گنو سامتاڻي
سنڌي ادب جو ذھين ترين
ليکڪ
رکيل مورائي
ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويندڙ يا هتان لڏايا ويندڙ سنڌي ڀارت جهڙي
وڏي ملڪ ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ورهائجي ويا. اُن وقت جي آزاد هندستان حڪومت اهو پڪو پهه ڪيو
هو ته سنڌ مان لڏي ويل سنڌين کي هڪ هنڌ نه رهائڻو آهي، جنهن تي عمل ڪندي هتان لڏي ويل
سنڌين کي هند ۾ ٿائينڪو ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويو. هنن سنڌيت جي پاڙئون پٽيل ٻوٽي
کي هنڌ جي ڌرتيءَ تي نئين سر لڳايو جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو.
سنڌيت جي تحريڪ کي هتان ويل بزرگن سياستدانن، عالمن ۽ اديبن کانپوءِ هنڌ
۾ ادبي تحريڪ تان جنهن ٽمورتيءَ پنهنجي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اها ٽمورتي آهي، گوبند
مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي، پهريان ٻئي شخص اڄ سرڳ واسي آهن جڏهن ته ڪيرت ٻاٻاڻي
پنهنجي دل ۾ پنهنجي ماتر ڀوميءَ جون يادگيريون سانڍي اڃا به ان جي ڌرتيءَ تي هڪ ڀيرو
اچڻ لاءِ واجهائي رهيو آهي. هيءَ ٽمورتي ترقي پسندن ڌارا سان جڙيل هئي، جن کي هند
۾ مارڪسوادي ٿا ڪوٺين، جڏهن هنڌ ۾ سنڌي ادب ان ڌارا جو پرچاري بڻجي رهجي ويو ته هڪ
وروڌي/مخالف ٽمورتي سنڌي ادب ۾ ظاهر ٿي، جيڪا هئي گنوسامتاڻي، موهن ڪلپنا ۽ لعل پشپ،
جي نالن تي ٻڌل. ڪنهن ڊگهي تفصيل ۾ وڃڻ بجاءِ مان هن ٽمورٽيءَ جي پهرئين مورت گني سامتاتيءَ
تي اچان ٿو، جنهن جو اڄ جنم ڏينهن آهي. گنو سامتاڻي سنڌ جي اهم ترين ۽ علمي ادبي شهر
حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ تيرنهن سالن جي عمر ۾ زندگيءَ جي هڪ نه چاهيل جلاوطني ان ڪري قبول ڪيائين جو هو جنهن خاندان ۾ ڄائو هو ان خاندان کي
پنهنجي پنجن هزارن سالن جي اڏيل تهذيب، ڪروڙين سالن واري پنهنجي ڌرتي ڇڏڻي پئي هئي.
ايئن گنو سامتاڻي، سنڌي هوندي به سنڌ کان پري هجڻ واري اذيت ۱۶ آگسٽ ۱۹۹۷ع تائين ڀوڳيندو
رهيو، جيستائين هن هند جي مهانگري ممبئيءَ ۾ زندگيءَ کي الوداع نه چيو.
گنو سامتاڻي ڪهاڻيڪار طور اڀريو، خاص جديد ڪهاڻيڪار طور ۽ سڄي هند ۾ هڪ
ذهين ليکڪ طور پنهنجو نالو ڪڍيائين. هند ۾ رهندي هن نه رڳو اتان جي مقامي ٻولين جو
ادب پڙهيو پر سڌوسنئون انگريزي ادب جو پاٺڪ
به رهيو. سندس ٽمورتيءَ جي باقي ٻنهي شخصن موهن ڪلپنا ۽ لعل پشپ پنهنجي لکڻين ۾ قبول ڪيو آهي ته اسان کي جديد
ادب پڙهائيندڙ يا ان ڏانهن وٺي، ايندڙ گنو سامتاڻي آهي. هند ۾ رهندڙ سنڌي ادب جو ذهين
ترين شخص ۽ اديب طور سڃاتو ويندڙ ڪهاڻيڪار گني سامتاڻي جي ڪهاڻين کي اهو اعزاز آهي
ته اهي ٻين ٻولين ۾ گهڻي ۾ گهڻو ترجمو ٿيون آهن.. ساڳئي وقت سندس شايد پهرئين ڪتاب
اپراجتا کي اهو اعزاز به آهي ته ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو هند جهڙي وڏي ملڪ ۾ جتي سنڌي
ڪڻو ڪڻو ٿي ويل هئا، اتي هڪ مهيني ۾ وڪرو ٿي ويو. هيءُ ڪتاب موهن ڪلپنا ڇپايو هو.
گني سامتاڻيءَ تمام ٿور لکيو، لڳ ڀڳ نه لکڻ جيترو پر هن شخص ايترو پڙهيو
جو سندس همعصر سندس ڳالهائڻ لاءِ ۽ ادب تي تبصري ڪرڻ لاءِ وقت جي تلاش ۾ هوندا هئا.
اهڙي شاهدي سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز گني سان ڪچهري واري پنهنجي لکڻيءَ ۾ ڪيو
آهي. اياز صاحب سان گني جي ڪچهري ڄڻ ٻن نظرين/ ترقي پسندي ۽ جديديت پسنديءَ، جي ڪچهري
آهي گني سامتاڻي جيتوڻيڪ يورپي ادب کي سڀ ڪجهه قبول ڪيو. پر سندس ڪهاڻيءَ تي گهڻو اثر
بنگالي ادب جو آهي. هند جي نقادن خود سندس زندگيءَ ۾ اهڙو اظهار ڪيو آهي، خاص طور شرت
چندر چئٽر جيءَ جو نالو کڻي، سنڌي ٻوليءَ جو هيءَ ذهين اديب سٺي عمر ممبئيءَ ۾ رهيو.
سندس حوالي ۾ ٻه شخصي حوالا نهايت اهم ڳڻايا ويندا آهن. هڪ سندس ذهانت
۽ ٻي سندس نفاست، سندس دوست لعل پشپ لکيو آهي ته ”گني سامتاڻيءَ جا پير کير سان ڌوتل
محسوس ٿيندا آهن“ ۽ هن جي ذهانت جي ڇاپ سمورن هند جي جديد اديبن تي آخر تائين رهي.
گني جا ٽي ڪتاب سندس ئي زندگيءَ ۾ ڇپيا، پهريون اپراجتا، ٻيون اڀيمان ۽ ٽيون ناول،
واپسي ۽ انهن ٽن ڪتابن جي بنياد تي هن جو قد سنڌي ادب ۾ جديد ادب جو هڪ مينار ٿي رهيو
جيڪو اڄ به ادب جي ڊگهي مفاصلي تان نظر اچي رهيو آهي. سندس نظرين کي قبولي، هند ۾ وڏو
حلقو جديد اديبن جو پيدا ٿيو ۽ ترقي پسند سنڌي ادب هند ۾ پوئتي پوندو ويو. مٿي ذڪر
ڪيل نالن کانسواءِ پرم اڀيچنداڻي، هريش واسواڻي، پروفيسر، هيرو شيوڪاڻي، انند کيماڻي،
شيام جئسنگهاڻي، وشنو ڀاٽيا، نامديو تارا چنداڻي، جديد سنڌي ادب جا هند ۾ اهم نالا
ليکا وڃن ٿا . مٿيان نالا نه رڳو تخليقي ادب
جا اهم نالا آهن، پر سنڌي تنقيد جا به اهم نالا آهن.
گنو سامتاڻي، حيدرآباد کانپوءِ ممبئيءَ ۾ رهيو، پسند جي شادي ڪيائين پر
اولاد ڪونه ٿيس. هڪ پٽ گودور تائين ان کي نپايائين جيڪو اڄ ڪالهه شايد ٻاهر رهي ٿو.
ممبئي جهڙي اهم شهر ۾ رهائش دوران ايڊيشل چيف سيڪريٽريءَ جهڙي وڏي پد تي رهيو. مان
نه ٿو سمجهان ته سنڌ جي ڪنهن اديب سان سندس دوستي يا لک پڙهه رهي آهي. سواءِ هڪ سنڌي
اديب، اسان جي دوست مدد علي سنڌيءَ جي، ان جي شاهدي اهو خط ڏئي ٿو، جيڪو مدد علي سنڌيءَ
جي ڪليات ”دل اندر درياءَ“ ۾ شايع ٿيو آهي.
ان جو سبب سندن دلي ادبي ويجهڙائي وارو ته هوندو ئي پر ان کان وڌيڪ حيدرآبادي هجڻ وارو
به هڪ اهم ڪڙي ٿي سگهي ٿو. ٻيءَ طرح هو سنڌ مان لڏائڻ واري واقعي سبب سنڌ جي حوالي
۾ ڪافي حد تائين تلخ رهندو هو.
گني ممبئيءَ ۾ ئي ۱۶ آگسٽ ۱۹۹۷ع تي پنهنجو آخري ساهه کنيو، خبر ناهي ته
ان وقت کيس سنڌ ياد آئي هوندي يا نه، پر ان کي حيدرآباد ۽ مدد علي سنڌي ضرور ياد آيا
هوندا.
پر اڄ جو اهو سچ آهي ته هن کي سنڌي ادب ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هي سنڌي
ذهين ترين اديب ۽ شخص ادب ۾ ايترو قداور آهي جو اهو گهڻي گهڻي فاصلي تان ڏسڻ ۾ اچي
سگهي ٿو. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ مان اڻ ڪٿل مفاصلي تان کيس سموري سنڌ پاران جنم ڏينهن
جي مبارڪ ڏئي رهيو آهيان ۽ بس ....
No comments:
راءِ ڏيندا