; سنڌي شخصيتون: ڪاڪو غلام علي ٿيٻو محبتن جي سفر جو اويلو مسافر! رضا آڪاش خاناڻي

14 February, 2013

ڪاڪو غلام علي ٿيٻو محبتن جي سفر جو اويلو مسافر! رضا آڪاش خاناڻي


ڪاڪو غلام علي ٿيٻو
محبتن جي سفر جو اويلو مسافر!
رضا آڪاش خاناڻي
دنيا ۾ چانڊوڪيءَ جي مخمور نور جهڙين اڇين ۽ اُجرين محبتن جا ڏڻ محبتن جي احساسن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايا ويندا آهن. محبتن جي منڪر سماج ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو اڃا اسان وٽ موجود آهن، جيڪي نه رڳو محبتون ڪن ٿا، پر محبتن جي مان خاطر محبتن جا ڏينهن به ملهائين ٿا، ته زماني ۾ محبتن جي بحالي ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي پتيءَ جو ڪردار به ادا ڪن ٿا، سچ ته پيار جي نيرين خوابناڪ وادين سان تعلق رکندڙ اهڙن فقير ۽ مست قلندر ماڻهن مان ننگر پارڪر جي ڳوٺ ”موکي ٿيٻا“ جو ڪاڪو غلام علي ٿيٻو به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ساري سڀ ڄمار محبتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. جنهن لاءِ سال جو هر ڏينهن مُحبتن جو ڏينهن آهي، ڇو نه هيلوڪو ويلنٽائن ڊي انهيءَ محبتن جي آديسي فقير جي نانءُ ڪجي. پارڪر جي پراڻن پَٽن جي بارشن سان پيار ڪندڙ مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هن ۷۰ ورهين جي پوڙهي ۽ سيلاني شخص جي مزاجن جي مند به هوبهو مينهوڳيءَ جيان من موهڻي آهي، جيڪا کيس ويتر وڌيڪ معطر، محترم ۽ محبوب بڻائي ٿي. ڳاڙهي مينديءَ رتي چاپئين ڏاڙهي، پوڙهين اکين ۾ سرمو پاتل، مٿي تي ململ جو اڇو پٽڪو ٻڌل، سادن ڪپڙن مٿان ڪاري صدري، پيرن ۾ پراڻو سليپر پاتل، ڪلهن ۾ ٿري کَٿي اوڍي ۽ پُٺن تي سدائين هڪ ميرو ٿيلهو کڻي ڪارونجهر کان ڪيٽي بندر ۽ ڪاسٻي کان وٺي ڪينجهر تائين، نگر نگر رلندڙ هي راتين جو رولاڪ حقيقت ۾ مُحبتن جو اهو البيلو مسافر آهي، جيڪو هن نفرتن جي پن ڇَڻ واري المناڪ دور ۾ محبتن جي بهار جي صبح جي تمنا سان گڏ پيار جي تبليغ پڻ ڪري ٿو. هو محبتن سان محبتن کان وڌيڪ محبت ڪري ٿو. جوڀن کان ويندي وار چانديءَ ٿيڻ تائين، هن جو بس رڳو هڪڙو ئي خواب ۽ هڪڙي ئي خواهش رهي آهي، ته سنڌ ۾ محبتون عام هجن ۽ سنڌ دنيا ۾ محبتن جو مثالي مقدس وطن بڻجي وڃي ۽ انهيءَ سندس اکين جي پينگهي ۾ لڏندڙ خوبصورت خواب جي حسين ساڀيان جي ڳولا لاءِ، هو نه رڳو رمتي جوڳيءَ جيئن نگر نگر ڀٽڪيو آهي، پر گڏوگڏ انهيءَ خواهش جي پورائي لاءِ هن پنهنجي حياتيءَ جا هڙئي خفا ترڪ ڪري، سنڌ جي شهرن، ڳلين ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي محبت جو پيغام محبت سان ڏنو آهي. هو سڄو سال سفر ۾ رهندو آهي، جيتوڻيڪ ڌرتيءَ جي هن محبوب ماڻهوءَ جا کيسا واقعي فقير جي ڪشتي جيئن خالي رهندا آهن، پر سندس دل خالي ناهي هوندي، ڇاڪاڻ ته سندس دل سنڌ جي ڌرتيءَ جيئن امير آهي. جنهن جي پرچار ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا ۴۰ سال گذاري ڇڏيا.

ڪاڪي غلام علي ٿيٻي جي محبتن واري پنڌ جو مرڪز گهڻو ڪري لاڙ ۽ ٿر آهي. لاڙ ۾ هو اتر جي هوائن جي آمد وارن ڏينهن ۾ پرڏيهي پکين سان گڏ ايندو آهي ۽ پوءِ سڄو سيارو لاڙ پٽ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي اوطاقن ۾ لاڙي ماڻهن سان محبتن جون ڪچهريون ڪري، بهار جي ابتدا ۾ وري واپس مارئي جي ملير ڏي موٽي ويندو آهي. لاڙ پَٽ ۾ سيراڻي، خاناڻي، جت، مڇاري شريف، ڏيئي، نندو، ڪڙيو گهنور ۽ گولاڙچي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هن جا ٺڪاڻا ۽ سوين سنگتي آهن، جن سان گڏ هو ڳوٺن جي اوطاقن جا آڳر ڪچهرين سان آباد ڪندو آهي ۽ سياري جون ڊگهيون سرد راتيون، رهاڻين ۾ محبتن جي خوشبوءِ کي وکيريندي گذاري ڇڏيندو آهي.
ڪاڪو غلام علي ٿيٻو، پاڻ سان گڏ محبتن جي پرچار واري چار ڏهاڪن تي مشتمل طويل سفر ۾، هڪ پراڻو ۽ ميرو ٿيلهو پڻ سدائين ساڻ کڻي هلندو آهي، جنهن ۾ بقول هن جي سندس ڄمار جي ڪل ڪمائي پيل هوندي آهي. سچ ته سندس فقيراڻو بجڪو (ٿيلهو) ڦلهوري ڏسڻ سان ئي سندس محبوب مزاج جي موسم جي مهڪار ماڻهوءَ جي احساسن تي نشي جيئن طاري ٿي وڃي ٿي. هن جي ٿيلهي ۾ هڪ آرسيءَ جو اڌڙ، سرمي داڻي، ڦڻي، مصلو، هڪ پراڻو ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊر، ڪجهه لتا جون غمگين گيتن واريون ميريون ڪئسٽون، شاهه جو رسالو، ڪجهه نوٽ بوڪ ۽ ڪجهه پراڻين ڊائرين کانسواءِ ٻيو ڪو به سامان ناهي هوندو. هو انهن ۴۰ جي لڳ ڀڳ نوٽ بڪن ۽ ڊائرين کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو، جن تي هن پنهنجي عمر جي سموري آوارگيءَ دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڃي سنڌ جي الائي ته ڪيترن اديبن، شاعرن، دانشورن، فنڪارن ۽ ساڃاهه وندن ماڻهن کان محبتن جي باري ۾ هزارين تاثر لکايا آهن.
مورن جي ديس جو هي ماڻهو انتهائي حساس ۽ فطرت جو وڏو عاشق پڻ آهي. پارڪر ۾ بجلي اچڻ کانپوءِ جڏهن ٿنڀن ۽ بجلي جي تارن ۾ وچڙي مور مرڻ لڳا هئا، تڏهن مورن ۽ فطرت سان پيار ڪندڙ هن شخص پنهنجي ڳوٺ ۾ مورن جي بچاءَ خاطر منرل واٽر جون هزارين بوتلون ٻنهي پاسن کان ڪٽي، بجلي جي تارن تي چاڙهي ڇڏيون هيون ۽ سندس اهڙي ڪوشش سان پارڪر جا سوين مور مرڻ کان بچي ويا، مگر سندس ايڏي وڏي ڪم جي خبر نه ڪنهن اخبار ۾ لڳي، نه ڪنهن ٽي وي چينل تان نشر ٿي سگهي.
پيار جي ڏڪار واري هن دور ۾ محبت جي معجزي جهڙي هن جهور جهوني سفير کي ڏسي ائين چئي ٿو سگهجي، ته جيڪڏهن عشق ۽ محبت جي ڪا ظاهري شڪل هجي ها، ته اها هوبهو هن جهڙي هجي ها.

No comments:

راءِ ڏيندا