; سنڌي شخصيتون: بلاول، پرديسي، محمد، سعيد، شاهه،
Showing posts with label بلاول، پرديسي، محمد، سعيد، شاهه،. Show all posts
Showing posts with label بلاول، پرديسي، محمد، سعيد، شاهه،. Show all posts

24 February, 2013

بلاول پرديسي - محمد سعيد شاهه


بلاول پرديسي
محمد سعيد شاهه
جولاءِ ۱۹۹۸ع جي ڳالهه آهي. منهنجي بدلي ڪراچيءَ مان حيدرآباد ۾ ٿي. ان وقت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آءِ ڊي، حيدرآباد سيد سڪندر علي شاهه جيڪو نگران اعلى ”نئين زندگي“ پڻ هو، مون کي اچڻ سان ٻين ذميوارين سان گڏ نئين زندگي جي ادارت جو ڪم به حوالي ڪيو. جيئن ئي مون ايڊيٽر انچارج نئين زندگيءَ جي چارج ورتي، منهنجي ذهن تي ٻه نالا تري آيا. اهي ٻئي منهنجا مهربان ۽ شفيق استاد هئا، جن سان ۱۶ سال اڳ شاگرديءَ واري زماني ۾ حيدرآباد ۾ منهنجي گهڻي وابستگي رهي. جن جي تربيت، محبت ۽ شفقت جو منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر رهيو. جن کي آئون پنهنجي ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ واري مصروف دور ۾ به ڪڏهن ڪو نه وساري سگهيس. انهن مان هڪ سائين غلام حسين رنگريز آهي، جنهن مون کي جيتوڻيڪ ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ ڪو نه پڙهايو هو پر شاگرديءَ واري دور ۾ ڳچ عرصو، حيدرآباد ۾ ساڻن گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. جنهن نه رڳو مون کي پنهنجي ڪورس جي ڪتابن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي پر سنڌي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ پڻ رهنمائي ڪئي. ان ڪري آئون کين پنهنجو محترم استاد چوڻ ۾ فخر محسوس ڪريان ٿو. ٻيو سائين مرحوم بلاول پرديسي صاحب هو. جو سچل سرمست ڪاليج ۾ اسان کي سنڌي پڙهائيندو هو. سائين بلاول صاحب جو هڪ استاد جي حيثيت ۾ فرض شناسيءَ جو اهو حال هو جو سنڌيءَ جي پيرڊ ۾، پاڻ ڪلاس اندر اچي، مقرر ٽائيم تي ڪرسيءَ تي ويهندا هئا. شاگرد موجود هجن يا نه هجن، پر پاڻ پورو پيرڊ ڪلاس ۾ ويهي، سندن انتظار ڪندا هئا. پيرڊ دوران، هڪ يا ٻه شاگرد به اچي ويندا هئا ته پاڻ اٿي بيهي بورڊ تي انهن کي پڙهائيندا هئا.