; سنڌي شخصيتون: خانبهادر، مير، غلام، خان، ٽالپر، پروفيسر، محمد، اسماعيل، ڪنڀر،
Showing posts with label خانبهادر، مير، غلام، خان، ٽالپر، پروفيسر، محمد، اسماعيل، ڪنڀر،. Show all posts
Showing posts with label خانبهادر، مير، غلام، خان، ٽالپر، پروفيسر، محمد، اسماعيل، ڪنڀر،. Show all posts

14 February, 2013

خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر - پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر


خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر
پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر
اڄ جڏهن هن نفسا نفسيءَ واري دور ۾ پنهنجي ذات لاءِ ته هر ڪو ئي ڪري ٿو، پر سنڌ ۾ وَرلي ڪي اهڙا ڪردار نظر ايندا، جيڪي سنڌ جي اَٻوجهه ماڻهن جي تعليم سان گڏوگڏ، انهن جي صحت ۽ معياري زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي ادارا قائم ڪندي، پنهنجي ڪردار ۽ شعور سان سنڌ جي خدمت ڪندا هجن. ڳالهه، اڄ کان سؤ سال اڳ کان جي به ڪجي ٿي ته، سال ۱۸۷۶ع ڌاري سنڌ راڻيءَ جي شهر ٽنڊو باگو ۾ جنم وٺندڙ، خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر کي جڏهن ۱۹۰۹ع ۾ جاگير ملي ته ان وقت مير جي من ۾ لاڙَ جي اُگهاڙن پيرن وارن ٻارن، مسڪينن ۽ يتيم عورتن جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ تَڙپ پيدا ٿي. انهيءَ تڙپ تحت خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت، انساني ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ وَقف ڪري ڇڏي.