گنو سامتاڻي
سنڌي ادب جو ذھين ترين
ليکڪ
رکيل مورائي
ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويندڙ يا هتان لڏايا ويندڙ سنڌي ڀارت جهڙي
وڏي ملڪ ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ورهائجي ويا. اُن وقت جي آزاد هندستان حڪومت اهو پڪو پهه ڪيو
هو ته سنڌ مان لڏي ويل سنڌين کي هڪ هنڌ نه رهائڻو آهي، جنهن تي عمل ڪندي هتان لڏي ويل
سنڌين کي هند ۾ ٿائينڪو ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويو. هنن سنڌيت جي پاڙئون پٽيل ٻوٽي
کي هنڌ جي ڌرتيءَ تي نئين سر لڳايو جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو.
