حاجي غلام نبي ڏھراج
هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ اڻوسرندڙ ڪردار
سليم رضا
سنڌ جي سرسبز عظيم سرزمين پهنجي ڪک مان هميشه ڪامل ولي، درويش، بزرگ،
بهادر، جوڌا، جوان ۽ سورهيه سپوت انسان، پيدا ڪيا آهن. اسان جي سهڻي سرزمين سنڌ کيم
اهو پڻ مقام ۽ اعلي مرتبو حاصل آهي جو کيس اسلام جو دروازو سڏيو ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ
کي، سخين بزرگن ۽ مهمان نوازن جي ڌرتي جو شرف پڻ مليل آهي. انهي سدا بهار سنڌ جي علم
هنر ۽ سياست توڙي سخاوت ۾ ساهتي پرڳڻي ضلع نوشهروفيروز کي پڻ اهو مان مرتبو حاصل آهي
جو هن ضلع اندر ڪيترن عظيم شخصيتن جنم ورتو آهي. جن مان ڪنڊيارو تعلقي جي محبت ديرو
۾، سال ۱۸۸۶ع ۾ جنم وٺندڙ تاريخ ساز شخصيت، سمنڊ جي گھراين جيڏيون حسرتون کڻي، ٻين
لاءِ جيئندڙ هڪ بهادر عظيم شخصيت، خانصاحب حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ هڪ آهي. سندس
تعليم ۽ تربيت به اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ٿي.
