; سنڌي شخصيتون: حاجي غلام نبي ڏھراج - سليم رضا

09 February, 2013

حاجي غلام نبي ڏھراج - سليم رضا


حاجي غلام نبي ڏھراج
هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ اڻوسرندڙ ڪردار
سليم رضا
سنڌ جي سرسبز عظيم سرزمين پهنجي ڪک مان هميشه ڪامل ولي، درويش، بزرگ، بهادر، جوڌا، جوان ۽ سورهيه سپوت انسان، پيدا ڪيا آهن. اسان جي سهڻي سرزمين سنڌ کيم اهو پڻ مقام ۽ اعلي مرتبو حاصل آهي جو کيس اسلام جو دروازو سڏيو ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ کي، سخين بزرگن ۽ مهمان نوازن جي ڌرتي جو شرف پڻ مليل آهي. انهي سدا بهار سنڌ جي علم هنر ۽ سياست توڙي سخاوت ۾ ساهتي پرڳڻي ضلع نوشهروفيروز کي پڻ اهو مان مرتبو حاصل آهي جو هن ضلع اندر ڪيترن عظيم شخصيتن جنم ورتو آهي. جن مان ڪنڊيارو تعلقي جي محبت ديرو ۾، سال ۱۸۸۶ع ۾ جنم وٺندڙ تاريخ ساز شخصيت، سمنڊ جي گھراين جيڏيون حسرتون کڻي، ٻين لاءِ جيئندڙ هڪ بهادر عظيم شخصيت، خانصاحب حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ هڪ آهي. سندس تعليم ۽ تربيت به اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ٿي.

پاڻ هڪ باوقار ۽ بااثر زميندار گھراڻي جو چشم و چراغ هئو. سورنهن سالن جي عمر ۾ ئي سنڌ جي حفاظت لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو. جنهن ۾ نوجوانن کي متحد ڪري، انهن ۾ همت، طاقت ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪيو. هن علائقي ۾ وقت به وقت اهم شخصيتن جنم ورتو آهي، جن ۾ سردار دلاور خان ڏهراج، سردار حاجي محمد ابراهيم خان، غلام مصطفي خان ڏهراج، رئيس شاهنواز خان ڏهراج، اديب ڪهاڻيڪار ناول نگار غلام رباني آگرو، ملھ پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر ۽ حبيب الله خان خشڪ جهڙا انمول ڪردار شامل آهن.
سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج، ملڪ جي باني محترم قائداعظم جو ويجھو ساٿي ۽ تحريڪ پاڪستان جو رهنما ۽ رهبر هو. جڏهن مسلمانن کي الڳ جدا قوم تصور ڪرڻ عيب سمجھيو ويندو هو ته انوقت خاص ڪري مسلمان غريب هارين جي حالت تمام خراب هوندي هئي ته هن سپوت ۽ املھ شخص، مسلمان غريب هارين جو هڏ ڏوکي بنجي، ڏينهن رات هڪ ڪري، سندن حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ۾ شامل ٿي، قائداعظم جو ٻانهن ٻيلي بڻجي، انگريز گورن پاران مليل ڌمڪين جي به پرواه نه ڪندي، انگريزن جي ارادن کي ٺڪرائي ڇڏيو. هي بيباڪ، بهادر ۽ اصول پرست، دشمنن لاءِ هر گھڙيءَ دهشت ۽ ڏهڪاءُ بڻيل رهيو. جنهن جو ڳاڻيٽو تحريڪ پاڪستان جي جاکوڙي اڳواڻن ۽ اڪابرن ۾ ليکيو ويندو هو. جڏهن سياست جي سموري سفر ۾، پنهنجي زندگيءَ کي سياست ۽ ٻين لاءِ خدمت ڪندي، بسر ڪيائين. اهڙا املھ انسان، هن دنيا ۾ هوندا ته گھٽ آهن پر پنهنجي مختصر وقت ۾، پنهنجي جاکوڙ ۽ جدوجهد جي ڪري، صدين جو سفر، ڪجھ ئي ڏينهن ۾، ڪري وٺندا آهن. سندن علمي، ادبي، روحاني، تهذيبي رفعت ۽ بلندي، چنڊ ستارن وانگر روشن هوندي آھي. سندن زندگي جي هر گھڙي انسانيت جي خدمت جي آئينه دار هوندي آھي. جنهن جي اشاري ۾ الله تعالي جو خوف ۽ انسانيت جي خدمت جي پيروي هوندي آھي.
ھو اڻ ڳڻين خوبين جو مالڪ، ڪمال جي ڄاڻ ۽ ادب جو خزانو هو. هن پنهنجي تحريڪي جدوجهد دوران، ڪيترا ئي بهترين دوست ٺاهيا. جن ۾ قائداعظم، يوسف هارون، ميرغلام علي ٽالپر، پيرالاهي بخش، محمد هاشم، غلام رسول جتوئي، عبدالستار پيرزادو، قاضي محمد اڪبر، مير جعفر جمالي، نواب نبي بخش، عطا محمد مري، نواب اڪبر بگٽي سميت سوين دوست ٺاهيا.
هن عظيم بهادر جي سياسي سماجي ڪاميابين جي شروعات سال ۱۹۱۱ع ۾ ضلع ڪائونسل نوابشاه جي چونڊ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٿي. انکانپوءِ سال ۱۹۴۶ع جي چونڊن ۾ هن مسلم ليگ جي پليٽفارم تان، نوابشاه جي حلقي مان موجوده ايم اين اي سيد ظفر علي شاه جي والد ۾محمد علي شاه سان ڪري ڪاميابي ماڻي. جڏهن تحريڪ آزادي جي سلسلي دوران ماحول کي گرم ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ قائداعظم نوابشاه ۾ قدم رکيو ته انوقت هن حاجي غلام نبي خان ڏهراج جي چونڊ ڪري، هن کي پنهنجي تحريڪ وارن پروانن ۾ شامل ڪري ورتو. سال ۱۹۴۶ع جي اليڪشن ۾، سنڌ جا ٻه حلقه ان ڪري اهميت اختيار ڪري ويا ڇاڪاڻ ته هڪ طرف دادو جي حلقه ۾ سائين جي ايم سيد جو قاضي محمد اڪبر سان مقابلو هيو ته ٻئي طرف نوابشاه جي حلقه ۾ سيد محمد علي شاه جو حاجي غلام نبي خان سان مقابلو هيو. اهڙيءَ طرح حاجي غلام نبي خان، ڪاميابي حاصل ڪئي. حاجي غلام نبي خان کي اڄ به ننڍا توڙي وڏا ياد ڪن ٿا.
هيءَ تاريخي شخصيت، سال ۱۹۷۰ع ۾، هن فاني دنيا مان، جسماني طور، ماڻهن کان جدا ٿي وئي. پر سندس ڪيل فيصلا، تاريخي ڪارنامه، اڄ به وسندين ۽ واهڻن ۾ ڳائجن ٿا.
اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،
آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک،
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.

No comments:

راءِ ڏيندا