; سنڌي شخصيتون: نذير، احمد، ميمڻ، سڪا، سانڍڻ، شوق رکندڙ، عنايت، قمبراڻي،
Showing posts with label نذير، احمد، ميمڻ، سڪا، سانڍڻ، شوق رکندڙ، عنايت، قمبراڻي،. Show all posts
Showing posts with label نذير، احمد، ميمڻ، سڪا، سانڍڻ، شوق رکندڙ، عنايت، قمبراڻي،. Show all posts

04 February, 2013

نذير احمد ميمڻ - عنايت قمبراڻي


نذير احمد ميمڻ
سڪا سانڍڻ جو شوق رکندڙ
انٽرويو: عنايت قمبراڻي
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن ۽ ڏاهن ماڻهن جنم ورتو آهي، جن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو پاڻ ملهائيندي، نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي پر سنڌ ڌرتيءَ جو به پنهنجن ڪيل عملن ۽ ڪارنامن سبب ڳاٽ اونچو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن ئي باهمٿ ۽ باصلاحيت انسانن مان، ملير جي علائقي بچل ڳوٺ کوکراپار جو رهواسي، نذير احمد ميمڻ به هڪ آهي. جنهن ۲۵۰۰ سالن جا قديمي ۽ تاريخي سڪا پنهنجي جاکوڙ سان گڏ ڪري، نه رڳو سنڀالي رکيا آهن، پر انهن تاريخي سڪن جي اهميت کي اڃا به وڌائڻ لاءِ پنهنجو نور نچوئي انهن تي سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٻه ڪتاب لکي، نه رڳو سڪن بابت ڄاڻ ڏني آهي، پر انهن کي روشنيءَ ۾ آڻي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندي، کانئس پڇون ٿا ته کين اهو شوق ڪيئن ۽ ڪڏهن کان ٿيو.