قاضي فيض محمد
سچو انسان
ادريس جتوئي
قاضي فيض محمد ۱۱ نومبر ۱۹۰۸ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر هالاڻي جي قاضي خاندان
۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نوشهري مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول
مان ڪئي. انجنيئرنگ جي تعليم ڇڏي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان وڪالت پاس ڪيائين. جتي هن
ننڍي کنڊ ۾ نامور شخصيتن جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، سباش چندر بوس، حسرت موهاني
۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيون.
