; سنڌي شخصيتون: راڳي صادق فقير- انٽرويو - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

07 February, 2013

راڳي صادق فقير- انٽرويو - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

راڳي صادق فقير
انٽرويو
انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سوال: سڀ کان پهرين، اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: ادا! منهنجو نالو، صادق فقير ولد فيض محمد مـڱڻهار، جنم جي تاريخ ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ ع آهي ۽ جنم جو هنڌ مٺي ٿرپارڪر آهي. تعليم ايم اي سنڌي آهي. ۱۹۹۲ع ۾ شادي ٿي ۽ اولاد ۾ هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن.

سوال: اوهان گائڪي واري فن جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
جواب: ادا آئون جڏهن فرسٽ ييئر ۾ پڙهندو هيس ته ان وقت ڪاليج ۾ هڪ پرنسپال صاحب جي الوداعي تقريب ۾ مون کي ڳائڻ جو موقعو مليو. استادن فرمائش ڪئي ته؛ استاد محمد جمن جو ڪلام ٻڌاءِ؛ ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو. الله جي مهربانيءَ سان، استادن منهنجي پرفارمنس کي پسند ڪيو. ان کان پوءِ عيدن، ديوالين ۽ هولين ۾ ڳائيندو هيس.
سوال: هن فن ۾، اوهان جو استاد ڪهڙو آهي؟
جواب: جيئن ته منهنجو والد صاحب تپيدار هو ۽ باقي ڳائڻ وڄائڻ جي حوالي سان منهنجو مامو ”حسين بخش فقير“ ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. مون فنِ موسيقي جي تربيت به ان کان ئي ورتي ۽ هارمونيم تي ڳائيندو آهيان. باقي هن فن لاءِ پوري حياتي گهرجي، تڏهن ڪجهه سکي سگهبو.
سوال: ڪهڙي ڪلام ڳائڻ تي، اوهان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو؟
جواب: ۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾، مون سنڌ جي نامياري شاعر اياز گل جو ڪلام ڳايو. ”توکان ٿيندي ڌار“ ان ڪلام ڳائڻ کان پوءِ مون کي وڌيڪ شهرت ملي.
سوال: اوهان جا ٻيا ڪهڙا ڪلام مشهور ٿيا؟
جواب: تو کان ٿيندي ڌار، سخي پيا کي ملين ته چئجان، اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا، هيءَ سين نه ڏيندي چين، تنهنجي وئي کان پوءِ، تنهنجي گهر جي ڀرسان آهيان، سنڌ جاڳي پئي، سنڌ منهنجي امان، اي ڪاش ايئن تون. وغيره وغيره.
سوال: ڪيترين ٻولين ۾، اوهان ڳائي سگهو ٿا؟
جواب: آئون سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ روانيءَ سان ڳائي سگهان ٿو ۽ ڳايو اٿم. هونءَ به هر فنڪار جي اها ڪوشش هئڻ گهرجي ته ان کي جيتريون ٻوليون اچن، انهن کي ڳائڻ گهرجي.
سوال: اوهان ڪٿي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهيو؟
جواب: آئون انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجي ملڪ جي چئني صوبن ۾ پڻ ڳايو اٿم. هڪ ڳالهه جو تجربو ضرور ٿيو آهي ته موسيقيءَ جو قدر سنڌ جهڙو ڪٿي به نه آهي.
سوال: موجودھ وقت ۾ سنڌ جي موسيقيءَ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سنڌي موسيقيءَ جا هڪڙا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. هتان جو فوڪ تمام گهڻو مضبوط آهي. ٿر کان وٺي هر علائقي جي پنهنجي خوبصورت آهي. موجوده سنگرس کي گهرجي ته اهي ٻين اسٽائيلن کي نه اپنائين. اسان جي پنهنجي سنڌي موسيقي ئي، شاهوڪار موسيقي آهي. ڪوشش ڪجي ته موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري، پنهنجي ئي نج ثقافت کي بچائجي.
سوال: ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪڏهن کان پرفارمنس شروع ڪئي؟
جواب: ۱۹۸۶ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ ۱۹۸۸ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايو.
سوال: اوهان جي زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو؟
جواب: اسلام آباد جي هڪ پروگرام دوران اوجڙي ڪيمپ جو واقعو پيش آيو. جتي ميزائيل ۽ بم ڦاٽا. مون پنهنجي اکين سان سَوَنِ ۽ هزارن جي تعداد ۾، ماڻهن کي لاشن ۽ زخمي حالت ۾ ڏٺو ۽ اسان ۸ ڪلوميٽرن تائين، پيادل ڀڄي جان بچائي.


No comments:

راءِ ڏيندا