; سنڌي شخصيتون: استاد، گلزار، علي، خان، محبت، ڪلام، ڳائي، ڪلاڪار، ناصر، قاضي،
Showing posts with label استاد، گلزار، علي، خان، محبت، ڪلام، ڳائي، ڪلاڪار، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label استاد، گلزار، علي، خان، محبت، ڪلام، ڳائي، ڪلاڪار، ناصر، قاضي،. Show all posts

18 February, 2013

استاد گلزار علي خان - ناصر قاضي


استاد گلزار علي خان
منھنجي تو سان مٺا محبت ايتري جھڙا ڪلام ڳائي محبتون ونڊيندڙ ڪلاڪار
ناصر قاضي
سالن پڄاڻا اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان خيرپور تان روزانو شام جو ڇهين بجي جي خبرن کانپوءِ هڪ سريلي آواز ۾ هڪ نغمو ’اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا‘ نشر ٿيندو آهي ۽ اهو ئي سهڻي آلاپ وارو نغمو ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جي پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ جي شروعات جو اطلاع هوندو آهي. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ان پروگرام کي جن جن ساٿين به ٻڌو هوندو، تن کي يقيناً اها خبر هوندي ته ان پروگرام جو اهو ٽائيٽل سانگ ”اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا“ سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم ڪلاڪار استاد گلزار علي خان جي سهڻي، سريلي ۽ لافاني آواز ۾ ڳايل آهي.