سيد عبدالرحمان شاهه
فرشته صفت انسان
جاويد احمد پنهور
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
الله پاڪ پنهنجي ڪلام
پاڪ ۾ ارشاد فرمايو آهي ته ”بيشڪ مون انسان کي سهڻي تقويم ۾ پيدا ڪيو آهي،“ ڪڏهن ڪڏهن
ڪي انسان ڄمندي ڄام هوندا آهن ڪي وري تدريسي طور پنهنجي محنتن ۽ ڪاوشن جي ڪري
پنهنجي منزل ۽ مقام تي پهچندا آهن. اڄوڪيون سٽون هڪ اهڙي ئي فرشته صفت انسان ۽ بي
مثال شخصيت لاءِ جنهن جهڙا انسان صدين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن اها بلڪل هڪ چئي
حقيقت آهي ته هن سائين جو مزاج ئي نرالو هو، سيد عبدالرحمان شاهه جو جنم دادو ضلعي
جي ڳوٺ پياري ڳوٺ ۾ سيد جان محمد شاهه جي گهر ۾ ۱۲ ڊسمبر ۱۹۳۱ع تي ٿيو. پرائمري تعليم پيارو ڳوٺ ۾ محمد يعقوب پنهور ۽ محمد ادريس پنهور
وٽ حاصل ڪئي، (محمد يعقوب پنهور جو ذڪر ايم ايڇ پنهور زرعي ماهر اسڪالر پنهنجي سوانح
حيات ۾ ڪيو آهي ته منهنجي استادن ۾ هي هڪ بهترين استاد هيو)، محمد ادريس پنهور (شمس
العلماءِ دائود پوٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هن استاد جو ذڪر ڪيو آهي). عبدالرحمان شاهه
جي تعليمي تربيت جي شروعات اهڙن استادن کان ٿي، جن جي نگراني ۾ فائنل جو امتحان ڏنو،
۱۹۴۹ ۾ پرائمري استاد ٿيو، پهرين پوسٽنگ تعلقي جوهي ۾ ٿيس. بي اي ۽ بي ٽي ۱۹۶۲ع ڪيائين، انگريزي ۽ اسلامي تعليم ميهڙ جي
سيد علي اڪبر شاهه جي قائم ڪيل جامع عربيه اسڪول تلڪ چاڙهي حيدرآباد مان حاصل ڪئي.
ان تعليم کي اڳتي وڌائيندي يونيورسٽي آف سنڌ مان ايم اي عربي ۾ ڪيائين ۽ چند سالن
بعد اردو ۾ پڻ ايم. اي ڪئي. اعلى نمبرن ۾ پاس ٿيڻ سبب پرنسپال سيد جلال الدين شاهه
کين اتي ئي انسٽرڪٽر ڪري رکيو، جنهن سبب جي ڪري سندن هم عمر استاد به سندن شاگرد ٿي
پيا ۽ سڀئي کين استاد سڏڻ لڳا.
ميهڙ ۾ هن علمي ۽
ادبي طور تي ڀرپور زندگي گذاري ۽ بزم اڪبر ميهڙ جا جنرل سيڪريٽري رهيا، بزم اڪبر
طرفان ان وقت ميهڙ شهر ۾ مشاعره ادبي پروگرام ۽ تعليمي سيمينار پڻ ڪرايائين، رفيق
ايري جنهن سياست ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو، اهو سندس ٻانهن ٻيلي هو، ان کان علاوه شمس
الدين بلبل، اسحاق راهي سان سندس مراسم هئا، جوهر بروهي (فريد آباد) سان سندس خاص
اُنسيت هئي. هر سال شاهه گودڙيو جي ورسي ملهائڻ شروع ڪيائين، جنهن جو اڳ ۾ ڪو به
رواج نه هو. شاهه گودڙيو جي نشان هيٺان جيڪا ٽڪري آهي، اتي هر سال مشاعرو پڻ منقعد
ڪرائيندو هو. اڄ اها ٽڪري عبدالرحمان شاهه جي نالي سان مشهور ۽ سڏي وڃي ٿي. پاڻ
خواهش به ڪئي هئائين ته وفات کانپوءِ مون کي ان ٽڪريءَ تي دفن ڪيو وڃي. ميهڙ جي نوڪري
دوران ان وقت جي مشهور رسالي ۽ ڊائجيسٽ، رهبر ڊائجيسٽ ۽ ملير ڊائجيسٽ، سوجهرو،
اديون ۽ هلال پاڪستان اخبار ڪراچي سندس شعر، مقالا ۽ ليک وغيره ڇپيندا رهيا.
۱۹۷۹ع ۾ هن کي ڳوٺ جي مڊل اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو، جتي اچڻ سان پنهنجي ڪم
کي لڳي ويو. ان وقت اسڪول جي عمارت جيڪا به هن جي طرفان عطيو ٿيل هئي، ان جي ضروري
مرمت ڪرايائين. اسڪول جي اسٽرينٿ جيڪا ۳۰ ٻارن تائين مس هئي، ان کي وٺي پهرين سال ئي ۱۵۰ شاگردن تائين پهچايائين ۽ ان ئي سال حبيب
الله صديقي ۽ الهداد ٻوهيو جي مدد سان برانچ هاءِ اسڪول ڪرايائين ۽ نائين ۽ ڏهين
جا ڪلاس شروع ڪرايائين. ان زماني کان وٺي ۱۹۸۵ع تائين، هي اسڪول بورڊ جي نمايان اسڪولن ۾ رهيو ۽ هر
سال جي ٽاپ ٽين پوزيشن ۾ ٻه يا ٽي شاگرد، هن اسڪول جا ايندا هئا.
اڄ به بورڊ جو رڪارڊ
ان ڳالهه جو گواهه آهي ته هن جي نيڪ نامي ته اڳ ۾ ئي گهڻي هئي. جيئن ئي پاڻ پنهنجي
ڳوٺ جي اسڪول ۾ آيو ته سندس پراڻن واقفڪارن جا، جيڪي خاص طور ميهڙ وارن علائقن جا
هئا، ٻار گهڻي تعداد ۾ اچي هن وٽ رهڻ ۽ پڙهڻ لڳا. خاص طور گاهي خان سيلرو، ميهڙ،
فريد آباد، شاهه گودڙيو، سيتاروڊ ۽ سيتا وليج جا شاگرد رهڻ ۽ پڙهڻ لڳا. رات جي وقت
۾ به پنهنجي جهوپڙيءَ نما اوطاق ۾ هو لالٽين جي روشنيءَ ۾ پڙهائيندو هيو. امتحانن
جي دوران ته سڀني شاگردن کي اسڪول ۾ رهائي امتحان جي تياري ڪرائيندو هيو. ان ريت
هن سوين شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به پوري سنڌ ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، اديب، وڪيل، استاد
آهن. جن ۾ خاص طرح علي دوست (عاجز) شاعر، سقراط سيتائي، جاويد احمد چنه (آمريڪا)،
سيد علي اختر شاهه (انجنيئر واپڊا)، سيد عبدالله شاهه (انجنيئر)، احمد نواز سيلرو،
رفيق احمد ابڙو (مهراڻ يونيورسٽي) شامل آهن.
جيئن ته دادو شگرمل
پيارو ڳوٺ ڪالوني اندر موجود پرائمري اسڪول کي اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول ڪرڻ پئي
چاهيو ان ڪري هن جي ناموس ۽ نيڪ نامي ۽ تعليمي خدمتن کان متاثر ٿي کيس زور ڀريو ته
اوهان باقي رهيل سروس اسان جي لاءِ ڪريو، ٻين دوستن جي زور سبب پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ٽڳا جي هيڊ ماستر تان رٽائر ٿي پوءِ دادو شگر مل ۾ اسڪول قائم ڪرائي ان جو پرنسپال
ٿيو جنهن کانپوءِ ۱۹۹۳ع ۾ اتان پڻ رٽائر ٿيو. ان دوران دادو شگر مل هاءِ اسڪول پيارو ڳوٺ نمايان
اسڪول طور سڄي سنڌ ۾ مڃتا ماڻي ۽ سندس شاگرد مڊل اسٽينڊرڊ امتحان ۾ پوزيشن ماڻيون
۽ حيدرآباد بورڊ ۾ به هر سال امتيازي پوزيشنون حاصل ڪندا رهيا. هن اسڪول مان هر
سال ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڻ شاگرد سليڪٽ ٿيندا هئا. اڄ به ڪريم بخش شاهه پروفيسر،
سنڌ يونيورسٽي، پروفيسر عمران قاسم ميمڻ (مهراڻ يونيورسٽي)، مسرت خاصخيلي (ڊي اي
او) هن جا شگر مل ۾ شاگرد رهيا. جنهن کانپوءِ هو شهباز ايجوڪيشن سوسائٽي جو دادو ۾
چيئرمين ٿيو ۽ ان جي طرفان پرائيويٽ طور قائم اسڪول ارم برائيٽ اڪيڊمي جو پرنسپال ٿيو
ان سان گڏ شهباز اڪيڊمي طرفان استادن جي ٽريننگ لاءِ پي ٽي سي ۽ سي ٽي وارن ڪاليجن
۾ ليڪچر ڏيندو رهيو، بعد ۾ جڏهن آف ڪئمپس قائم ٿيڻ شروع ٿيا ته هن جون خدمتون شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور وارن حاصل ڪيون ۽ آخر وقت تائين ان يونيورسٽي سان
وابسته رهيو. هن وٽ سوين استاد اسائنمينٽ سکڻ لاءِ ايندا هيا. ان کان علاوه علامه
اقبال ۽ ٻين يونيورسٽين سان پڻ ڪم ڪندو رهيو.
سگا ڦلجي اسٽيشن
شاخ قائم ڪرڻ ۾ وڏو اهم ڪردار به هن جو هيو پاڻ غلام رسول کوسه ۽ لياقت جهتيال سان
گڏ اها شاخ قائم ڪرائي هئي ۽ پاڻ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. هن شاخ طرفان ٻه وڏا
پروگرام پڻ ڪرايا ويا هئا، جن ۾ هڪڙو (سچل سرمست) تي سيمينار هيو ۽ اهو هن جو لکيل
مقالو (سچل چيئر) وارا پاڻ سان کڻي ويا هئا. ان کانپوءِ سگا جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سگا جي بهترين شاخ جو
ايوارڊ حاصل ڪيو ۽ سگا طرفان ڪراچي ۾ ملهايل (عورت ڪانفرنس) جنهن جي صدارت هن غلام
مصطفى شاهه ڪئي. جنهن ۾ هن ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو. هو پنهنجي ڳوٺ پيارو ڳوٺ واري جامع
مسجد ۾ هر ٻنهي عيدن جي امامت ۽ خطبو پڻ ڏيندو هو.
هن کي ٻه فرزند ۽ هڪ
نياڻي جو اولاد ٿيو جن مان وڏو فرزند اياز ۽ بيبي افشان ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويا.
باقي اظهر حسين شاهه (جيڪو منهنجو ڪلاس فيلو به هيو) ۽ ايڇ ايس ٽي هيو اهو ۲۰۰۴ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ان کي
ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي. بهرحال، عبدالرحمان شاهه پنهنجي سڄي عمر تدريسي عمل ۾ گذاري
ان مان هزارين شاگرد فيضياب ٿيا جس آهي ساس پيارو اسٽيشن جي ساٿين خاص ڪري نياز
الاهي ابڙو، ظهير احمد لهٻر کي جن سڄي سنڌ مان سندس شاگردن ساٿين شاعرن اديبن،
صحافين کي گڏ ڪري مرحوم کي ڀيٽا ڏيڻ جو پروگرام رٿيو.
No comments:
راءِ ڏيندا