منصور ويراڳي
ڊاڪٽر مخمور بخاري
اڄ جنهن شخصيت بابت اوهان سان مخاطب ٿي رهيو آهيان ان بابت لکڻ لاءِ گھڻي
عرصي کان سوچيندو آهيان، پر جڏهن پنج سال اڳ اها شخصيت هيءُ جهان ڇڏي وئي ته بارها
چاهڻ جي آئون مٿس ڪجھه لکي نه سگهيو هيس سواءِ سندس پٿر تي رکيل تعزيتي نوٽ بڪ ۾ ٻه
چار سٽون لکڻ جي. ان کان وڌيڪ اڃا تائين ٻيو ڪجهه به ان بابت لکي نه سگهيو آهيان.
