; سنڌي شخصيتون: استاد گلزار علي خان - ناصر قاضي

18 February, 2013

استاد گلزار علي خان - ناصر قاضي


استاد گلزار علي خان
منھنجي تو سان مٺا محبت ايتري جھڙا ڪلام ڳائي محبتون ونڊيندڙ ڪلاڪار
ناصر قاضي
سالن پڄاڻا اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان خيرپور تان روزانو شام جو ڇهين بجي جي خبرن کانپوءِ هڪ سريلي آواز ۾ هڪ نغمو ’اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا‘ نشر ٿيندو آهي ۽ اهو ئي سهڻي آلاپ وارو نغمو ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جي پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ جي شروعات جو اطلاع هوندو آهي. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ان پروگرام کي جن جن ساٿين به ٻڌو هوندو، تن کي يقيناً اها خبر هوندي ته ان پروگرام جو اهو ٽائيٽل سانگ ”اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا“ سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم ڪلاڪار استاد گلزار علي خان جي سهڻي، سريلي ۽ لافاني آواز ۾ ڳايل آهي.

اهو استاد گلزار علي خان هو، جيڪو شخصيت، فن، اخلاق توڙي گفتار ۾ واقعي به گلزار هو ۽ نه صرف گلزار هو، پر پنهنجي نالي جي پهرين اکر ’استاد‘ جي نسبت سان به هو هڪ مڪمل ۽ شفيق استاد هو. سندس شمار سنڌ ڌرتيءَ جي انهن فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجا وڌ ۾ وڌ شاگرد تيار ڪيا. سنڌ جا اڄ به ڪيترا ئي سريلا راڳي سندس ئي ڏنل فيض سان فيضياب آهن. هن پنهنجي شاگردن کي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ڪلا جي ڪيميا سان نوازيو. کيس پنهنجن شاگردن سان بي انتها شفقت ۽ محبت هوندي هئي. هو پنهنجي شاگردن کي به اولاد جيان سمجھندو هو. ايتري قدر جو پتو پيو آهي ته هن پنهنجي استعمال جو تانپورو سنڌ جي تمام سريلي فنڪار، پنهنجي شاگرد غلام شبير سمون کي، جڏهن ته پنهنجي استعمال جي هارمونيم رتيديري شهر جي پنهنجي ٻئي شاگرد مرليڌر کي ۽ پنهنجو سر منڊل پنهنجي هڪ ٻئي شاگرد نظير حسين تنيو کي نشاني طور ڏئي ڇڏيا هئا.
استاد گلزار علي خان ساهتي پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ضلعي نوشهري فيروز ۾ ۱۹۳۴ع ڌاري محمد مراد دايو جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد مراد دايو پڻ سٺو ڪلاسيڪل راڳي هو. استاد گلزار علي خان جي ڇٺيءَ جو نالو ’گلاب خان‘ رکيو ويو. پر جڏهن پاڻ ۱۰ سالن جي ننڍڙي وهيءَ ۾ پنهنجي مرشد پاڪ سيد مهدي شاهه جي خدمت ۾ فيض وٺڻ لاءِ حاضر ٿيو ته سائين مهدي شاهه کيس هڪ گلاب مان گلزار ڪري ڇڏيو. مطلب ته مٿس طريقت جو نالو گلزار علي رکيائين. استاد گلزار علي خان، پرائمري تعليم ڳوٺ مان ئي پرائي. جنهن کانپوءِ هو پنهنجي نصابي تعليم اڳتي جاري نه رکي سگھيو.
جيئن ته سندس والد محترم محمد مراد خان دايو به ڳائيندو هو. جنهن کيس راڳ جي بنيادي تعليم ڏني. پنهنجي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ موسيقيءَ جي سکيا وقت پنهنجي والد پاران ڏنل سبق طور پهريون راڳ ’ڀيرو‘ ڄاڻايو اٿائين ۽ ساڳئي راڳ جو ياد ڪرايل هڪ خيال ’پنجتن ڪي پوجا ڪر لي‘ پڻ ٻڌايو اٿائين. ان کانپوءِ استاد گلزار علي خان، ماسٽر مهر علي لاڙڪاڻي واري کان ڪجھه ٽائيم موسيقيءَ جي سکيا ورتي. تڏهن استاد گلزار علي خان پندرهن سورهن سالن جو هو.
قدرت واري کي شايد هڪ عظيم استاد سان هڪ عظيم شاگرد ملڻو هو. شايد اهو ئي سبب هو، جو هيءُ استاد منظور علي خان جي خدمت ۾ راڳ جي سکيا لاءِ حاضر ٿيو. جنهن دل سان کيس پنهنجو شاگرد قبول ڪيو. ان وقت سندس عمر ۲۵ سال هئي. هو استاد منظور علي خان جي ويجھن ۽ پيارن شاگردن مان هو.
۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد قائم ٿيو ته استاد گلزار علي خان ان سان سلهاڙجي ويو. ڪيترن سالن تائين هو اتي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. وري جڏهن مارچ ۱۹۸۳ع ۾ ريڊيو خيرپور شروع ٿيو ته اتي هو هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ريڊيو تي اچڻ کان پوءِ هو ٽي ويءَ تي به ڳائڻ لڳو. ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسيٽون رليز ٿيون آهن. هن پنهنجي عمر جا لڳ ڀڳ چاليهه سال ريڊيي ۽ ٽي ويءَ وسيلي فن کي ارپي ڇڏيا. هو تقريباً سڀ ساز جهڙوڪ: باجو، طبلو، ڍولڪ، بينجو، ستار، تانپورو، وائلن وغيره مهارت سان وڄائي ويندو هو. سندس ڳايل ڪيترا ئي ڪلام ۽ گيت اڄ به مشهور آهن، جن ۾:
·        ’مان دل جون ڳجھڙيون ڳالهيون، ڀلا تو کي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان‘،
·        ’جيءُ جيءَ سان ملاءِ جاني جاني‘،
·        ’تون آن باغ حسن جو گل گل گل‘،
·        ’حال مون هيڻا ڪيا، منهنجا مٺا تنهنجي ڪري‘،
·        ’تون رسي هليو وڃين ٿو اهو يار پيار ناهي‘،
·        ’منهنجي توسان محبت مٺا ايتري‘،
·        ’اي دلي آرزو غير جو هر ستم تنهنجي خاطر سٺم سنڌ جو آقسم‘
وغيره شامل آهن. سندس آواز ۾ ڳايل سرڪش سنڌيءَ جو هڪ گيت ’زبان رت سان ڀري پئي آ‘ ڪافي مقبول ٿيو. استاد گلزار علي خان مڙني ڪلاسيڪل شاعرن کان علاوه پنهنجي دور جي جديد شاعرن جهڙوڪ: ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ ٻين جي شاعري ڳائي.
استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ واري محلي ۾، راڳ سيکارڻ جو اسڪول پڻ کوليو هو، جتي ڪيترن ئي ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. سندس لائق شاگردن ۾ مرحوم خان محمد سمون، عبدالغفور سومرو، غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، علي محمد وڳڻ، حاجي نثار بزمي، نياز حسين سمون، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبداللطيف مهر، غلام قادر ۽ مختيار علي شيخ  وغيره قابل ذڪر آهن.
استاد گلزار علي خان ۱۹۸۵ع کان بيمار رهڻ لڳو. ڊاڪٽرن کيس نه ڳائڻ جي صلاح ڏني، پر ان باوجود هو ڳائيندو رهيو. مٿس ٻه ڀيرا اڌ رنگ جو حملو به ٿيو، جنهن ۾ سندس دل ۽ بڪيون متاثر ٿيون. ۱۹۹۰ع کان پوءِ، سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. مختلف اسپتالن ۾ سندس علاج ڪرايو ويو، پر هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو ۽ ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع تي اڱاري جي ڏينهن ۳ وڳي دم ڌڻيءَ سائينءَ حوالي ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سندس ڳوٺ ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي، جتي هر سال سيپٽمبر مهيني ۾ سندس ورسي منعقد ڪئي ويندي آهي.
استاد گلزار علي خان جا ڪافي شاگرد، ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري جا رهاڪو آهن. جن پنهنجي استاد جي ياد ۾ رتيديري شهر ۾ ’استاد گلزار علي خان سنگيت ڪلب‘ قائم ڪئي آهي، جيڪا اڄ به سندس ياد کي تازو ڪندي رهي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا