استاد محمد جمن
محمد عثمان ميمڻ
جديد سنڌي موسيقيءَ جي استاد محمد جمن جا وڏا، اصل ۾ بلوچستان جي علائقي
لس ٻيلي جا رهاڪو هئا. سندس جنم ۱۰
آڪٽوبر ۱۹۳۵ع تي ڳوٺ ڪنڊ جهنگ ۾، حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر
۾ ٿيو. سندس والد، سُرندو وڄائڻ جو استاد ليکيو ويندو هو. انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو
ٻڌندو هو ۽ سرندي جا سريلا آلاپ ٻڌي کيس ننڊ وٺي ويندي هئي. ان ماحول ۾ هن هوش سنڀاليو
۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس.
هن راڳ جي باقاعدي سکيا استاد نظر حسين کان ورتي، جيڪو ملڪه ترنم نورجهان
جو به استاد هو. استاد محمد جمن کي ننڍپڻ کان ئي بانسري وڄائڻ جو بيحد شوق هو. شوق
جي تڪميل خاطر ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن جا چڪر ڪٽڻ لڳو. سال ۱۹۴۷ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت سنڌ ۾ ڪا به ريڊيو
اسٽيشن ڪا نه هئي. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع
تي ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، جنهن جي نشريات انٽيليجنس اسڪول مان شروع ٿي. ان
وقت ڪراچي ريڊيو جو سرواڻ زيڊ اي بخاري هوندو هو. بخاري صاحب، ريڊيو اسٽيشن قائم ٿيڻ
کان ڪجهه مهينا پوءِ، لوڪ ڳائڻن جي هڪ ٽولي کي ڪلفٽن تي ٻڌو. انهن ۾ محمد جمن به موجود
هو. استاد محمد جمن جي بانسريءَ سندس من موهي وڌو. اتان ئي بخاري صاحب، استاد محمد
جمن کي ريڊيو تي وٺي آيو. جنهن کانپوءِ سندس آڊيشن وٺي، کيس اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت
۾، ريڊيو جو ملازم ڪري رکيائين.
ريڊيو اسٽيشن سان وابستگي کانپوءِ، استاد محمد جمن سنگيت جي سکيا وٺڻ
لاءِ، استاد نذر حسين جو شاگرد بڻيو. وڌيڪ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا بڙي وحيد علي خان
کان حاصل ڪيائين. ڪلاسيڪي موسيقي جي سکيا کانپوءِ، شاهه سائينءَ جي سُرن جي باري ۾
ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪيائين.
استاد محمد جمن ۽ محمد ابراهيم، ويهين صديءَ جا اهڙا موسيقار هئا، جن
سنڌي سنگيت کي نوان رنگ، نيون راهون، نوان گهاڙيٽا ڏنا ۽ لاتعداد ڌنون ڪمپوز ڪيون.
هي ٻئي گڏجي ڪم ڪندا هئا. هڪڙو ڌن ٺاهيندو هو ته ٻيو ان کي ڳائيندو هو. جيئن ته ڪافي،
سنڌي موسيقيءَ جي هڪ مقبول صنف آهي ۽ هر دور ۾ فنڪارن ان کي پنهنجي انداز ۾ ڳايو آهي
پر استاد محمد جمن ڪافيءَ کي جنهن مخصوص انداز سان ڳايو ان کي نه رڳو عام ماڻهن پسند
ڪيو پر موسيقارن به کيس داد ڏنو. هن سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن کي ڳايو پر خاص ڪري شاهه
سائين جو ڪلام وڏي محنت، جاکوڙ ۽ محبت سان ڳاتائين. هن شاهه صاحب جي ٻوليءَ کي ڏاڍي
سهڻي نموني ڳاتو ته ٻين ماڻهن به سندس ڪلام ٻڌي پنهنجو اچار سڌاريو. هن ريڊيي تي سڀ
کان پهريان شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام رڪارڊ ڪرايو:
دوست پيهي در آيو، ٿيڻ
ملڻ سايو.
استاد محمد جمن هونئن ته ڪيترا ئي ڪلام ڳايا پر هن شاهه سائينءَ جي ڪلام
کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳاتو. شاهه سائينءَ جو هڪ ڪلام سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. جيڪو اڄ تائين
سندس سڃاڻپ بڻيل آهي:
منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن
۾ آءٌ ڪيئن گذاريان.
استاد محمد جمن ٻن سنڌي فلمن؛’تنهنجون ڳالهيون سڄڻ‘ ۽ ’هو سهڻا يار سڄڻ‘
لاءِ پڻ ڳاتو. ٻي اردو فلم ’ڪالو‘ ۾ شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام ڳاتو:
آءٌ جيهاڻي ذات، تون پاڻ
سڃاڻج سپرين
استاد محمد جمن، سنڌيءَ کانسواءِ اردو ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ به ڳايو. سرائڪي
ٻوليءَ ۾ عثمان فقير جي هڪ ڪافي وارو راڳ، ’يار ڏاڍي عشق آتش‘ سندس سڃاڻپ بڻيل هوندو هو.
استاد محمد جمن موسيقيءَ جي مختلف سرن تي وڏي دسترس رکندو هو ۽ لئي ۾
مهارت به سندس گائڪيءَ جي خاصيت هئي.
استاد محمد جمن جيتوڻيڪ آواز ٿورو نڪ مان ڪڍندو هو پر پوءِ به سندس آواز
مٺاس ۽ مڌرتا سان ڀرپور هو. سوز وگذار ۾ ڪيفيت وارا ڪلام ڳائڻ وقت، پنهنجي آواز سان
هڪ خاص ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو. سندس فن جي قدرداني به خوب ٿي. کيس ڪيترن ئي انعامن،
ايوارڊن سان نوازيو ويو، جن ۾: پرائيڊ آف پرفارمنس، شاهه لطيف ايوارڊ ۽ سچل سرمست ايوارڊ
قابل ذڪر آهن.
سنڌي سُر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمتگار، بهترين موسيقار ۽ فنڪار استاد
محمد جمن ۲۴ جنوري
۱۹۹۰ع ۾ صبح جو پنجين وڳي، اسان کان جدا ٿي ويو.
سندس پڄاڻان ڪيترا ئي شاگرد سندس نالي کي روشن ڪيون پيا اچن.
No comments:
راءِ ڏيندا