کي پنهنجو مهربان استاد سڏڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. سندس اهڙن شاگردن مان جڳ مشهور سائنسدان مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر وڏل شاهه بخاري اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر بخاري، جڏهن علم ڪيميا ۾ پي ايڇ ڊي جي لاءِ لنڊن ۾ تحقيق ۾ رڌل هو ته ان عرصي دوران هو پنهنجي محترم استاد منصور ويراڳي ڏانهن خط پڻ لکندو رهندو هو. (يقينًا اهڙا خط منصور جي پونئيرن وٽ محفوظ هوندا) جن ۾ شاهه صاحب پنهنجي روز مره جي معمول وارين کوجنائي ڪاميابين ۽ ٻين معاملن تي پنهنجي مهربان استاد سان مخاطب ٿيندو هو. منصور صاحب جي ٻين اهم شاگردن ۾ ناميارو سفرناما نگار ۽ سياح، الطاف شيخ جو نالو به شامل آهي. ان هڪ دفعي چيو هو:
”منصور ويراڳي هڪ ادارو هو. منهنجو گهڻو ساٿ سائينءَ سان رهيو. منهنجي سائين سان هالا اچڻ تي ملاقات ٿيندي هئي. ۱۹۵۵ع ۾ سائين مون کي ڇهين درجي ۾ پڙهايو. فقط ٻه ليڪچر ڏنائين جو وساري نه ٿو سگهان. سائين هڪ مڪمل شخصيت رکندڙ هو. هو صحيح نموني سان مڪمل مسلمان هو. سندس ڄمار خوش مزاجي ۾ گذري، آئون سندن شخصيت ۽ تحرير مان متاثر ٿيو آهيان.
اها يقينًا خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ شاگرد پنهنجي استاد جو احترام ڪري. ان سان محبت ڪري ۽ کيس ياد رکي ۽ هڪ پڙهندڙ پنهنجي محبوب شاعر کي پنهنجي سوچ ۾ ساري ۽ ان جي لفظن کي ياد ڪري.
سائين منصور ويراڳي جنهن جو ڪيتريون ئي سٽون امر ٿيون. آلاپيون ويون ۽ اڄ تائين اسان جي سماعتن سان اهڙا پڙلاءَ ٽڪرائين ٿا ۽ روح کي مسرور ڪري ڇڏين ٿيون.
جُهڙ آ لڳائي جهرمر، هر گام ٿي ملهاري،
وڄڙين ڏنا وراڪا، بوندن ڪئي بهاري.
مينهن جي مند آئي، سانگين کي ٿي سرهائي،
پاڻي بنا ترائي، خالي بچي نه ڪائي،
سارنگ موج لائي، جر ٿي ويو آ جاري،
وڄڙين ڏنا وراڪا، بوندن ڪئي بهاري،
جُهڙ آ لڳائي جهرمر، هر گام ٿي ملهاري.
هالا جي مٽي کي ڪا عجب امرتا پلئه پيل آهي، جنهن جي مٽي مان ڪيترا سريلا (ليريڪل) شاعر پيدا ٿي چڪا آهن. مخدوم طالب الموليٰ جهڙو ڪافي ۽ غزل جو يگانو سريلو شاعر، شايد هن مٽيءَ مان وري ڪڏهن جنم وٺي سگهي! جنهن جون لاتعداد سٽون اڄ به هوائن ۾ ايئن گونجي رهيون آهن، ڄڻ هي شاعر هن ڌرتي تي آيو ئي ڪنهن باڪمال تخليق لاءِ:
تو دلڙي يار ڌتاري پر ڪا نه ڪئي پوئواري.
اکيون عزم واريون عقابي عقابي.
عجب عشق آهي اسان جو الستي.
سو پاڻ ذڪر پئي ڪيو منصور ويراڳي جو، جيڪو پڻ هنن سريلن شاعرن جي سٿ ۾ پنهنجي انفراديت سان جرڪي رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن جي خمير ۾ سنڌ جي شعري روايتن جو ڊگهو سفر موجود آهي. سندس خاندان جو جد امجد ميون عيسيٰ سنڌ جي ڪلاسڪ شعري روايت جو هڪ سگهارو نانءُ آهي. جنهن جا ملندڙ بيت ۽ ٽيهه اکري ان ڳالهه جي ساک ڀرن ٿا ته ميون عيسيٰ سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ صوفياڻي شاعري ۾ پنهنجي اسلوب، انداز جي خوبصورتي ۽ موضوع سبب سدا حيات آهي. سندس بيتن جي رسالي ”مين عيسيٰ جا سنڌي بيت“ مان هڪ بيت نموني طور پيش ڪيون ٿا:
اوريين پرين پار ۾، سو هئين سهس هزار،
پر جنهن کي سڪ سرير ۾، محبت محض ميهار،
اک نه کڻي هن عالم ڏي، ري پانهنجي يار،
ريهون سان سينگار، سهڻي سونهڻن وچ ۾.
سو اهڙي طرح سائين منصور جو والد جان محمد اضعف هالائي پڻ نعتيه شاعري جي حوالي سان هڪ معتبر ۽ معروف نالو آهي. جنهن جا پڻ ٻه شعري مجموعا ”احوال محمدي“ ۽ ”واٽون ويهه ٿيون“ شايع ٿيل آهن. اهڙيءَ ريت محترم منصور ويراڳي جي خمير ۾ پڻ اهو اتهاسڪ پس منظر جاڳي ٿو. سندس قلم مان نظم ۽ نثر جا به لاتعداد ڪتاب نروار ٿيا. جن جي جيڪڏهن فهرست ويهي جوڙجي ته ڪجهه هن ريت جڙندي: وطن جي راهه ۾، شام و سحر، سور جنين سيج، صداءِ وطن، رت جا ڳوڙها، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، اندر جا آلاپ، هن پار، مزدور جو لاش، غيرت، جيون ساٿي، سڄڻ سفر هليا، عاشق عزازيل، زندگي هڪ خواب، سانگي ۽ سور، هيرا جواهر، ڪنول جي ڪهاڻي، وڳر ڪيو وتن، عوام جي دولت، دو آنسو (اردو).
اهڙي طرح سندس حياتي اسلامي جذبي سان سرشار گذري، ننڍي وهي ۾ ئي مسلم اسٽوڊنٽس نيشنل گارڊس جو سالار مقرر ٿيو، ساري حياتي ان جذبي هيٺ معاشري جي تشڪيل ۾ نه رڳو قلم سان ڪردار ادا ڪيائين پر ڪيتريون ئي علمي ادبي تنظيمون پڻ جوڙيائين جن ۾، دي سنڌ رفيق ويلفيئر ايسوسيئيشن، دي سنڌ انٽرنيشنل ڪرسپانڊنس ڪلب، بزم گلستان، دي سنڌ انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا، سياسي ادبي اڪيڊمي هالا شامل آهن. هنن ادارن مان خاص طور ”دي سنڌ رفيق ويلفيئر ايسوسيئيشن“ وڏي اهميت رکي ٿو. هن اداري پاران ”رفيق نائيٽ اسڪول قائم ڪيو ويو، جنهن تحت غريب، مسڪين شاگردن کي مفت تعليم ڏئي هڙان وڙان خرچ ڪري کين سرڪاري امتحان ڏياريا ويندا هئا. جنهن مان ڪيترن ئي فردن فائدو حاصل ڪيو ۽ بعد ۾ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪيو.
هن عظيم ڪم جي پس منظر ۾ اسان کي جيڪو شخص بيٺل نظر اچي ٿو، اهو آهي منصور ويراڳي، جنهن جي شخصيت جو هڪ پهلو صحافت پڻ آهي پاڻ سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي سنه ۱۹۵۱ع ۾ شايع ٿيندڙ پهرئين ميگزين جو اعزازي سيڪريٽري رهيو ان کان سواءِ ماهوار ”منزل“ نالي هڪ ادبي رسالو پڻ هالا مان جاري ڪيائون. انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن جا ڪتاب پنهنجعي خرچ تي شايع ڪرايائين جن جي به هڪ ڊگهي لسٽ آهي.
۸ آڪٽوبر ۱۹۳۰ع تي مانجهند ۾ جنم وٺندڙ منصور ويراڳي جي وفات جي خبر ۱۳ فيبروري ۲۰۰۸ع تي مون ان وقت ٻڌي جڏهن منهنجي پي ايڇ ڊي جي رزلٽ وائپرول جو اعلان ٿيو. هڪ طرف پنهنجي محبوب شاعر ۽ مهربان ادبي رهنما جو لاڏاڻو ته ٻئي طرف پنهنجي زندگي جي هڪ اهم ڪاميابي جي خوشي. اهڙا لمحا ته عجيب ٿين ٿا پر اهڙا لمحال عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن کي به جنم ڏين ٿا. زندگي ايئن به احساسن ۽ ڪيفيتن جي بار هيٺان گذرندي آهي ۽ ٽيپو ٽيپو برف جيان ڳرندي رهندي آهي. اڄ هن شخص جي ٽين ورسي تي جڏهن اوهان سان مخاطب آهيان، تڏهن وري ڪٿان عابده پروين جو اهو ساڳيو آواز گونجي رهيو آهي پر عجب آهي ته اهو آواز جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي ڪنن تي پيو هو ته هي جهان منهنجي لاءِ ڪجهه ٻيو هو ۽ اڄ ڪجهه ٻيو ٿي پيو آهي. ڪا گهڻي مسافت ناهي پر ٿورو ئي سهي لڳ ڀڳ ويهن ٻاويهن ورهين جو سفر ضرور آهي.
محبوب ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ،
هي قرب انهيءَ جو آ، اظهارِ محبت آ.
منصور سڄڻ آڏو ڪئي پيش صداقت سان،
جذبات نگاري آ ۽ دل جي حقيقت آ.

No comments:

راءِ ڏيندا