; سنڌي شخصيتون: قاضي فيض محمد - ادريس جتوئي

09 February, 2013

قاضي فيض محمد - ادريس جتوئي


قاضي فيض محمد
سچو انسان
ادريس جتوئي
قاضي فيض محمد ۱۱ نومبر ۱۹۰۸ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر هالاڻي جي قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نوشهري مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول مان ڪئي. انجنيئرنگ جي تعليم ڇڏي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان وڪالت پاس ڪيائين. جتي هن ننڍي کنڊ ۾ نامور شخصيتن جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، سباش چندر بوس، حسرت موهاني ۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيون.

هو ٻن مهينن جو هو ته سندس والد قاضي نبي بخش وفات ڪري ويو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي يتيم ٻار ننڍي کنڊ جو تمام وڏو ڪردار ٿي اڀرندو. قاضي صاحب سياست جي شروعات خلافت تحريڪ کان ڪئي. ان کان پوءِ هن ڪانگريس، مسلم ليگ، خاڪسار تحريڪ جي پليٽ فارم تان انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي جدوجهد ڪئي. ۱۹۴۸ع ۾ هو باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ سرگرم ٿيو ۽ ۱۹۵۱ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو. هن هاري ڪاميٽي جي ميدان تان الاٽي تحريڪ، اڌ بٽئي تحريڪ ۽ ڇيڙ بيگر خلاف طبقاتي جدوجهد ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو. هاري جدوجهد دوران ڪنڊياري جي وڏيري غلام نبي ڏهراج مينهن جي چوريءَ جو ڪيس قاضي فيض محمد تي داخل ڪرايو. جيڪو ڪورٽ ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو. وڏيري وري قاضي صاحب جي گهر ۾ ڌاڙو هڻايو، جنهن ۾ سندس والده پڻ زخمي ٿي. اهي حالتون ڏسي، قاضي فيض محمد نواب شاهه شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. قاضي فيض محمد سٺ جي ڏهاڪي ۾ قومي جدوجهد ۽ مارشل لا خلاف اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو.
قاضي فيض محمد ون يونٽ خلاف جدوجهد، سنڌي لسٽن جي ڇپائي جي تحريڪ ۽ ٻي سنڌ جي حق ۾ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ شريڪ رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن ايوب جي مارشل لا خلاف جدوجهد ڪئي تڏهن نواب شاهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي رهڻ لاءِ جڳهه قاضي فيض محمد ڏني ۽ امداد شاهه ۱۴۴ قلم لاڳو هوندي به ڀٽي صاحب جو جلسو ڪرايو. ڀٽي صاحب، قاضي فيض محمد کي پ پ جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. ان تي قاضي صاحب چيو ته؛ مان شيخ مجيب کي ڇڏي نٿو سگهان. باقي مدد لاءِ کيس پنهنجا شاگرد قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ عبدالفتاح ميمڻ ڏنائين. جيڪي آخري دم تائين، ڀٽي صاحب سان وفادار رهيا.
قاضي فيض محمد عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ڇاڪاڻ ته سندس چواڻي؛ مجيب الرحمان قومن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. قاضي فيض محمد عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر بڻيو ۽ نواب شاهه-سڪرنڊ واري حلقي مان چونڊن ۾ پڻ بيٺو. پر کٽي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت اچڻ کان پوءِ، قاضي فيض محمد سياسي جبر جي ڪري هندستان ويو. جتان پوءِ هو بنگال پهتو ۽ اتان لنڊن ۾ جلاوطني اختيار ڪيائين. جتان پاڪستان واپس موٽڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو هو. کيس ڪيترا ڀيرا قيد ڪيو ويو پر هن عظيم انسان هڪ گهڙي به پنهنجي مقصد کي نه ڇڏيو. هو ڪميٽيڊ انسان هو. هن وطن ۽ انسان جي آزادي لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو.
قاضي صاحب کي سياست کان سواءِ مذهب، فلسفي، سائنس ۽ موسيقي سان تمام وڏي دلچسپي هئي. موسيقي سان لڳاءُ جي سلسلي ۾ قاضي فيض محمد جو ڪو به مٽ ثاني ڪونهي. استاد بڙي غلام علي خان کان قاضي صاحب موسيقي جي سکيا حاصل ڪئي. استاد منظور ۽ بڙي غلام علي خان، نواب شاهه ۾ قاضي فيض صاحب وٽ محفلون ڪندا هئا. تصوف ۽ سائنس جي ميلاپ مان جيڪا شخصيت تعمير ٿي سگهي ٿي، سا قاضي فيض محمد جي ٿي سگهي ٿي.
قاضي صاحب جون سنڌي ادب لاءِ به اڻ مٽ خدمتون آهن. هن جا ٻه مشهور ناول ”جنسار“ ۽ ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“ آهن. ٻيا به شاعريءَ ۽ فلسفي جي موضوعن تي قاضي فيض محمد جا ڪتاب ڇپيل آهن.
قاضي صاحب جي شخصيت تي علامه آءِ آءِ قاضي جي شخصيت جو گهرو اثر رهيو آهي. هو علامه مشرقيءَ کان به گهڻو متاثر هو. سائين جي ايم سيد سان به ڪافي ويجهڙائي هئس.
بهرحال قاضي صاحب جهڙا انسان قومن ۾ ورلي جنم وٺندا آهن. هو سنڌ دوست، انسان دوست ۽ سنڌي مزاج وارو صوفي انسان هو. هن ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ من ۾ مير نه رکيو. هو دل جو صاف، اڇو اجرو ۽ درويش صفت، ايماندار ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. خبر ناهي ته سنڌ کي ڪهڙي نظر لڳي آهي جو اهڙن صاحب ڪردارن سياستدانن ۽ انسانن کان ڏينهون ڏينهن محروم ٿي رهي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا