سراج ميمڻ
هڪ تاريخ ساز شخصيت
تاج جويو
۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي
جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق
رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو
سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴
آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد
محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو
ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو
اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ
نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين
پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ
کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري
انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي
قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ
ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان
اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت
۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي
ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن
وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي
ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي
سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو.
سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو
۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو
’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي
ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا
بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي
انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول
پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘
۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري
دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘،
’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترائي
ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي
افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول
۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي
زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ
’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون
۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي
تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.
لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي
ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ
جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو،
جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب
کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو
پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي.
هن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi
Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography
of an unknown Sindhi لکي مڪمل
ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب هيٺ اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري
۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽئين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات
ڪئي.
No comments:
راءِ ڏيندا