استاد انورالدين جتوئي
سندس وڇوڙي تي ھينئڙو
منھنجو لوڻ ٿئي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌ جو ساهتي پرڳڻو جتي علمي ادبي لحاظ کان شاهوڪار آهي اتي فن، ثقافت
۽ ڪلا جي لحاظ کان به تمام گهڻو مالا مال آهي. ون يونٽ جي هلچل کان پوءِ، سنڌ ۾ هڪ
اهڙي کيپ تيار ٿي، جنهن سنڌ جي علم ادب فن ۽ ثقافت تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ اهڙا جاکوڙي
مرد مجاهد پيدا ٿيا، جن سنڌ جي ماڻهن کي شاهوڪار ادب ۽ سگهاري تاريخ ڏني. اتي فن ۽
ثقافت جي ميدان ۾ به تمام وڏا نالا پيدا ٿيا. هڪ ته اهي فنڪار جن کي ميڊيا ماڻهن تائين
پڄايو ۽ ڪي اهي فنڪار جن کي ميڊيا کان هٽي ڪري ماڻهن جي ميڙاڪن، سياسي، سماجي ڪاڄن
۾ پنهنجي فن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.