; سنڌي شخصيتون: نذير احمد ميمڻ - عنايت قمبراڻي

04 February, 2013

نذير احمد ميمڻ - عنايت قمبراڻي


نذير احمد ميمڻ
سڪا سانڍڻ جو شوق رکندڙ
انٽرويو: عنايت قمبراڻي
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن ۽ ڏاهن ماڻهن جنم ورتو آهي، جن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو پاڻ ملهائيندي، نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي پر سنڌ ڌرتيءَ جو به پنهنجن ڪيل عملن ۽ ڪارنامن سبب ڳاٽ اونچو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن ئي باهمٿ ۽ باصلاحيت انسانن مان، ملير جي علائقي بچل ڳوٺ کوکراپار جو رهواسي، نذير احمد ميمڻ به هڪ آهي. جنهن ۲۵۰۰ سالن جا قديمي ۽ تاريخي سڪا پنهنجي جاکوڙ سان گڏ ڪري، نه رڳو سنڀالي رکيا آهن، پر انهن تاريخي سڪن جي اهميت کي اڃا به وڌائڻ لاءِ پنهنجو نور نچوئي انهن تي سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٻه ڪتاب لکي، نه رڳو سڪن بابت ڄاڻ ڏني آهي، پر انهن کي روشنيءَ ۾ آڻي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندي، کانئس پڇون ٿا ته کين اهو شوق ڪيئن ۽ ڪڏهن کان ٿيو.

سوال: سائين توهان جو پورو نالو ڇا آهي؟
جواب: ادا منهنجو پورو نالو نذير احمد ميمڻ آهي.
سوال: توهان کي سڪا گڏ ڪرڻ جو شوق ڪيئن ٿيو؟
جواب: ادا اهو شوق مون کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ مليو آهي. منهنجي خاندان ۾ منهنجا وڏا گذريل ٻه سؤ سالن کان پنهنجي پنهنجي وقت جا سڪا گڏ ڪندا رهيا آهن. جن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سڪن کان وٺي پاڪستان جا شروعاتي سڪا مون کي مائٽن کان ورثي ۾ مليا. مون کي ياد آهي ته؛ مان تقريبن ڏهه ٻارنهن سالن جو هوس، انهيءَ وقت مون کي اهي سڪا هٿ چڙهيا. تقريبن ڪرنسي نوٽ به مون وٽ موجود آهن. جن ۾ پاڪستان جي پراڻن نوٽن کان علاوه دنيا جا پراڻا ۽ نوان نوٽ به آهن. انهيءَ کان علاوه پراڻا ۽ نوان ڪتاب خريد ڪرڻ سان گڏ، ننڍي هوندي ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق رهيو آهي. شروع ۾ ته صرف سڪا گڏ ڪرڻ جو شوق هو پر گذريل ٽن سالن کان لکڻ جي شوق ۾ گذريل ۲۵۰۰سالن جي سڪن تي ريسرچ ڪري انگريزي ۽ سنڌي ۾ ٻه ڪتاب لکي مڪمل ڪيا آهن. جن ۾ سڪن ۽ نوٽن جا فوٽو به شامل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته؛ ڪتاب لکي مڪمل ته ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي پبلشر جي ڳولها آهي. ڇو ته هي خشڪ سبجيڪٽ آهي، جنهن جو تعلق تاريخ، آرڪيالاجي ۽ ثقافت سان آهي.
منهنجي ڪتابن جي اهم ڳالهه اها آهي ته اڄ تائين سنڌ (سنڌو ماٿري) ۾ استعمال ٿيل سڪن تي ڪنهن به مڪمل ڪتاب نه لکيو آهي. پر مون ۲۵۰۰سالن جي سڪن کي ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪيو آهي. جنهن ۾ انهن سڪن جون تصويرون به موجود آهن. منهنجي ڄاڻ مطابق؛ سنڌي، سڪن جا ايجاد ڪندڙ هئا. ڇو ته دنيا ۾ سڀ کان پهرين پنج مارڪ سڪا استعمال ٿيا جن تي (سنڌو ماٿري ۾ استعمال ٿيندڙ تصويري ٻولي لکيل آهي، جيڪا اسان جي تاريخي سنڌي ٻولي جو چٽو ثبوت به آهي. پر افسوس جو اڄ اسان سنڌي پنهنجي تاريخي قومي زبان هوندي به ان کي نه مڃرائي سگهيا آهيون ۽ نه ئي موجوده سڪن ۽ نوٽن تي سنڌي ٻولي لکرائي سگهيا آهيون. پر هاڻي ته اسٽامپ پيپر تي سنڌي ۾ لکيل اکر ”پاڪستان“ به حڪومت ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته؛ منهنجو پهريون ڪتاب آهي ”راهه نجات: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم“ جيڪو ڇپجي چڪو آهي، جيڪو مون غلام مصطفيٰ ميمڻ سان گڏ مفت ورهايو آهي. ان کان علاوه (سنڌ تي حڪومتون ۽ حڪمران) (سنڌو ماٿري جون حدون نقشن سميت) مڪمل ڪيو آهي جڏهن ته ”سنڌ جون ايجادون“ تي ڪم شروع ڪيو آهي. ماحوليات تي به انگريزي ۾ ڪتاب مڪمل ڪرڻ وارو آهيان. ان کان سواءِ علائقي جي سماجي ڪمن سان گڏ ”سگا“ جو ڪارڪن آهيان. مزدورن جي تنظيم سازي تي به ڪم ڪندو رهندو آهيان. هن چيو ته؛ ممڪن نه آهي ته ڪتاب پاڻ ڇپرائي سگهان، انهيءَ ڪري سهڪار لاءِ ثقافت کاتي، آرڪيالاجي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻولي جي اٿارٽي سان رابطو ڪندس. سڪن ۽ نوٽن جي نمائش، سڪن بابت لکيل ڪتابن جي مهورتي تقريب سان گڏ ڪندس.
منهنجو اصل ڳوٺ گمبٽ آهي. ڪراچي ايئرپورٽ ۾ نوڪري ڪندو آهيان هن وقت کوکرا پار جي علائقي بچل ڳوٺ ملير ٽائون ڪراچي ۾ رهندو آهيان.
تاريخي شيون گڏ ڪري انهن تي ريسرچ ڪرڻ کان علاوه نوان پراڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتاب لکڻ جو ڏاڍو شوق آهي.
منهنجي خواهش اها آهي ته سنڌي ٻولي جي مڃتا لاءِ آواز اٿاري انهيءَ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيان ۽ پاڪستان جي نوٽن ۽ سڪن تي سنڌي ٻولي لکرائي وڃي، جهڙي طرح پاڪستان جي ورهاڱي کان پهرين انهن تي بنگالي ٻولي به لکي ويندي هئي. مان ائين به چوان ٿو ته سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ موجود سرڪاري ۽ نجي لئبررين ۾ موجود عربي ۽ فارسي ۾ لکيل قلمي ڪتابن کي ترجمو ڪرائي انهن کي سنڌي ۾ ڇپرائڻ لاءِ هر سنڌي پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪوشش وٺي ته جيئن سنڌي ماڻهو وڌ کان وڌ معلومات حاصل ڪري سگهي.

No comments:

راءِ ڏيندا