; سنڌي شخصيتون: استاد لعل بخش

21 August, 2019

استاد لعل بخش


استاد لعل بخش
اوِرچُ انسان
ستار پيرزادو
مامي الهه بخش کي چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون. انهن چئني پٽن مان وڏو پٽ لعل بخش هوس. هن تي پنهنجي پڙ ڏاڏي جو نانءُ رکيل هو. سندس ڄم اصل ۾ اسان جي هن ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ۾ ۷ نومبر ۱۹۳۷ع  ۾ ٿيو هو. مامي الهه بخش جي گھر واري خليفي محمود جي ڌيئڙي هئي، خليفي محمود کي جيئن ته پٽيلو اولاد ڪو نه هو، تنهن ڪري هن مامي الهه بخش کي گھر ڄاٽو ڪري رکيو هو. مامو الهه بخش جيئن ته ان وقت جي مطابق پرائيمري تعليم ۾ فائينل پاس هو، تنهن ڪري کيس انگريز نامدار جي حڪومت ۾ پرائمري ماستري ملي وئي هئي. انڪري هن به پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيورن سان سينگاريو. سندس چار ئي پٽ انگريزي تعليم حاصل ڪري، سرڪاري نوڪري ڪندي، ٽي پٽ پنهنجي عمر گذاري، ڌڻيءَ جي سڏ کي اونائي، اجل ڏانهن راهي ٿي ويا. باقي سندس ننڍو پٽ شمس الدين اڃا قيدِ حيات ۾ آهي. سندس ٻئي نياڻيون، پنج درجا سنڌي ۽ قرآن شريف پڙهيل هيون، سي به هاڻ هن جهان ۾ ناهن رهيون.


لعل بخش جيئن ئي ميٽرڪ پاس ڪئي ته کيس انگريزي مڊل اسڪول جي ماستري ملي وئي. سندس پهرين پوسٽنگ ميونسپل مڊل اسڪول ڪاراڻي ۾ ٿي. پر لعل بخش صرف ميٽرڪ تي اڪتفا نه ڪئي ۽ نيٺ خانگي طور بي اي پاس ڪيائين، ۽ هو هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ماستر طور بدلي ٿي ويو. پوءِ به هو ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ ايم اي سنڌيءَ ۾ پاس ڪيائين. ڪجھه عرصي پڄاڻان کيس سرڪاري طور تي بي ايڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، جا به هن پنهنجي محنت سان پاس ڪري ورتي. لعل بخش هاءِ اسڪول ۾ ٽيڪنيڪل تعليم ڏيڻ خاطر ووڊ ورڪ ۾ به ڊپلوما ڪئي هئي.
ان وچ ۾ لعل بخش؛ علي محمد جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ۽ ڇهه نياڻيون ٿيون. جن مان هڪڙو پٽ نوجوانيءَ ۾ ئي راهه رباني وٺي ويو. باقي سندس پٽ جن مان وڏو ڊاڪٽر آهي ۽ باقي به سڀ خاصين نوڪرين تي ڪم ڪري رهيا آهن.
۱۹۶۲-۱۹۶۳ع ۾ مهين جو دڙو جي کوٽائيءَ لاءِ پاڪستان حڪومت آمريڪي ڪمپنيءَ کي کوٽائيءَ لاءِ ٺيڪو ڏنو هو، ان ٺيڪي ۾ ان آمريڪي ڪمپنيءَ جا آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر ڊيلس ۽ مسٽر هائينس هئا، انهن کي پنهنجي ترجمان خاطر اهڙو ماڻهو گھربو هو، جيڪو سندن احڪام مزدورن وٽ پهچائي ۽ کين سمجھائي به سگھي ۽ مزدورن جون ڪي مشڪلاتون هنن تائين پهچائي ته هو ان جو ازالو ڪري سگھن، جيئن کوٽائيءَ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿئي. ان لاءِ لعل بخش کي هنن پنهنجو ٻولڙيو Spokesman ڪري رکيو هو. اسان جي انور کي وري ڊرائينگ ڪندڙ طور رکيو ويو هو، جو انور ميٽرڪ دوران اليمينٽري به پاس ڪري ورتي هئي. انور کوٽائيءَ مان نڪتل مورتين وغيره جون تصويرون ٺاهيندو هو. پر ۱۹۶۵ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ ڇڙي پئي هئي، تنهن ڪري مهين جو دڙو جي کوٽائيءَ وارو ڪم به رولڙي جو شڪار ٿي ويو هو، جو اهو معاهدو جنگ جي ڪري ختم ڪيو ويو هو. موهين جو دڙو جي کوٽائي جي هڪڙي ماهر مسٽر هائينس جا حبيب خاندان سان ڪي لڳ لاڳاپا هئا، ان ڪري هو مسٽر هائينس سان موهن جو دڙو تي ملڻ جي لاءِ آيو، ته مسٽر هائينس، لعل بخش جو هن سان نه صرف تعارف ڪرايو، پر محنتي ۽ اورچ هئڻ جي به تعريف ڪئي هئي. انڪري لعل بخش جي مسٽر حبيب سان عليڪ سليڪ اُڌي. ستر واري ڏهاڪي ۾ لعل بخش هڪ سال تعليم کاتي مان موڪل وٺي حبيب ايگريڪلچر فارم، نواب شاهه تي ملازمت ڪرڻ لڳو، پر ان نوڪري کيس جلد ٿڪائي وڌو، ۽ هو اتان استعفيٰ ڏئي واپس اچي پنهنجي نوڪريءَ تي چڙهيو ۽ وري تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.
انهن ڏهاڙن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ سواريءَ جو واحد طريقو گھوڙو هوندو هو، سائين خيلفي محمود وٽ سدائين سواريءَ لاءِ گھوڙي هوندي هئي، لعل بخش ان تي سواري ڪرڻ ۽ گھوڙي کي هلڻ جا انگ سيکارڻ به سکي ورتا هيا. وري ڪن دوستن وٽان گھوڙي جا سنج ٺاهڻ سکي آيو هو. هن گھوڙي جي واڳ، هنو، تل ۽ پائدان جي پٽي پڻ، پاڻ ٺاهيا ۽ انهن تي ڀرت جي گلڪاري پڻ ڪيائين. اهي سنج لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڏاڍا مشهور ٿيا ۽ ڏوڪريءَ جي ميلي تي انهن کي پهريون انعام پڻ مليو هو.
لعل بخش والي بال راند جو به سٺو پليئر هوندو هو. اسان جي ڳوٺ جي والي بال جي ٽيم، ڪيترن ئي شهرن مان مئچون کٽي ايندي هئي ۽ پاڻ مڃائي چڪي هئي، ان ۾ لعل بخش شامل هوندو هو ۽ اڪثر فرنٽ سينٽر تي کيڏندو هو.
لعل بخش تعليمي لحاظ کان ته ايم اي سنڌيءَ ۾ هو، پر پاڙهيندو اڪثر انگريزي ٻولي هو، جو کيس انگريزي گرامر تي ڪافي عبور حاصل هوندو هو. چوندا آهن ته هن انگريزي گرامر تي ڪتاب به لکيو هو، پر اهو سندس پونئيرن سندس ئي ڪنهن دوست کي ڏئي ڇڏيو هو. هو پنهنجي نوڪريءَ ۾ ترقي ڪري هيڊ ماستر جي عهدي تي پهچي چڪو هو، جو هن اسڪول انتظام ۾ به ڊپلوما ڪئي هئي. پر روز روز جي بدلين ۽ شهر شهر جي رهائشي مسئلن کان تنگ اچي، هن عمر جي لحاظ کان اڳ ئي رٽائيرمينٽ وٺي ڇڏي. جو کيس زمين آباد ڪري حاصلات کڻڻ جو اچي شوق جاڳيو، کين پنهنجا زمين جا ڪجھه ٽڪرا هئا، هن اها رٽايرمينٽ واري سڀ رقم ان کي آباد ڪرڻ تي لڳائي ڇڏي پر اڳتي هلي کيس ان مان نقصان پلئه پيو، جو درياهي چاڙهه ڪري سندس بيٺل فصل لڙهي ويا. ان نقصان کان پوءِ وري به هن ماستريءَ واري ڪرت جو سوچيو ۽ کيس ووڊ ورڪ ۾ ڊپلوما هجڻ جي ڪري ڪراچيءَ ۾، بن قاسم ٽائون ۾ اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن جي ٽينيڪل هاءِ اسڪول ۾ ماستري ملي وئي. ان ماستريءَ ۾ هو رٽائرمينٽ تائين رهيو.
لعل بخش سياسي طور تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بي لوث ڪارڪن هوندو هو. لاڙڪاڻي جي مسز اشرف عباسي کيس ڪافي ڀانئيندي هئي، تنهنڪري سندس پٽن صفدر عباسي ۽ ٻين سان لعل بخش جا ڪافي سٺا لاڳاپا هوندا هئا. نيٺ هن صفدر عباسيءَ سان گڏجي ’پواڙيءَ‘ جي گلن جي واپار لاءِ لعل بخش شهدادڪوٽ کان وٺي بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۽ ڪاڇي ۾ پواڙيءَ جي پوک ڪرائي ۽ اتان گل خريد ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ پڻ ويندو رهيو، ڇاڪاڻ جو سندس گھر لاءِ ڪو روزگار جو ٻيو وسيلو ته هاڻ بچيو ئي ڪين هو. صفدر عباسي اهي گل آمريڪا برآمد ڪندو هو. ان فصل تي کيس ڪافي ڄاڻ حاصل هئي، تنهن کان سواءِ کيس ماڻهن سان به ڏيٺ ويٺ اُڌي.
جيئن ته لعل بخش جو نانو ۽ ڏاڏو ٻئي فارسيدان هئا، ان ڪري هيءُ دلچسپي وٺي ڪجھه فارسي پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي قابل ٿي ويو هو ۽ پوءِ ته هن خليفي محمود جي حڪمت تي لکيل ڪتابن جي سهاري ۽ ٻوٽين جي ڄاڻ هجڻ ڪري، پاڻ به حڪمت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ به هن خاصي دسترس حاصل ڪري ورتي هئي ۽ ڪيترن دوستن يارن کي هو سندن بيماريءَ مطابق نسخا ٺاهي ڏيندو هو، جن مان هو شفاياب ٿي ويندا هئا. پر نه ڄاڻ کيس ڪهڙي مهلڪ بيماريءَ اچي وڪوڙيو هو جو ان جو نه صرف پاڻ علاج ڪري سگھيو ۽ نه ئي ڪو ايليوپيٿڪ ڊاڪٽر ئي سڃاڻي سگھيو، جنهن ڪري هو۲۲ جنوري ۲۰۰۹ع تي هي جهان ڇڏي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا