حاجي نظر محمد بلوچ
(تو کي ڪير وساري - ورسيءَ
جي مناسبت سان)
مدثر نظر بلوچ
اڄ يعني ۲۹ جنوري! هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جيڪو اگر منهنجي وس ۾ هجي ته مان اُن تاريخ کي ڪئلينڊر
مان ئي ڪڍي ڇڏيان. ڇاڪاڻ ته اِهو منهنجي زندگيءَ جو انتهائي اڀاڳو ڏينهن آهي. اِن اڀاڳي
ڏينهن تي مان اُن شفقت کان محروم ٿي ويو هئس، جنهن جو ڪو مُلھ ناهي هوندو. ۲۹ جنوري ۲۰۰۸ع جي اُها منحوس صبح منهنجي وجود تي وِڄ بڻجي
ڪِري هئي، جڏهن سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل منهنجي بابا سائينءَ هِن فاني دنيا کي هميشه
لاءِ الوداع ڪيو هو. والد جو وڇوڙو هر انسان جي اندر کي وَڍ وجهي ڇڏيندو آهي پر منهنجي
لاءِ اُهو نه صرف هڪ والد جو وڇوڙو هيو پر هڪ بهترين همراز دوست جو به وڇوڙو هيو. جيڪو
برداشت ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هو، پوءِ به دنياوي ڪِرت خاطر زهر جو ڍُڪ ڀري جيئڻو پيو.
منهنجو بابا سائين
حاجي نظر محمد بلوچ، جنهن زندگيءَ جا ۲۷ سال صحافت جي دنيا کي ارپيا. پيشيوراڻي زندگيءَ کان علاوه
به بابا سائينءَ جي زندگيءَ جا ڪَئين پهلو هئا، جيڪي شايد اڄ به مان سمجهي ناهيان
سگهيو. ڇاڪاڻ ته بابا سائين ڳالھ ٻولھ تمام گهٽ ڪندو هو پر سندس لفظن جي چونڊ اهڙي
ته وزنائتي هوندي هئي جو اُن وقت منهنجي ٻاراڻي ذهن مٿان هوائي جهاز جيان اڏامي
ويندي هئي، پر اڄ جڏهن سندن ڳالهيون ۽ عمل ياد اچن ٿا ته ڳاٽ فخر مان اُوچو ٿي وڃي
ٿو. بابا سائين، صحافت کان ويندي سياست ۽ راڄوڻي معاملن ۾ پنهنجي هڪ منفرد سڃاڻپ ٺاهي،
صحافت ۾ غيرجانبداري ۽ پنهنجي هڪ الڳ انداز سبب اڄ به سندس دوست کيس سٺن لفظن ۾ ياد
ڪن ٿا. سياست جي ميدان ۾ به بابا سائينءَ پنهنجو الڳ مقام جوڙيو، ٻه ڀيرا ڪائونسلر
جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ اُن وقت جي ناظم پاران ڪن
لاٽار ڪرڻ تي بابا سائينءَ ڪائونسلر جي سيٽ تان استعيفيٰ به ڏئي ڇڏي هئي.
بابا سائينءَ جي صحافت،
سياست ۽ راڄوڻي معاملن تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو، جيڪو شايد اڄ جي ماڻهن کي هضم نه
ٿئي، پر مان اڄ صرف پنهنجي بابا سائينءَ سان سلهاڙيل حَسين يادن کي ئي لفظن جو رُوپ
ڏيڻ چاهيان ٿو.
مون کي ويهاري ڇانوَ،
پاڻ اُس ۾ سڙندو رهيو،
مون ڏٺو هڪ فرشتو، پيءُ
جي روپ ۾.
اِن ڳالھ ۾ ڪو شڪ
ناهي ته هڪ پيءُ ئي پنهنجي اولاد لاءِ اُهي ڪشالا ڪٽي ٿو، جيڪي ڪٽڻ جي واري جڏهن اولاد
جي اچي ٿي ته اُها ئي اولاد پيءُ کان منهن موڙي وڃي ٿي، پر مان تمام گهڻو خوشنصيب
رهيس جو بابا سائينءَ سان سندن هر ڏُک ۽ سُک ۾ گڏ رهيس. عيد جو موقعو هجي يا ڪو ميلو
گهمڻو هجي، گهر جي سيڌي سامان جي خريداري کان ويندي، سئنيما وڃڻ تائين، هر معاملي
۾ گڏ رهي مان بابا سائينءَ جي شفقت سان سرشار ٿيس. هڪ ڀيري مان ڪاليج ۾ پڙهائيءَ
دوران بابا سائين کي چيو ته ”بابا سئنيما ۾ فلم ڏسڻ لاءِ دل چوي پئي. “بابا سائين
مسڪرائيندي جواب ڏنو، ”فلم ڏسڻ لاءِ سئنيما ۾ هلياسين ته رات جو سواري ڪٿان ايندي،
جو وري ڳوٺ پهچنداسين. “ڳالھ بابا جي به ٺيڪ لڳي، سو مون ضد نه ڪيو. ڪجھ ڏينهن بعد
ڳوٺ جي ڀرسان سخي مراد شاھ جو ميلو لڳو ته مون بابا سان ضد ڪيو ته رات جو سرڪس ڏسڻو
آهي، ڇاڪاڻ ته هتي سواريءَ جو مسئلو ناهي، ميلو ڳوٺ جي ويجهو آهي. رات جو ٻارنهن
بجي سرڪس ختم ٿيڻ بعد پنڌ به ڳوٺ پهچي وينداسين، منهنجي اهڙي ڳالھ ٻڌي، بابا سائين
به ها ڪئي. مان ڪاليج مان ڳوٺ پهچي بابا کان اڳ ميلي ۾ نڪري ويس، بابا سائين به آفيس
مان واپسي بعد ميلي ۾ اچي مون کي ڳولي لڌو، ڊسمبر جو مهينو هيو، اُن رات سيءُ به
گهڻو هيو، سرڪس ڏسي جيئن جو پنڊال مان رات جو ٻارنهن بجي نڪتاسين ته اصل ڏَڪڻي چڙهي
وئي. بابا سائين جيئن ته ماضيءَ ۾ فالج جي مرض ۾ مبتلا رهي چڪو هو، تنهنڪري کيس سيءَ
سبب تڪليف ٿيڻ لڳي. ڪجھ دير لاءِ ميلي ڀرسان ئي لڳل هڪ دڪان تي ٻرندڙ مچ تي ويهي
رهياسين، پوءِ جڏهن اُتان نڪتاسين ته بابا سائينءَ مون سان پنڌ دوران ڪچهري ۾ چيو ”يار
تنهنجي ڪري اڄ سيءُ پيو سَٽي، آئنده اهڙي ضد نه ڪجان. “مون به سيءَ جي صورتحال ڏسي
آئنده توبھ ڪئي. وقت گذرندو ويو، ڏسندي ڏسندي ان ڳالھ کي پنج سال گذري ويا، بابا سائين
شديد بيمار رهڻ لڳو ۽ مان کيس سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ڇھ ڏينهن تائين بابا سائين
بلڪل بيهوشيءَ واري حالت ۾ هئا، پر ستين ڏينهن جي رات يعني ۲۸ جنوري جي شام ۽ ۲۹ جنوري جي رات بابا سائينءَ کي هوش آيو. اُن وقت منهنجي خوشي ناقابل بيان هئي،
ڊاڪٽر اچي چيڪ اپ ڪرڻ بعد چيو ته اوهان جي والد جي طبيعت ۾ اچانڪ اهڙي بهتري اچڻ خوش
آئند آهي. ڊاڪٽر جي وڃڻ بعد بابا سائينءَ مون کي اشارو ڪندي چيو ته مون کي اٿاري ويهار،
مان کين اٿاري ويهاريو ته مون کي کلندي چيائون ته ”اڄ ته سيءُ تو واري سرڪس واري رات
جهڙو آهي. “پهريان مان بابا جي ڳالھ سمجهي نه سگهيس پر پوءِ جڏهن سرڪس واري ڳالھ ياد
آئي ته کلندي چيم ”بابا اڃا اوهان کي ياد آهي؟”چيائين ”يار مون کي ڇو ياد نه هوندو،
اُها سيءُ واري رات ڪٿي ٿي وسري، وري ڪڏهن ٿو ميلو لڳي، هڪ ڀيرو ٻيهر توسان گڏ گهمڻو
آهي. “وراڻيم ”بابا اوهان رڳو ٺيڪ ٿي وڃو، ميلا پيا گهمنداسين. “
ائين اسان ڪچهري ڪندي
ڪندي رات جا ۳ ڪري ڇڏيا، ته بابا سائين چيو؛ ”يار تون سمهي رھ، مان به
هاڻ سمهان ٿو. “مان بابا سائينءَ جي پاسي واري بيڊ تي ليٽي پيس ته اک لڳي وئي، صبح
جو جيئن ئي اسپتال جي عملي ڪمري جي صفائي لاءِ اٿاريو ته مان بابا سائين ڏانهن ڏٺو
ته اُهو آرام ۾ هو، ايتري ۾ ڪجھ دير بعد چاچا سائين وارا به اچي ويا پر بابا سائين
نه جاڳيو. کين جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ ڊاڪٽر اچي چيو ته اوهان سندن مٿو هنج ۾
رکو ته مان صحيح نموني چيڪ ڪيان، بس مان بابا سائينءَ کي هنج ۾ ليٽايو ته پاڻ اکيون
کولي هڪ هلڪي مسڪراهٽ چپن تي آندائون ۽ پوءِ. . . . . هڪ ڊگهو ساھ کنيايون. . . . ايتري
۾ ڊاڪٽر چيو ته ”هي از نو مور“. . . . .
مان اُن وقت شايد بُت
بڻجي ويو هئس، ڇاڪاڻ ته منهنجي ذهن تي اڃا ڪجھ ڪلاڪ اڳ بابا سائينءَ سان ڪيل ڪچهري
سمايل هئي، مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته بابا سائين مون کان هميشه لاءِ هٿ ڇڏائي
ويو آهي. . . ها منهنجو بابا، منهنجو يار دنيا ۾ مون کي اڪيلو ڪري ويو، شهزادن
جيان پرورش ڪري دنيا جي ميلي ۾ فقيري حالت ۾ ڇڏي ويو. ۱۴ سال گذرڻ باوجود به مان بابا سائين کي وساري ناهيان سگهيو، مان سمجهان ٿو ته
منهنجي هر ساھ ۾ بابا سمايل آهي، زندگي ۾ جڏهن به ڪا ننڍي يا وڏي مشڪل ايندي آهي ته
مان صرف اِهو سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن بابا سائين هن وقت هجي ها ته اِن مشڪل کي ڪيئن
حل ڪري ها.
بس! بابا سائين جون
يادون ۽ اُها پرورش آهي، جيڪا اڃا هن ڪَٺور دنيا ۾ جيئڻ جو حوصلو ڏيو اچي.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
حاجي نظر محمد بلوچ
توکي وسارڻ منهنجي وس ۾
ناهي!
مدثر نظر بلوچ
انسان ڪيترو به کڻي مضبوط ڇو نه
هجي پر ڪي ڪي گهاءَ اهڙا هوندا آهن، جيڪي انسان کي اندران ٻه اڌ ڪري ڇڏيندا آهن، چوندا
آهن ته ماڻهن کي عشق ۾ ناڪاميءَ بعد وڏي پيڙاءُ مان گذرڻو پوندو آهي، پر مان
سمجهان ٿو ته والدين جو وڇوڙو ڪنهن به انسان لاءِ وڏي اذيت ۽ پيڙاءُ جو سبب بڻجندو
آهي، اڄ ۲۹ جنوري منهنجي بابا سائين حاجي
نظر محمد بلوچ جي ۱۵هين ورسي آهي، ڏيڍ ڏهاڪي جو
عرصو گذرڻ باوجود مان پنهنجي بابا کي هڪ پل به وساري ناهيان سگهيو، اڄ به اُهي
منظر، اُهي ڳالهيون، اُهي گهمڻ ڦِرڻ وارا لمحا منهنجي اکين آڏو تري ايندا آهن، ته
نه چاهيندي به اکيون اشڪبار ٿي وينديون آهن.
مون کي اڄ به اها ۲۸ جنوريءَ واري رات چڱي ريت ياد آهي، جڏهن سول اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪل وارڊ
۾ مسلسل ست ڏينهن کان نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ داخل بابا سائين اچانڪ اکيون
کوليون ۽ پاڻ اُٿي ويٺو، نيم بيهوشيءَ واري حالت مان بابا سائين جو اچانڪ ائين اُٿي
ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ وارو لمحو منهنجي لاءِ ڪنهن عيد يا جنهن خوشيءَ جي تهوار کان گهٽ
نه هو، ڇاڪاڻ ته مسلسل ست ڏينهن کان بابا سائين جي جيڪا حالت هئي، اُن کي ڏسي پيو
هانءُ ڏرندو هو، پر اوچتو مليل خوشي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل هئي، رات جا يارنهن ٿيا هئا
ته بابا سائين ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي، اسپتال جي ڪمري ۾ مون سان گڏ منهنجو پڦاٽ افضل
پڻ هو، ٽن ڪلاڪن تائين بابا سائين اسان ٻنهي سان کل ڀوڳ ڪندي گذاريا، بابا سائين
سان منهنجي اُها ڪچهري منهنجي زندگيءَ جو يادگار لمحو آهي، جيڪو اڻ وسرندڙ آهي، ٽن
ڪلاڪن جي ڪچهريءَ بعد بابا سائين اسان ٻنهي کي چيو ته “رات به گهڻي ٿي وئي آهي ۽
سيءُ به آهي، سو اوهان ٻئي آرام ڪريو، مان به سمهان ٿو، سڀاڻي اسپتال مان موڪل وٺي،
ڳوٺ هلنداسين.” اسان ٻنهي بابا سائين جي ڳالهه مڃي آرام لاءِ بستر لڳايو پر مون کي
بابا سائين جي بيماري مان ٿيل شاندار ريڪوري واري خوشي سبب ننڊ ئي نه پئي آئي، خوشيءَ
واري لمحن کي سوچيندي، سوچيندي اک لڳي وئي، صبح جيئن اک کلي ته بابا سائين تي نظر
پئي ته اُهي آرامي هئا، مان کين اُٿارڻ مناسب نه سمجهيو، ڪجهه وقت گذرڻ بعد چاچا
گل حسن زئونر وارا به اچي ويا، اُنهن اچي بابا سائين جي طبيعت بابت معلوم ڪيو، مان
کين رات واري ڪچهري بابت ٻڌايو ته اُهي به خوش ٿيا، ايتري به ڊاڪٽر آيو، جنهن چيڪ
اپ ڪندي چيو ته “مريض کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف پئي ٿئي سو اوهان سندس مٿو پنهنجي هنج ۾
رکو ته جيئن مان صحيح نموني تپاس ڪري سگهان.” بس مان جيئن بابا سائين جو مٿو
پنهنجي گوڏي تي رکيو ته ڊاڪٽر چيو ته “مريض جو روح پرواز ٿي ويو.” ڊاڪٽر جا اُهي
لفظ مان ڪجهه لمحن لاءِ ڄڻ ته پٿر بڻجي ويو هئس، منهنجي اکين آڏو بار بار رات واري
ڪچهري جا منظر اچي رهيا هئا، مون کي بلڪل يقين نه پئي آيو ته بابا هاڻ مون کان وڇڙي
ويو آهي.
بابا سائين جي وڇوڙي بعد
ذميواريون به گهڻيون اچي ويون، پر مان پاڻ کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ
ته وڏو پُٽ هجڻ جي ناتي ذميوار بڻجڻو هو، ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪوه يا شڪايت نه ڪئي،
نه ئي ڪنهن مشڪل کان مشڪل صورتحال ۾ پاڻ کي ڪمزور ٿيڻ ڏنو، ائين کڻي چوان ته مان
پاڻ کي پٿر بڻائي ڇڏيو پر آهيان ته وري به مٽيءَ جو ماڻهو، هونئن ته مان بابا
سائين کي پل به وساري ناهيان سگهيو، نه ئي وسارڻ منهنجي وس ۾ آهي پر مون کي ٽن
موقعن تي پنهنجي بابا سائين جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي، پهريون موقعو جڏهن وڏي ڀيڻ
جي شادي ٿي، ٻيو موقعو جڏهن مان پاڻ گهوٽ بڻيس، ٽيون موقعو جڏهن ننڍي ڀيڻ جي شادي ڪرائي،
اِهي ٽئي موقعا اهڙا هئا جو مان پنهنجي وجود کي اڌ پئي محسوس ڪيو، ائين لڳو ته مان
بلڪل اڪيلو آهيان، پر چوندا آهن ته جنهن جو ڪير ناهي هوندو، اُن جو الله هوندو آهي،
سو مان اُنهيءَ مرحلي مان پار ٿي ويس، پر بابا سائين جي ڪمي شدت سان محسوس اُن وقت
به ٿي، ۽ هن وقت ٿي رهي آهي، ۽ ساهه جي سڳي ٽُٽڻ تائين اِها ڪمي محسوس ٿيندي رهندي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا