; سنڌي شخصيتون: ميڊم نور جهان

31 August, 2019

ميڊم نور جهان


ميڊم نور جهان
آواز دي ڪَهان هي- سندس وڇوڙي جو ڏينهن
وزير فرهاد سولنگي
ميڊم نور جهان جو اصل نالو الله رکي هيو، سندس جنم ۲۱ سيپٽمبر پنجاب جي شهر قصور ۾ فتح بيبي ۽ امداد علي جي گهر ۾ جنم ٿيو، قصور جي ميونسپل ڪاميٽي جي رڪارڊ موجب سندس جنم ۲۱ سيپٽمبر ۱۹۲۶ع آهي، جڏهن ته سندس مزار جي ڪتبي تي ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۲۰ع لکيل آهي. ميڊم نور جهان برصغير جي اها ڪلاڪار آهي جنهن آرٽ جي دنيا ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو، هن ٿيٽر جي دنيا ۾ ٻالڪپڻ کان پنهنجي فن جي شروعات ڪئي، انهيءَ دور ۾ سندس ڀينر عيدن ٻائي، حيدر بندي، مختيار بيگم اڳ ۾ ئي ٿيٽر جي دنيا ۾ قدم رکي چڪيون هيون. ميڊم نورجهان ۹ سالن جي عمر ۾ فن جي دنيا ۾ قدم رکيو، اهڙي طرح هن پنهنجي زندگي جا ۶۵ سال فن جي دنيا کي ڏنا.


پاڻ ۱۹۴۲ع ۾ ۲۲ سالن جي عمر ۾ فلمن جي هدايتڪار ۽ فلمساز  شوڪت حسين رضوي سان شادي ڪئي ۽ کيس ۴ ٻار ٿيا. ان کان پوءِ ۱۹۵۹ع ۾ اداڪار اعجاز دراني سان شادي ڪيائين ۽ کيس ۶ ٻارن جو اولاد هو. ورهاڱي کان اڳ هن انڊين فلمن ۾ ڪم ڪيو. جنهن ۾ هن اداڪاري کان علاوه گلوڪاري پڻ ڪئي. ورهاڱي کان اڳ هن ۲۸ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ پنهنجي گهر واري سان گڏ فلمن جي هدايتڪاري پڻ ڪئي. هن اداڪاري سان گڏوگڏ فني موسيقي جي سکيا استاد بڙي غلام علي خان کان ورتي ۽ گلوڪاري جي حوالي سان هن ڪلاسيڪل موسيقي جي مڪمل تربيت حاصل ڪئي. جنهن ۾ ڊمري، ڌرمپت ۽ خيال جي حوالي سان تربيت حاصل ڪري فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڪم ڪيو.
سندس پهرئين انڊين پنجابي فلم پنڊ دي ڪڙي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي ڀينرن سان گڏجي ڳايو. انهيءَ ڪلام جا ٻول هي هيا ”لنگھه آجا پتن چنان دا، او يار“ جنهن کي هن ڳائي مشهوري ماڻي. ان کان پوءِ ۱۹۳۶ع ڌاري مصر کان ستاره، ۱۹۳۷ع ۾ هير سيال فلم ۾ ڪم ڪيو، ۱۹۳۹ع ۾ گل بڪائلي اهڙي طرح هن ڪلڪتي ۾ ٺهندڙ پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪجھه سالن کان پوءِ هي واپس لاهور آئي. ۱۹۳۹ع ۾ موسيقار غلام حيدر کيس پنهنجن ترتيب ڏنل ڌنن ۾ ڳارايو ۽ اهڙي طرح هي موسيقي جي دنيا ۾ مشهور ٿيڻ لڳي. ۱۹۴۲ع ۾ فلم خاندان هيروئين طور ۽ گلوڪارا طور ڪم ڪيو. سندس فلم خاندان کي تمام گهڻي مشهوري ملي ۽ هي واپس بمبئي ۾ سيد شوڪت حسين رضوي سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳي ۽ موسيقي جي دنيا ۾ نالو ڪمايو. ۱۹۴۳ع ۾ هن شوڪت حسين رضوي سان شادي ڪئي.
ورهاڱي کان پوءِ نورجهان جي پاڪستان واپسي ٿي ۽ پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ سندس پهرئين فلم چن وي ۱۹۵۱ع ۾ رليز ٿي. جنهن ۾ سنتوش ڪمار هيرو هيو. هن فلم کي تمام گهڻي شهرت ملي ۽ سندس اداڪاري کان علاوه گلوڪاري کي پڻ پسند ڪيو ويو. ۱۹۵۲ع ۾ سندس ٻي فلم دُپٽا رليز ٿي جنهن کي پڻ تمام گهڻي مشهوري ملي. ان کان پوءِ سندس شوڪت حسين رضوي سان اختلاف ٿيا. جنهن ڪري هنن جي علحدگي ٿي وئي. ان وقت کيس ٽن ٻارن جو اولاد هيو. ان کان پوءِ ۱۹۵۹ع ۾ اداڪار اعجاز دراني سان شادي ڪيائين. جيڪو سندس کان ۹ سال عمر ۾ ننڍو هيو. گلوڪارا نورجهان پنهنجي فني ڪيرئير ۾ ۲۰۰۰ کان مٿي فلمن ۾ گيت ڳايا. جڏهن ته هن اسٽيج کان علاوه نجي محفلن ۾ پڻ ڳايو. سندس ڳايل پنجابي، اردو، سنڌي ڪلامن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ کيس ملڪ ترنم نورجهان جو خطاب مليو. هن ۱۹۳۵ع کان ۱۹۹۷ع تائين فن جي دنيا ۾ ڪم ڪيو. پاڻ ڪيترن ئي موسيقارن، فلمسازن، هدايتڪارن، گلوڪارن سان گڏجي ڳايو. فلمي دنيا ۾ سندس هيرو سنتوش، اعجاز دراني، درپن، سڌير وغيره رهيا جڏهن ته گلوڪاري ۾ احمد رشدي، مهدي حسن، مسعود رانا، رجب علي مجيب عالم، اي نير، محمد يوسف ۽ ٻين ڪيترن ئي گلوڪارن سان ڪم ڪيو. ميڊم نورجهان جا ڪيترائي شاهڪار گيت اڄ به ٻڌندڙن جي دل وندرائين ٿا. سندس آواز ۾ ڳايل دوستي فلم جا گانا تمام گهڻا مشهور ٿيا. جنهن ۾ چٺي ذرا سيان جي ڪي نام لکهدي، يي واديان پربتون کي شهزاديان کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کان علاوه سدا هون اپني پيار ڪي تمام گهڻو مشهور ٿيو. ان کان علاوه مجهسي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ جيڪو فيض احمد فيض جو غزل هيو کي پسند ڪيو ويو.
جڏهن ته هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور ۽ قابل موسيقارن سان گڏجي ڪم ڪيو جنهن ۾ موسيقار نوشاد، خواجه خورشيد انور، ايم اشرف، خواجه نجم الحسن، رشيد عطري، روبن گوش، غلام علي، ماسٽر غلام حيدر وغيره اچي وڃن ٿا. ملڪ ترنم نورجهان جو برصغير جو تمام وڏن گلوڪارن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. جن موسيقي جي دنيا ۾ تمام گهڻا ڪامياب گيت، غزل، نغما، دوگانا، فن موسيقي کي ڏنا، ان کان علاوه ملڪ ترنم نورجهان جي مداحن جو لکن ۾ تعداد اچي وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ انڊيا، جرمني، روس، آمريڪا، انگلينڊ، دبئي ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه سندس هزارين گيت هند ۽ سنڌ ۾ پسند ڪيا ويا. سندس مشهور پاڪستاني فلمون مرزا صاحب، ۱۹۴۷ع، جگنو ۱۹۴۷ع، عابده ۱۹۴۷، ميرا بائي ۱۹۴۷ع، چن وي ۱۹۵۱ع، دپٽا ۱۹۵۲ع، گلنار ۱۹۵۳ع، پاٽي خان ۱۹۵۵ع، لخت جگر ۱۹۵۶ع، انتظار ۱۹۵۶ع، نوران ۱۹۵۷ع، ڇومنتر ۱۹۵۸ع، انارڪلي ۱۹۵۹ع، نيند ۱۹۵۹ع، پرديسيان ۱۹۵۹ع، ڪوئل ۱۹۵۹ع، مرزا غالب ۱۹۶۱ع  ذڪر ڪيل فلمن ۾ پاڻ اداڪاري کان علاوه گلوڪاري ۾ پڻ اڳڀري رهي.
برصغير جي هي عظيم گلوڪارا پنهنجي فني زندگي جا ۶۵ سال آرٽ جي دنيا کي ارپي ۲۳ ڊسمبر ۲۰۰۰ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪري وئي. سندس جنازي نماز جامع مسجد سلطان ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ کيس گزري قبرستان نزد سعودي قونصليٽ ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو.
ملڪه ترنم نورجهان برصغير جو اهو آواز آهي جنهن کي صدين تائين ٻڌو ويندو اڄ جيتوڻيڪ جسماني طور اسان سان گڏ ناهي پر سندس ڏات ۽ فن هميشه لاءِ زنده رهندو سندس ۱۸ ورسي جي موقعي تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا. هن پنهنجي ڪيرئير ۾ ۱۵ نگار ايوارڊ حاصل ڪيا. جڏهن ته ۱۹۶۵ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس حاصل ڪيو. ساڳئي سال کيس حڪومت پاڪستان طرفان تمغه امتياز مليو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ کيس ستاره امتياز مليو.

No comments:

راءِ ڏيندا