; سنڌي شخصيتون: خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر - پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر

14 February, 2013

خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر - پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر


خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر
پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر
اڄ جڏهن هن نفسا نفسيءَ واري دور ۾ پنهنجي ذات لاءِ ته هر ڪو ئي ڪري ٿو، پر سنڌ ۾ وَرلي ڪي اهڙا ڪردار نظر ايندا، جيڪي سنڌ جي اَٻوجهه ماڻهن جي تعليم سان گڏوگڏ، انهن جي صحت ۽ معياري زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي ادارا قائم ڪندي، پنهنجي ڪردار ۽ شعور سان سنڌ جي خدمت ڪندا هجن. ڳالهه، اڄ کان سؤ سال اڳ کان جي به ڪجي ٿي ته، سال ۱۸۷۶ع ڌاري سنڌ راڻيءَ جي شهر ٽنڊو باگو ۾ جنم وٺندڙ، خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر کي جڏهن ۱۹۰۹ع ۾ جاگير ملي ته ان وقت مير جي من ۾ لاڙَ جي اُگهاڙن پيرن وارن ٻارن، مسڪينن ۽ يتيم عورتن جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ تَڙپ پيدا ٿي. انهيءَ تڙپ تحت خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت، انساني ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ وَقف ڪري ڇڏي.

اڄ کان جڏهن هڪ سؤ سال اڳ سنڌ تي تعليمي، اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ تي نظر ڊوڙائبي ته، ان وقت سنڌ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻيو سنڌ مدرسه اسڪول سيد الهندو شاهه طرفان نوشهرو فيروز ۾، جڏهن علم جي جوت سان سنڌ کي روشن ڪري رهيا هئا ته، اُن وقت مير غلام محمد ٽالپر کي به انهيءَ سوچ مجبور ڪيو ته، سنڌ جي پُٺتي پيل علائقي، لاڙَ جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ تعليم جو هجڻ ضروري آهي. تڏهن خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر ۱۹۲۰ع ۾ ٽنڊي باگي شهر ۾ محمد صديق مسافر جي ساٿ سان، انگريزي اسڪول جو بنياد وڌو. اهڙي نموني اهو اسڪول ۱۹۲۳ع ۾ لارينس مدرسي جي نالي سان مشهور ٿيو. اهڙي نموني ۱۹۲۴ع ۾ انهيءَ اسڪول ۾ گبسن بورڊنگ هائوس جو بنياد وڌو. جتي علائقي جي غريب شاگردن کي تعليم سان گڏوگڏ کاڌ خوراڪ ۽ اسڪالرشپ پڻ ڏني ويندي هئي. خان بهادر نه صرف اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي اسڪالرشپون ڏيندو هو، پر گڏوگڏ هو سنڌ جي بي پهچ ۽ غريب شاگردن جي تعليم جي سهائتا لاءِ فري بورڊنگ ۽ اعلى تعليم  لاءِ پڻ اڪسائيندو هو ۽ سندس ڏنل اسڪالرشپ تحت علامه دائود پوٽو پڻ اعلى تعليم جي زيور سان آراسته ٿيو.
خان بهادر کي اها تڙپ هئي ته، هو ٽنڊي باگي واري اسڪول کي هڪ يونيورسٽيءَ جهڙو اعليٰ تعليمي ادارو بڻائي، پر زندگيءَ کيس ايتري مهلت نه ڏني ۽ هو ۱۲ فيبروري ۱۹۳۲ع تي هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا