عزيز سلام بخاري
صحبت جا سنديان...
قادر بخش طالباڻي
انساني برادريءَ، عالمگير سطح تي، اڄ جن به اهم
۽ للڪاريندڙ مسئلن سان دوچار آهي، انهن مان بني آدم جي وڏي اڪثريت جو سندن انساني حقن،
حرمتن، آزادين ۽ رعايتن کان محروم هجڻ هڪ چِٽو پِٽو مسئلو آهي. جيڪو جيتوڻيڪ پراڻو
به آهي، پر گڏوگڏ نئين کان نئون به آهي. قومن جو قومن تي جبر، طاقتور طبقن جو هيڻن
تي ڏاڍ، انسان طرفان انسان جو استحصال، هڪ ناسور آهي. جيڪو اڃا تائين چِڪندو رهي ٿو
۽ نٿو ڇٽي. ان کان به وڏو هاڃو اهو آهي ته؛ ملڪن ۽ قومن جا دانشور، اديب، شاعر، سياسي
۽ سماجي رهبر به ان سلسلي ۾ ورهايا پيا آهن. هڪڙا سڌي يا اڻ سڌي طرح ڏاڍن، جابرن ۽
آمرن جا طرفدار ۽ ٻيا انهن جي ستايل ۽ شڪار ٿيل عام ماڻهن جا همراهي آهن. ڪو به ادارو
سماجي، ثقافتي، تعليمي، ادبي، مذهبي، تجارتي، وغيره، هاڻي انهيءَ ويڙهه ۽ ان جي اثرات
کان آجو ڪو نه آهي. هر هنڌ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو جهاد ۽ جنگ جاري آهي. اڳي ئي پنهنجي ليکي
عام خلق جي خدمت جي جذبي هيٺ پنهنجو پاڻ ۽
سک آرام تياڳيو آهي. اهڙن ئي مانجهي مڙسن مان اسان جو بيباڪ ۽ بهادر عظيم رهنما عزيز
سلام بخاري به هو، جيڪو ۷ فيبروري
۱۹۸۶ع تي اسان جي سامهون اسان سان رهاڻ ڪندي
اسان جي ڏسندي ئي ڏسندي، دل جي دوري ۾ رڳو
پندرهن منٽن اندر اسان کان موڪلائي، هميشه لاءِ ويندو رهيو.
ڳوليان ۽ ڳنڍيان، وِيا وير اڳي نڪري،
صحبت جا سَندِيانِ، آئون نه جيئندي اُن رِي.
(لطيف رحه)
سندس نالو عزيز سلام بخاري هو. پاڻ اصل اتر پرديش
(ڀارت) جو هو. هت ٻين لڏي آيلن وانگر ’مهاجر‘ ٿي آيو. مگر ٻين وانگر پاڻ کي ’مهاجر‘
نه رڳو سڏائڻ پسند ڪو نه ڪندو هو، پر ان تي ناراض ٿيندو هو. صاف سنڌي ڳالهائي ڄاڻندو
هو ۽ سنگت لاءِ جيڪا به پاڻ لکپڙهه ڪندو هو، اها سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي هوندي هئي. پهرين
ته اعتبار نٿي آيو ته هي درويش اردو جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي سماج جي سنڌي پورهيت
۽ مقامي ماڻهن جي مظلوم ۽ محروم حيثيت کان ڪو ايترو متاثر هوندو، جو انهن جي حمايت،
هدايت ۽ نجات لاءِ پنهنجي پوري حياتي وقف ڪري ڇڏيندو.
پاڻ چوندو هو ته؛ ”ڪنهن به بظاهر خوبصورت ۽ ڪارآمد
پروگرام، پاليسي ۽ نظريه جي صحت ۽ صداقت جي خبر عملي محاذ تي پوي ٿي. عمل ۽ سرگرميءَ
بعد نڪتل نتيجن جي آڌار تي، خامين ۽ خوبين جو تجزيو ڪرڻ کپي.“ وڌيڪ چوندو هو ته؛ ٻين تي نڪته چيني ۽ تنقيد ڪرڻ
کان اڳ، پاڻ کي ڏسون ته اسان هيل تائين ڇا حاصل ڪيو آهي ۽ سڄي واٽ ۾ ڪيتريون وکون اڳتي
وڌي سگهيا آهيون. رڳو هڪ هنڌ ويهي ڳالهيون ڪريون ٿا، پروگرام ٺاهيون ٿا، متفق ۽ متحد
به ٿيون ٿا، مگر عملي طور ڇا اسان جا نتيجا تسلي بخش آهن؟ ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي،
ساڃاهه ۽ شعور جو ڪيترو عنصر پيدا ٿيو آهي ۽ ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي انهن جو عملي مظاهرو
ٿي سگهيو آهي؟ پاڻ بار بار چوندو هو ته؛ ائين ڪڏهن به نه سمجهو ته منهنجا اڇا وار آهن.
عمر ۾ اوهان کان وڏو آهيان. تنهنڪري منهنجي راءِ يا ڪا ڳالهه اوهان جي راءِ کان مٿانهين
آهي ۽ ان ۾ ڪنهن غلطي يا خاميءَ جي گنجائش ڪانهي. عمر، تجربي، ذهانت ۽ اهليت ۾ وڏي
هئڻ جي نسبت سان هن ڄاڻي واڻي ڪڏهن به پنهنجي حيثيت کي ساٿين مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪا
نه ڪئي. اتفاقاً ڪڏهن ساٿين مان ڪو سندس ڪنهن تيز يا تلخ اظهار ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو
هو، ته هي سٻاجهو شخص بنا دير جي پنهنجي ڳالهه جي سقم مڃي ويهندو هو ۽ غير حاضر ساٿين
تائين به ان ڳالهه کي پهچائيندو ته فلاڻي ساٿي منهنجي فلاڻي غلطي پڪڙي ورتي ۽ ان تي
خوش ٿيندو هو. نه رڳو ايترو بلڪ هڪ ٻه دفعا ائين به ٿيو، جو ڪچهريءَ دوران پاڻ ئي پنهنجي
خيال موجب، پنهنجي ڪنهن غلطيءَ ۽ خاميءَ ڏانهن اشارو ڪري، اسان کان تقاضا ڪندو هو ته
اوهان مان ڪنهن ڇو نه منهنجي انهي خاميءَ تي گرفت ڪئي؟
سندس سڀ کان وڏي خوبي جا اسان کي حيرت انگيز
طور تي جهنجهوڙيندي هئي، سا هئي سندس غير معمولي رجائيت (آسروندي/ اميد افزائي). اسان
جي موجوده معاشري ۾ بحرانن جا انبار، اسان جي مقصد ۽ نصب العين جي آڏو مشڪلاتن ۽ مسئلن
جا پهاڙ ۽ اسان جي بي سر و ساماني، متوقع تبديلين ۽ اٿل پٿل لاءِ گهربل وسيلن ۽ صنعتن
جي اڻاٺ ۽ يارن جي ڪاهلي ۽ ٻيون ڪيئي اوڻايون/ اڻوڻنديون، اهڙيون محسوس ٿينديون رهنديون
هيون، جيڪي ڪن ساٿين ۾ هيڻائي، ڪم همتي ۽ نراسائي کي جنم ڏينديون هيون. اهڙن موقعن
تي سندس چهري تي احتجاج گاڏڙ عجيب مرڪ اڀري ايندي هئي، جا پوءِ ولولي ۾ تبديل ٿي کانئس
بي تحاشا چورائيندي هئي:
”مون کي نٿا ڏسو ته آئون چاليهن ورهين کان اها
مٿا ڪٽ ڪندو ٿو اچان. پر انهن حالتن جي باوجود پنهنجي مقصد تان نٿو هٽان. حالتون ڪيتريون
به نامواقف هجن ۽ رڪاوٽون ڪيڏيون به اڻانگيون ھجن. ڀلا پاڻ انهن جو مقابلو نه ڪنداسون
ته ڪو آسمان مان فرشتا لهي اچي، اسان جي بدران، حالتن کي بدلائيندا؟“
ان وقت سندس چهرو ٻهڪندو نظر ايندو هو ۽ سندس
اکيون حوصلي جي نور جون ڏياٽيون بنجي اسان جي نراس ذهنن کي آس جي روشنائي سان منور
ڪنديون هيون. کيس سال ڏيڍ اڳ پهريون ڀيرو دل جو دورو پيو ته ڊاڪٽرن کيس هلڻ چلڻ ۽ مشقت
ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ کيس آرام ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪئي. پاڻ اها ڳالهه ٻڌائيندي اسان کي چيائين
ته؛ هنن ڊاڪٽرن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي هيءَ محنت ئي منهنجو آرام آهي. انهن جي چوڻ تي
جي ماٺ ڪري ويهان ته جيڪر سگهو ئي مري وڃان!
”بيقرار آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي آسودگي، منهنجو موت آهي،
آئون جيئرو انهي ڪري آهيان، جو بي آرام آهيان.!“
(حافظ)
عاشقن آرام، ڪڏهن تان ڪو نه ڪيو،
طعني ڪيا تمام، حبيباڻي هيڪڙي!
(شاهه)
هن داناءَ، سراپا سچ ۽ دردمند بزرگ جنهن انداز
سان سنڌ جي مٽي ۽ ان جي مانَ سان وفاداريءَ جو حق ادا ڪيو، جنهن عزم ۽ ايمان سان پنهنجي
نصب العين سان نباهيو. اهو اسان مان هر هڪ لاءِ هڪ آدرشي ڪردار مثل آهي.
سندس بقول؛ اسين سنڌي پيڙهيل قوميت جا ماڻهو
آهيون. اسين پنهنجو حق خود اختياري (پنهنجي حياتي پاڻ سينگارڻ جو حق) ماڻڻ گهرون ٿا.
ڪنهن ٻئي جو حق لتاڙڻ نٿا گهرون. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو، ڌر يا جماعت کي اسان جي سياست
۾ ٻئي جي حق لتاڙڻ جي ڪاڻ نظر اچي ٿي، ته اسين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وسيلي پنهنجي اهڙي ڪاڻ
ڪڍڻ لاءِ تيار آهيون.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
کيس سرخ سلام
سيد مڪرم سلطان
بخاري
ڪامريڊ سيد عزيز سلام بخاري ۱۹۱۱ع ۾ عالم چند ڳوٺ ضلعو گوانڊا، الهه آباد اتر پرديش (يو پي) ۾ سيد
عبدالسلام بخاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سيد عبدالسلام بخاريءَ کي ۵ پُٽ ۽ ۳ نياڻيون هيون. عالم چند هڪ ننڍو
پر پرامن ڳوٺ هو ۽ اُتي رهندڙ سڀ هڪ ڪٽنب وانگر رهندا هئا. سيد عزيز سلام بخاريءَ
جي شادي ۱۹۳۴ع ۾ نثار النساءِ بيگم سان الهه
آباد ۾ ٿي. سندس اولاد ۾ هڪ پُٽ سيد جاويد بخاري ۽ هڪ نياڻي سيده سلطانه بخاري
شامل آهن. سيد جاويد بخاري ۱۹۳۵ع ۾ ۽
سيده سلطان بخاري ۱۹۳۷ع ۾ ڄاوا. ڪامريڊ عزيز سلام
بخاريءَ جي وفات ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع تي حيدرآباد جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ٽنڊو قيصر ۾ ٿي ۽ هو ٽنڊو قيصر جي قبرستان ۾
ئي مدفون آهن.
سيد عزيز سلام بخاري الهه آباد
۾ پنهنجو پاڻ کي ايڊجسٽ نه ڪري سگهيو. تنهنڪري پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد طيب بخاري
عليگ ۽ گهر واري ۽ ۲ ٻارن
سان گڏ الهه آباد ڇڏي بمبئي منتقل ٿيو، بمبئيءَ ۾ کيس هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ مئنيجر جي
نوڪري ملي وئي. اُن سان گڏو گڏ عزيز سلام بخاري مزدورن ۾ پڻ ڪم شروع ڪيو. اُن
دوران سندس ملاقات ڪامريد سيد جمال الدين بخاريءَ سان ٿي، جيڪو بمبئي ۾ مزدورن جي
محاذ تي سرگرم هو.
عزيز سلام بخاري بمبئيءَ ۾ اسٽريٽ
ٿيٽر ۾ شرڪت شروع ڪئي جيڪو اُن زماني ۾ عوام کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ ۽ سندن مسئلن
۽ اُنهن جي حل کان آگاهيءَ جو هڪ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ اثر انگيز ذريعو هو، اُن دوران
عزيز سلام بخاري ڪٿڪ ڊانس جي تربيت پڻ حاصل ڪئي.
بمبئيءَ ۾ رهڻ دوران ڪامريڊ
عزيز سلام انڊين پيپلز ٿيٽرس ايسوسيئيشن (آءِ پي ٽي اي) سان پڻ لاڳاپيل رهيو ۽ ڪراچي
اچڻ بعد پڻ ان سان لاڳاپيل رهيو ۽ ٿيٽر جي ريهرسل ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. اُن وقت
سنڌ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي يونٽ جو انچارج ۽ مشهور اداڪار اي ڪي هنگل آءِ پي ٽي اَي ڪراچي
جو انچارج هو.
آزاديءَ کان ترت پوءِ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع ۾ عزيز سلام بخاري پنهنجي گهر واري، ٻن ٻارن ۽ ننڍي ڀاءُ محمد طيب بخاري
عليگ سان گڏجي ڪراچيءَ اچي ويو. هتي سينٽرل جيل جي ڀرسان جمشيد روڊ تي کيس هڪ گهر
ملي ويو. اهو گهر ڪراچيءَ جي مشهور شخصيت ڊاڪٽر پيسو مل جو هو، جيڪو ڀارت لڏي ويو
هو. هي وڏو گهر هو. اُن گهر جي دالي ۾ وقت به وقت ساڌو پوڄا پاٺ لاءِ ايندا هئا.
ڪراچيءَ اچڻ کان ترت پوءِ عزيز
سلام بخاري بندر روڊ تي واقع سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دفتر پهچي ويو ۽ سنڌ ڪميونسٽ
پارٽيءَ جي سيڪريٽري ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ سان ملاقات ڪيائين ۽ پوءِ
مزدورن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ڪي پي ٽي يونين ۾ گهڻو متحرڪ رهيو. ٽريڊ يونين ۽ مزدورن جي
محاذ تي ڪم ڪندي ڪامريڊ عزيز سلام بخاري کي ۱۹۴۹ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. کيس سينٽرل جيل ڪراچي ۾ بند ڪيو ويو. جتي ڪامريد سوڀو
گيانچنداڻي اڳ ۾ ئي بند هو. هي ٻئي تقريبن ۲ سال گڏ قيد ۾ رهيا، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ۱۹۵۰ع ۾، جڏهن ته ڪامريڊ سوڀو ۱۹۵۵ع ۾
جيل مان آزاد ٿيو. اُن دوران ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ڪامريڊ سوڀي کي سنڌي ٻولي
سيکارڻ جي گذارش ڪئي. ڪامريڊ سوڀو سنڌي الفابيٽ لکي کيس پڙهائيندو هو. اُن ريت ڪامريڊ
عزيز سلام بخاري نه رڳو سنڌي زبان لکڻ ۽ پڙهڻ سکي ورتي پر جيل ۾ رهندي سنڌيءَ ۾
بحث مباحثو ۽ تقريرون ڪرڻ پڻ شروع ڪيائين.
اهو گهڻو ڪري ۱۹۵۲ع جو سال هو جڏهن ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ کي
پاڻ وٽ لاڙڪاڻي گهرايو. هو پنهنجي گهر واري نثار النساءِ بيگم، پُٽ سيد جاويد
بخاري ۽ نياڻي سيده سلطانه بخاريءَ سان گڏ لاڙڪاڻي آيو. هو ڪجهه عرصو ڪامريڊ سيد
جمال الدين بخاريءَ جي گهر ۾ رهيو، اُن دوران ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري سندن
لاءِ پنهنجي گهر کان ٿوري پنڌ تي هڪ جدا گهر جو انتظام ڪري ورتو، اُهو گهر هجرت
تحريڪ جي مشهور اڳواڻ بيريسٽر جان محمد جوڻيجو جي گهر سان گڏو گڏ ۽ قاضي هائوس جي
سامهون هو. اُن گهر ۾ بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊان اخبار جو نمائندو سيد مهدي شيرازي ڪافي
عرصو رهيو. لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر سان دوستيءَ سبب ڪامريد سيد جمال الدين بخاري ڪامريڊ
عزيز سلام بخاريءَ جي نالي تي ڪجهه ايڪڙ زرعي زمين پڻ الاٽ ڪرائي پر ڪامريڊ سيد
عزيز سلام بخاري اُها زمين هارين کي ڏئي ڇڏي.
۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ
پارٽيءَ تي بندش کانپوءِ ڪامريڊ سيد عزيز سلام بخاري رپوش ٿي ويو ۽ مرڻ گهڙيءَ
تائين پنهنجي باقي ڄمار رپوش رهيو ۽ ڪميونسٽ تحريڪ کي پکيڙڻ کانسواءِ ڪافي تعداد ۾
ڪُل وقتي ڪارڪن ۽ همدرد پيدا ڪيا.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ جو ڳاڻيٽو
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي محنتي، بي لوث ۽ وفادار ساٿين ۾ ٿيندو هو. روپوشيءَ دوران ڪامريڊ
عزيز سلام بخاري هيٺين سنڌ جي ضلعن حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو
الهيار، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ هارين، مزدورن، استادن ۽ شاگردن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽
کاٻي ڌر جي نظرين ۽ سياست تي ٻڌل نظرياتي ڪارڪنن کي تيار ڪيو.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ جي
روپوشيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ موجوده ضلعي ٽنڊوالهيار جي هڪ ڳوٺ ۾ منعقد هڪ هاري ڪانفرنس
۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ جو هن ريت تعارف ڪرايو ته هي
سماج سڌارڪ ۽ هاري مزدور تحريڪ جو هڪ ڪارڪن ۽ منهنجو پراڻو ساٿي گل محمد شيخ آهي.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري پنهنجي
اڌ ڄمار روپوشيءَ ۾ گذاري، ۳۰، ۳۵ ورهين جي روپوشيءَ جو گهڻو عرصو هن حيدرآباد جي آس پاس جي علائقي ٽنڊو
قيصر ۾ گذاريو. هن اُتي زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا ۽ اُتي ئي (ٽنڊو قيصر ۾) مٽيءَ ماءُ
حوالي ٿيو.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري سنڌ جي
سرزمين، هتان جي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان گڏو گڏ سنڌ جي هارين، مزدورن، اُستادن
۽ شاگردن جي حقن جي جدوجهد لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ڪميونسٽ
پارٽيءَ جو هڪ ايماندار ۽ وفادار ساٿي هو. هن پنهنجي آخري اڌ زندگي روپوش رهي سنڌ
جي عوام کي سندن حقن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي حقن لاءِ جنگ وڙهي ۽ سنڌ تي
پنهنجي جان قربان ڪئي. نيشنلزم، جمهوريت ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي سندس زندگيءَ جو
مقصد رهيو.
ٽنڊو قيصر جي رهندڙ ماڻهن
کانسواءِ ڪامريد عزيز سلام بخاري جتي به ويندو هو، رهندو هو ۽ وقت گذاريندو هو، ننڍا
توڙي وڏا، ٻار توڙي جوان، هاري، مزدور، استاد ۽ شاگرد کيس “چاچا پوڙهو”، “مولانا”
۽ “ڪامريڊ” سڏيندا هئا. ٽنڊو قيصر ڳوٺ کي ڪامريڊ عزيز سلام بخاري پنهنجو ڳوٺ ۽ گهر
سمجهيو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کيس پنهنجو وڏو سمجهيو. هو سراپا محبت هو. محبت، خلوص ۽
سچائي جي علامت هو. هن پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ماري عوام سان محبت ڪئي.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري هارين، مزدورن،
استادن، شاگردن، نوجوانن، ٻارن، ٻارڙين ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش
ڪئي. هو سدائين اِن ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته ظلم ۽ زبردستي، زيادتين خلاف هر ماڻهوءَ
جو منظم ٿيڻ تمام ضروري آهي نه ته غير منظم ٿيڻ جي ڪري هُو پوئتي رهجي ويندا. هو
پنهنجي رو ز مرهه جي زندگيءَ ۾ وقت جو سختيءَ سان پابند هو ۽ سدائين وقت جي اهميت
تي زور ڏيندو هو. وفات واري ڏينهن سندس ٿرپارڪر جي شاگردن سان گڏ هڪ تربيتي ويهڪ
جو انتظام رٿيل هو، پر هُو ڪيڏانهن ٻاهر ويل هو. ٽنڊي قيصر جي ويهڪ ۾ پهچڻ ۾ ڪجهه
لمحن جي دير سبب هو ڊوڙندي پهتو. هُو سهڪي رهيو هو پر پوءِ به مقرر وقت ساڍي ۹ وڳي ويهڪ ۾ پهچي ويو. اُن وقت ئي کيس دل جو دورو پيو ۽ هو ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع تي صبح ساڍي ۹ وڳي ٽنڊو قيصر ۾ وفات ڪري ويو. کيس ٽنڊي قيصر جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ
حوالي ڪيو ويو.
سنڌ جا ماڻهو ڪامريڊ سيد جمال
الدين بخاريءَ کي “وڏو بخاري” ۽ ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ کي “ننڍو بخاري” جي نالي
سان ياد رکيون اچن ٿا. اُهي لقب پهريون ڀيرو آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪجهه سال اڳ ڊاڪٽر
اعزاز نذير جي ننڍي ڀاءُ اعزعزيزي جي ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ مون ٻُڌا هئا.
مير حاصل بزنجو جي نيشنل پارٽي جي تقريب ۾ سنڌ جي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان ميمڻ منهنجو
تعارف ان طرح ڪرايو ته هي “وڏي بخاري” جو پُٽ آهي. جنهن تي ڪامريڊ رمضان کان پڇيو
ويو ته “وڏو بخاري” ڪنهن کي ٿا چئو؟ ڪامريڊ رمضان ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ جي ڪميونسٽ
حلقن ۾ ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ کي “وڏو بخاري” ۽ ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ
کي “ننڍو بخاري” جي نالي سان ياد ڪيو ۽ سڏيو ويندو هو. اها ئي ڳالهه پروفيسر جمال
نقويءَ جي نياڻي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ، ڊان
اخبار جي اڪنامڪ صفحي جي ايڊيٽر ايڊيٽر افشان صبوحي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو ته هن
ترقي پسند حلقي ۾ ٻنهي بخاري صاحبن کي “وڏو” ۽ “ننڍو” بخاري چوندي ٻڌو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷
فيبروري ۲۰۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا