; سنڌي شخصيتون: استاد انورالدين جتوئي - وزير فرهاد سولنگي

15 February, 2013

استاد انورالدين جتوئي - وزير فرهاد سولنگي


استاد انورالدين جتوئي
سندس وڇوڙي تي ھينئڙو منھنجو لوڻ ٿئي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌ جو ساهتي پرڳڻو جتي علمي ادبي لحاظ کان شاهوڪار آهي اتي فن، ثقافت ۽ ڪلا جي لحاظ کان به تمام گهڻو مالا مال آهي. ون يونٽ جي هلچل کان پوءِ، سنڌ ۾ هڪ اهڙي کيپ تيار ٿي، جنهن سنڌ جي علم ادب فن ۽ ثقافت تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ اهڙا جاکوڙي مرد مجاهد پيدا ٿيا، جن سنڌ جي ماڻهن کي شاهوڪار ادب ۽ سگهاري تاريخ ڏني. اتي فن ۽ ثقافت جي ميدان ۾ به تمام وڏا نالا پيدا ٿيا. هڪ ته اهي فنڪار جن کي ميڊيا ماڻهن تائين پڄايو ۽ ڪي اهي فنڪار جن کي ميڊيا کان هٽي ڪري ماڻهن جي ميڙاڪن، سياسي، سماجي ڪاڄن ۾ پنهنجي فن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.

حافظ محمد بخش خاصخيلي، سنڌ جو ھڪ سيلاني سفير هيو، جنهن پنهنجي شاعري ۽ آواز جي وسيلي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ سان محبت جا گيت ڳائي، خوب داد ورتو. سائين انورالدين جتوئي به ساڻس گڏ پنهنجي سريلي آواز جي ڪري، سڄي سنڌ جي مزاحمتي ميڙاڪن، علمي ادبي، سيمينارن ۾ خوب ڳائي سنڌ ڌرتي سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو.
انورالدين جتوئي ڳوٺ ٺوڙها، لڳ نيو جتوئي ۾ حاجي محمد عثمان جتوئي جي ڪکڙن ۾ ۲ فيبروري ۱۹۴۴ع ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم، پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. ان کان پوءِ هاءِ اسڪول نيو جتوئي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. اڳتي پڙهي، استاد ٿيو. کيس ڳائڻ جو شوق، ٻالڪپڻ کان ئي هيو. پوءِ باقائدي راڳ جي سکيا حافظ محمد اسحاق ٽلٽي واري کان ورتائين. بعد ۾ استاد علي نواز خان ۽ امداد ميراثي کان پڻ سکيا ورتائين. پاڻ سڄي سنڌ کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جاڳايائين.
انورالدين جتوئي کي خاص طور تي ڀٽائيءَ جون وايون ڳائڻ تي تمام گهڻو عبور حاصل هيو. سندس آواز ۾ ايڏو ته جادو هيو جو ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هو ۽ سڄي پنڊال ۾ ماٺار ڇانئجي ويندي هئي. سندس آواز ۾ اهڙو ته سوز ۽ جادو هيو جو ٻڌندڙ پنهنجي اکين مان لڙڪ هاري ويهي رهندا هيا. سندس مشهور ڳايل لاکيڻي لطيف جي وائي: پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر منهنجو داد ڌنارن ڪين ڪيو، کي ماڻهن ايڏو ته پسند ڪيو جو سندس آواز جي هاڪ پري پري تائين ٻڌبي هئي. انهيءَ دور ۾ سائين جي ايم سيد جي اڱڻ تي سن ۾ وڏا وڏا پروگرام ٿيندا هئا پر خاص طور تي سندس سالگرھ جي موقعي تي حافظ محمد بخش ۽ سائين انورالدين جتوئي جڏهن ڀٽائي جي وائي پنهنجي سوز ڀرئي آواز ۾ ڳائيندا هئا ته اتي ويٺل سنڌ جي قومي ڪارڪنن تي وجدان واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي.
سائين انور الدين جتوئي پنهنجي طبيعت ۾ تمام گهڻو شفيق ۽ پيار اوتيندڙ انسان هيو. هو سنڌ جو سچو عاشق هيو ۽ سندس رڳ رڳ ۾ راڳ جي ڪلا سمايل هئي. پاڻ انسان دوست ۽ سنڌ دوست هئڻ سان گڏ، شفيق استاد پڻ هيو. پاڻ گذريل سال فالج جي بيماري ۾ ورتل هيو ۽ ڪافي علاج ڪرايائين پر کيس شفا نه ملي. پاڻ اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات يعني ۱۳ فيبروري ۲۰۱۳ع تي، پنهنجي ڌرتي کان هميشه لاءِ موڪلائي ابدي آرامي ٿيو. اربع ڏينهن مان، سائين راشد مورائي ۽ اسد سولنگي سندس اباڻي ڳوٺ پهتاسين ۽ سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئيسين ۽ کيس انهيءِ قبرستان ۾ دفنايو ويو جتي هن کان اڳ اسان جا وڇڙي ويل ٻه محبوب شاعر حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ نماڻو سنڌي ابدي آرامي هئا. اسان انهن جي به حاضري ڀري ۽ سائين انورالدين جتوئي جي جدائي، اندر ۾ سانڍي، موري واپس آياسين. اسان جي ذهن تي انورالدين جون يادون ۽ سندس سريلا آلاپ اسان جي ڪنن ۽ ذهنن تي نقش ٿيل هئا ۽ اهي سٽون ذهن تي ڦرنديون رهيون ته،
“پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر منهنجو داد ڌنارن ڪين ڪيو.”
انورالدين جتوئي صوفياڻي راڳ ۾ پڻ گهڻي مهارت رکندو هو. سندس پسند جا شاعر لاکيڻو لطيف ۽ اعجاز سائين راشدي هئا. انور جيئن ته اڄ اسان ۾ موجود ناهي رهيو پر سندس فن ۽ ڪردار هميشه لاءِ زندھ رهندو. هن سنڌ جي عاشق جو وڇوڙو انتهائي دکدائڪ آهي. خدا تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي ۽ سندس پونيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.   





استاد انور الدين جتوئي
وزير فرهاد سولنگي
حافظ محمد بخش خاصخيلي به هن خطي جو اهڙو نالو آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ، ادب، شاعري ۽ قومي شعور ڏئي سنڌ جو سيلاني سفير ٿي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ سان محبت جا گيت ڳائي قومي جاڳرتا پيدا ڪئي ۽ خوب داد ورتو. ان سان گڏ سائين انورالدين جتوئي به ساڻس گڏ پنهنجي سريلي آواز جي ڪري سڄي سنڌ جي مذاحمتي ميڙاڪن، علمي ادبي، سيمينارن ۾ خوب ڳائي سنڌ ڌرتي سان والهانا عقيدت ۽ پيار جو اظهار ڪيو.
سائين انورالدين جتوئي ڳوٺ ٺوڙها لڳ نيو جتوئي ۾ حاجي محمد عثمان جتوئي جي ڪکڙن ۾ 2 فيبروري 1944ع ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ان کان پوءِ هاءِ اسڪول نيو جتوئي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ اڳتي پڙهي استاد ٿيو. کيس ڳائڻ جو شوق ٻالڪ پڻ کان ئي هيو پر پوءِ باقائدي راڳ جي سکيا حافظ محمد اسحاق ٽلٽي واري کان ورتي بعد ۾ استاد علي نواز خان  ۽ امداد ميراثي کان پڻ سکيا ورتائين. پاڻ سڄي سنڌ کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جڳايو. انورالدين جتوئي کي خاص طور تي ڀٽائي جي واين تي ڳائڻ جو تمام گهڻو عبور حاصل هيو. سندس آواز ۾ ايڏو ته جادو ۽ ميٺاج هيو جو ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هو ۽ سڄي پنڊال ۾ ويٺلن تي ماٺار ڇائنجي ويندي هئي. سندس آواز ۾ اهڙو ته سوز ۽ جادو هيو جو ٻڌندڙ پنهنجي اکين مان لڙڪ هاري ويهي رهندا هيا. سندس مشهور ڳايل لاکيڻي لطيف جي وائي: پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر منهنجو داد ڌنارن ڪين ڪيو. کي ماڻهن ايڏو ته پسند ڪيو جو سندس آواز جي هاڪ پري پري تائين ٻڌبي هئي. انهيءِ دور ۾ سائين جي ايم سيد جي اڱڻ تي سن ۾ وڏا وڏا پروگرام ٿيندا هئا پر خاص طور تي سندس سالگرھ جي موقعي تي حافظ محمد بخش ۽ سائين انورالدين جتوئي جڏهن ڀٽائي جي وائي پنهنجي سوز ڀري آواز ۾ ڳائيندا هئا ته اتي ويٺل سنڌ جي قومي ڪارڪنن تي وجدان واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي.
رهندي آهي
“پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر منهنجو داد ڌنارن ڪين ڪيو.”

انورالدين جتوئي صوفياڻي راڳ ۾ پڻ گهڻي مهارت رکندو هو. سندس پسند جا شاعر لاکيڻو لطيف ۽ اعجاز سائين راشدي هئا. سائين انورالدين جتوئي جيئن ته اڄ اسان ۾ موجود ناهي رهيو پر سندس فن ۽ ڪردار هميشه لاءِ زندھ رهندو. اڄ سندس پهرئين ورسي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا