سيد علي اڪبر شاهه
سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت
ذوالفقار علي هيسباڻي
تمام ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته انسان ڇا آهي؟ هتي دنيا ۾ ڇو آيو
آهي؟ ۽ سندس ڪاميابيءَ جو راز ڇا ۾ سمايل آهي؟ پر مرحوم سيد علي اڪبر شاهه جهڙا عظيم
انسان، انهيءَ رندي رمز کان پوريءَ طرح واقف هوندا آهن. سائين سيد علي اڪبر شاهه ۲
فيبروري ۱۹۰۱ع ۾ حضرت سيد احمد شاهه بن سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ جنم ورتو.
سيد علي اڪبر شاهه، اسلامي تعليمات جو شيدائي ۽ اسلامي روايات ۽ ڪردار جو امين هو. هن عام مسلمانن جي ڀلي لاءِ جامع مسجد ميهڙ ۾ ڪيئي ادارا قائم ڪيا. جن ۾ ”انجمن اصلاح المسلمين“، ينگ مسلم ايسوسيئيشن، لائبريري ۽ ريڊنگ روم شامل آهن. اهڙيءَ طرح هڪ نائيٽ اسڪول به قائم ڪيائين، جنهن ۾ انهن انسانن جي تعليم جو بندوبست ٿيل هو، جن کي ڏينهن جو ڪمن ڪارين سبب پڙهڻ لاءِ وقت ميسر ڪو نه هو.
سال ۱۹۲۰ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ خلافت جي پهرين ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چوٽيءَ جا عالم ۽ اڳواڻ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد شريڪ ٿيا هئا. ميهڙ مان سيد علي اڪبر شاهه هڪ وڏي وفد سان گڏ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. مٿيان چوٽيءَ جا ليڊر سيد علي اڪبر شاهه کان ايترو ته متاثر ٿيا جو کيس ميهڙ لاءِ ڪنوينر مقرر ڪيائون. شاهه صاحب هر سال خلافت تحريڪ جي پليٽ فارم تان ميهڙ ۾ هڪ عظيم الشان جلسو ڪرائيندو هو. جنهن ۾ مٿيان سڀئي اڳواڻ شرڪت ڪندا هئا.
سائين علي اڪبر شاهه مسلم ليگ جو به وڏو ليڊر هو. سال ۱۹۴۰ع ۾ لاهور
۾ مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ’قرار داد پاڪستان‘ منظور ڪئي وئي. ان ڏينهن کان مسلم
ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو. ان ڪري
سندس قائد اعظم محمد علي جناح، خان لياقت علي خان، نواب بهادر يار جنگ، مولانا اشرف
علي ٿانوي، سيد سليمان ندوي ۽ علامه شبير احمد عثماني سان نهايت ويجهڙائيءَ وارا تعلقات
هئا. شاهه صاحب پاڻ کي مسلم ليگ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. رات ڏينهن تنظيم ڪاريءَ ۾ مصروف
رهندو هو. ايترو ڪم ڪري ڏيکاريائين، جو جڏهن محترم جي ايم سيد محمد علي جناح سان اختلاف
رکي، مسلم ليگ سنڌ جي صدارت تان استعيفى ڏني،
ته قائد اعظم مسلم ليگ کي سنڌ ۾ بچائڻ لاءِ، سائين علي اڪبر شاهه کي ان جو صدر مقرر
ڪيو. ڇو ته شاهه صاحب وڏو مدبر ۽ خطابت جو شهنشاهه هوندو هو. پاڻ سنڌي، اردو، سرائڪي،
پنجابي، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪري سگهندو هو. سادن سٻاجهڙن ماڻهن کي جڏهن
مخاطب ٿيندو هو ته بلڪل سليس ٻولي ڳالهائيندو هو. پنهنجي تقرير کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي،
مولانا مثنوي روم ۽ علامه اقبال جي خوبصورت بيتن سان مزين ڪندو هو. شاهه صاحب جي تقرير
دوران ڪو به ماڻهو بوريت محسوس ڪو نه ڪندو هو.
سال ۱۹۴۶ع ۾ سائين علي اڪبر شاهه، مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان ميهڙ ۽ ڪڪڙ تڪ
تان، اليڪشن جو اميدوار بيٺو. هن جي مقابلي ۾ تر جو با اثر زميندار وڏيرو محمد قاسم
مهيسر، ڪانگريس جو اميدوار هو، جنهن جي ورڪ تي خود جواهر لال نهرو اچي لٿو ته جيئن
سيد علي اڪبر شاهه کي هارائي سگهجي. پر جڏهن ووٽن جي ڳڻپ ٿي ته سائين علي اڪبر شاهه
نه رڳو ڪامياب ٿيو، پر پوري برصغير ۾ هن مرد قلندر سڀني اميدوارن کان وڌيڪ ووٽ حاصل
ڪيا. شاهه صاحب ثابت ڪيو ته سياست عبادت آهي، اگر ان ۾ انسانيت جي خدمت جي نيت ۽ ڀلائي
جو جذبو ڪارفرما هجي. هن مردِ مجاهد سياست مان اقربا پروري، خود غرضي ۽ خود مطلبيءَ
جهڙين غليظ روايتن کي دفن ڪري، صاف شفاف، عدل ۽ انصاف تي مبني، سياست جو بنياد وڌو.
اڄوڪن سياستدانن وانگر شاهه صاحب به سڀ ڪجهه ڪري پئي سگهيو، پر هن اصولن کي اوليت ڏني.
ضمير کي زنده رکيو، وطن ۽ قوم سان غداري ڪا نه ڪئي. هميشه ماڪ ڦڙن وانگر معصوم ۽ ڪنول
جيان پاڪ صاف رهيو. ايم ايل اي هجڻ باوجود به سائين علي اڪبر شاهه ميهڙ ۾ هڪ ننڍڙي
ڪچي مڪان ۾ سڪونت اختيار ڪئي. گورنمينٽ طرفان کيس جيڪو الائونس هڪ هزار روپيه ماهوار
ملندو هو، ان مان ٽي سؤ رپيه ماهوار تاج ڪمپني کي قرآن پاڪ جي ڇپائيءَ ۾ مدد طور ڏيندو
هو. چار سؤ رپيا غريب شاگردن کي اسڪالرشپ طور ڏيندو هو ۽ صرف ٽي سؤ رپيا پنهنجي گذران
لاءِ رکندو هو. هن عظيم انسان پنهنجي گهرواريءَ جا ڳهه گروي رکي به سوين ماڻهن کي پڙهايو ۽ روزگار
سان لڳايو. سيد علي اڪبر شاهه سعودي عرب، ترڪي، عراق ۽ شام ۾ پاڪستان جو سفير رهي چُڪو
هو، پر هن ڪابه ملڪيت گڏ ڪا نه ڪئي. پر اڃا به پنهنجي ذاتي ملڪيت عام ماڻهن جي ڀلي
لاءِ، راههِ خدا ۾، وقف ڪري ڇڏيائين. هڪ دفعي صدر ايوب خان سائين علي اڪبر شاهه ڏانهن
گاڏيءَ جي پرمٽ موڪلي ته پاڻ کيس لکيائين ته؛ اها قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، منهنجي
ٽنگن ۾ جيستائين طاقت آهي، مان انهن کان ڪم وٺندو رهندس.
شاهه صاحب تمام وڏو فياض ۽ سخي هو. سنڌ جا ماڻهو کيس ”حاتمِ سنڌ“ چوندا
هئا. جامع مسجد ميهڙ ۾ مصيبت جي ماريلن جون صفون هونديون هيون. پاڻ انهن جي هر ممڪن
امداد ڪندو هو. سيد علي اڪبر شاهه دنيا جي مڃيل هستي هو. پوري برصغير ۾ هر ذي شعور
ماڻهو سندس عظمت جو قائل هو. شاهه صاحب ”جامعه عربيه تلڪ چاڙهي حيدرآباد“ جو ادارو
انهيءَ مقصد لاءِ قائم ڪيو هو ته هي سنڌ جي مسلمانن لاءِ ”علي ڳڙهه يونيورسٽي“ ثابت
ٿيندو. اڳتي نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا به دشواري ڪا نه هوندي. پر افسوس جو
اهو خواب ساڀيان ٿي ڪو نه سگهيو. سائين علي اڪبر شاهه جي ڪوشش سان سنڌ يونيورسٽي قائم
ٿي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي سليڪشن ڪاميٽي جو ميمبر بڻيو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اسلامي شعبي جو
کيس سربراهه مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح پاڻ
سنڌ يونيورسٽي اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ سينيٽ جو ميمبر به رهيو. سائين سيد علي اڪبر شاهه سنڌ
مدرسته الاسلام ڪراچي، سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچي ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي جو سرگرم
ميمبر ۽ مالي معاونت ڪندڙ هو.
شاهه صاحب غريبن جو حامي ۽ مسڪينن جو مددگار هو. هن هارين ۽ مزدورن کي
متحد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جا دورا ڪيا. هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ بل پيش ڪيا، جنهن
تي زميندار ۽ سرمائيدار سيد علي اڪبر شاهه تي ناراض ٿي پيا ۽ هنن انهن بل جي حمايت
کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڄ اسان اهڙي هستي کان محروم آهيون. ميهڙ ته ڇا پر سڄي سنڌ ۾ اسان
کي اهڙو موتي داڻو نظر ڪو نه ٿو اچي، جيڪو سيد علي اڪبر شاهه جي ڇڏيل ڪم کي پورو ڪري
سگهي. غريب شاگردن کي پڙهائي، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بنائي روزگار سان لڳائي. اڄ وري اهڙي
انسان جي ضرورت آهي، جيڪو ناقص ۽ ناڪاره سماجي نظام کي بهتر بنائي، مسڪين ماروئڙن جي
واهر ڪري سگهي. جنهن وٽ ذات پات جو ڪو به فرق نه هجي. صرف ۽ صرف دکي انسانن جي واهر
ڪرڻ ان جو اصل مشن هجي.
پاڻ ۲۰ جون ۱۹۶۹ع تي هن فاني دنيا کي ڇڏي، جامع مسجد ميهڙ ضلع دادو جي
ڀر ۾، وڃي هميشه لاءِ آرامي ٿيو.
سيد علي
اڪبر شاهه
سنڌ جي
علم دوست شخصيت
ذوالفقار
علي هيسباڻي/حيدرآباد
هن ڌرتيءَ ڪيترا ئي انمول انسان ڏنا آهن، جن کي باقي
دنيا تائين ياد رکيو ويندو. سائين سيد علي اڪبر شاهه به اها شخصيت ٿي گذري، جيڪا وساري
به نه وسرندي. هر ڏينهن هر گهڙي هر ڪچهريءَ ۾ کيس ياد ڪيو ويندو آهي. سيد علي اڪبر
شاهه ۲ فيبروري
۱۹۰۱ع تي ميهڙ ۾ پيدا ٿيو.
سيد علي اڪبر شاهه عالم دين، بي لوث سماجي خدمتگار
۽ غريبن جو هڏ ڏوکي درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي. سيد علي اڪبر شاهه قرآن شريف توڙي
سنڌي ۽ انگريزيءَ جا ٻه ٽي درجا ميهڙ ۾ پڙهيو. فارسيءَ جو درس مولانا عبدالوهاب ڪنڀر
گاهي مهيسر واري کان حاصل ڪيائين ۽ عربيءَ جي تعليم مولانا عبدالڪريم ديروي کان حاصل
ڪري فارغ التحصيل ٿيو ۽ پوءِ جامع مسجد ميهڙ ۾ امام خطيب مقرر ٿيو، جتي هُن مدرسه اڪبريه
دارالقرآن جو بنياد وڌو. اهو مدرسو اڄ به قائم آهي.
هن معاشري مان غلط رسمن جي پاڙ پٽڻ لاءِ ميهڙ ۾ انجمن
اصلاح رسوم پڻ قائم ڪئي. ان کان سواءِ نوجوانن لاءِ ينگ مسلم ايسوسيئيشن جو قيام عمل
۾ آندو. ان سان گڏ هڪ لائبريري به قائم ڪئي، جنهن مان شهر وارن کي وڏو فائدو رسيو.
سيد علي اڪبر شاهه سياست ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. خلافت
تحريڪ ۾ زور شور سان حصو ورتائين. هو ميهڙ جي لاءِ خلافت ڪنوينر مقرر ٿيو. لاڙڪاڻي
واري خلافت ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ۱۹۴۰ع کان پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. تحريڪ پاڪستان ۾ سرجوشي سان حصو ورتائين.
کيس آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻايو ويو، جنهن ڪري کيس مسلم ليگ
جي وڏن وڏن ليڊرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سيد علي اڪبر شاهه کي مسلم ليگ سنڌ
جو صدر بنايو ويو. هو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ۱۹۴۵ع ۾ اليڪشن وڙهيو، جنهن ۾ سندس مقابلو علائقي جي هڪ وڏي بااثر شخصيت سردار
محمد قاسم مهيسر سان ٿيو. پر سيد علي اڪبر شاهه کيس شڪست ڏني. ان اليڪشن ۾ پوري برصغير
۾ وڌ ۾ وڌ ووٽ سيد علي اڪبر شاهه کي ئي مليا.
سال ۴۶-۱۹۴۷ع ۾ هن سموري برصغير جا دورا ڪيا ۽ پاڪستان جي باني
قائد اعظم محمد علي جناح رحه سان گڏجي ڪم ڪيو.
سيد علي اڪبر شاهه جي عوام ۾ مقبوليت ايتريقدر هئي،
جو جڏهن هو ٻاهران ميهڙ ۾ ايندو هو ۽ ميهڙ جي ماڻهن کي خبر پوندي هئي ته، هجومن جا
هجوم بس اسٽاپ تي سندس استقبال لاءِ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ کيس گهر جي در تائين رخصت ڪري
پوءِ موٽندا هئا. جڏهن پاڻ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ته، کيس هڪ هزار روپيا وظيفو
ملندو هو. جنهن مان ۴۰۰ رپيا غريب شاگردن ۾ ورهائيندو هو. جڏهن ته ۳۰۰ روپيا هڪ ڪمپني کي قرآن مجيد
جي ڇپائيءَ لاءِ ڏيندو هو. باقي ۳۰۰
روپيا پنهنجي خرچ لاءِ رکندو
هو.
اسيمبليءَ دوران هن تعليمي اصلاحي ۽ غريبن جي ڀلائيءَ
لاءِ ڪيترا ئي بل پاس ڪرايا.
حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي وٽ هڪ عظيم الشان اداري جامعيه
عربيه جو بنياد وڌائين. اڄ اهو ادارو هاءِ اسڪول جي صورت ۾ قائم آهي، جتان ڪيترا ئي
شاگرد پڙهي نڪتا.
اڪبر شاهه صاحب هڪ تمام سٺو مقرر هو. سندس تقرير دلنشين
هوندي هئي. مشهور آهي ته، هن هڪ ڀيري حيدرآباد صدر واري علائقي ۾ جامع مسجد جي بنياد
۽ تعمير لاءِ تقرير ڪئي. ان دور ۾ ماڻهن لکين رپيا ڏنا. قائد اعظم محمد علي جناح رحه
سندس تقرير کي ڏاڍو پسند ڪندو هو. ٻين لاءِ ٽائيم مقرر هوندو هو پر اڪبر شاهه صاحب
جي تقرير لاءِ ٽائيم مقرر نه هوندو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندس سموري توجهه تبليغي،
ديني ۽ ادبي خدمتن طرف رهي.
سيد علي اڪبر شاهه ۲۲
جون ۱۹۷۱ع تي وفات ڪئي.
No comments:
راءِ ڏيندا