استاد محمد جمن
محمد عثمان ميمڻ
جديد سنڌي موسيقيءَ جي استاد محمد جمن جا وڏا، اصل ۾ بلوچستان جي علائقي
لس ٻيلي جا رهاڪو هئا. سندس جنم ۱۰
آڪٽوبر ۱۹۳۵ع تي ڳوٺ ڪنڊ جهنگ ۾، حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر
۾ ٿيو. سندس والد، سُرندو وڄائڻ جو استاد ليکيو ويندو هو. انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو
ٻڌندو هو ۽ سرندي جا سريلا آلاپ ٻڌي کيس ننڊ وٺي ويندي هئي. ان ماحول ۾ هن هوش سنڀاليو
۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس.
