; سنڌي شخصيتون: ڪاڪو، غلام، علي، ٿيٻو، محبت، اويلو، مسافر، رضا، آڪاش، خاناڻي،
Showing posts with label ڪاڪو، غلام، علي، ٿيٻو، محبت، اويلو، مسافر، رضا، آڪاش، خاناڻي،. Show all posts
Showing posts with label ڪاڪو، غلام، علي، ٿيٻو، محبت، اويلو، مسافر، رضا، آڪاش، خاناڻي،. Show all posts

14 February, 2013

ڪاڪو غلام علي ٿيٻو محبتن جي سفر جو اويلو مسافر! رضا آڪاش خاناڻي


ڪاڪو غلام علي ٿيٻو
محبتن جي سفر جو اويلو مسافر!
رضا آڪاش خاناڻي
دنيا ۾ چانڊوڪيءَ جي مخمور نور جهڙين اڇين ۽ اُجرين محبتن جا ڏڻ محبتن جي احساسن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايا ويندا آهن. محبتن جي منڪر سماج ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو اڃا اسان وٽ موجود آهن، جيڪي نه رڳو محبتون ڪن ٿا، پر محبتن جي مان خاطر محبتن جا ڏينهن به ملهائين ٿا، ته زماني ۾ محبتن جي بحالي ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي پتيءَ جو ڪردار به ادا ڪن ٿا، سچ ته پيار جي نيرين خوابناڪ وادين سان تعلق رکندڙ اهڙن فقير ۽ مست قلندر ماڻهن مان ننگر پارڪر جي ڳوٺ ”موکي ٿيٻا“ جو ڪاڪو غلام علي ٿيٻو به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ساري سڀ ڄمار محبتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. جنهن لاءِ سال جو هر ڏينهن مُحبتن جو ڏينهن آهي، ڇو نه هيلوڪو ويلنٽائن ڊي انهيءَ محبتن جي آديسي فقير جي نانءُ ڪجي. پارڪر جي پراڻن پَٽن جي بارشن سان پيار ڪندڙ مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هن ۷۰ ورهين جي پوڙهي ۽ سيلاني شخص جي مزاجن جي مند به هوبهو مينهوڳيءَ جيان من موهڻي آهي، جيڪا کيس ويتر وڌيڪ معطر، محترم ۽ محبوب بڻائي ٿي. ڳاڙهي مينديءَ رتي چاپئين ڏاڙهي، پوڙهين اکين ۾ سرمو پاتل، مٿي تي ململ جو اڇو پٽڪو ٻڌل، سادن ڪپڙن مٿان ڪاري صدري، پيرن ۾ پراڻو سليپر پاتل، ڪلهن ۾ ٿري کَٿي اوڍي ۽ پُٺن تي سدائين هڪ ميرو ٿيلهو کڻي ڪارونجهر کان ڪيٽي بندر ۽ ڪاسٻي کان وٺي ڪينجهر تائين، نگر نگر رلندڙ هي راتين جو رولاڪ حقيقت ۾ مُحبتن جو اهو البيلو مسافر آهي، جيڪو هن نفرتن جي پن ڇَڻ واري المناڪ دور ۾ محبتن جي بهار جي صبح جي تمنا سان گڏ پيار جي تبليغ پڻ ڪري ٿو. هو محبتن سان محبتن کان وڌيڪ محبت ڪري ٿو. جوڀن کان ويندي وار چانديءَ ٿيڻ تائين، هن جو بس رڳو هڪڙو ئي خواب ۽ هڪڙي ئي خواهش رهي آهي، ته سنڌ ۾ محبتون عام هجن ۽ سنڌ دنيا ۾ محبتن جو مثالي مقدس وطن بڻجي وڃي ۽ انهيءَ سندس اکين جي پينگهي ۾ لڏندڙ خوبصورت خواب جي حسين ساڀيان جي ڳولا لاءِ، هو نه رڳو رمتي جوڳيءَ جيئن نگر نگر ڀٽڪيو آهي، پر گڏوگڏ انهيءَ خواهش جي پورائي لاءِ هن پنهنجي حياتيءَ جا هڙئي خفا ترڪ ڪري، سنڌ جي شهرن، ڳلين ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي محبت جو پيغام محبت سان ڏنو آهي. هو سڄو سال سفر ۾ رهندو آهي، جيتوڻيڪ ڌرتيءَ جي هن محبوب ماڻهوءَ جا کيسا واقعي فقير جي ڪشتي جيئن خالي رهندا آهن، پر سندس دل خالي ناهي هوندي، ڇاڪاڻ ته سندس دل سنڌ جي ڌرتيءَ جيئن امير آهي. جنهن جي پرچار ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا ۴۰ سال گذاري ڇڏيا.