; سنڌي شخصيتون: محمود مغل

16 August, 2019

محمود مغل


محمود مغل
محبتن جو محمود
احساس ميرل
سنڌ ڌرتيءَ اسان کي املھ هيرا ڏنا آهن. ادبي کيتر ۾ جن ماڻهن پنهنجي تحريرن ذريعي ماحول کي محبتن جا سبق ڏنا، انهن امر انسانن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو هي سڄڻ ۽ هردل عزيز سائين محمود مغل به هڪ آهي.
هي ۲۰۱۴ جي ڳالھ آهي ته جڏهن اسان ساس ٽنڊو الهيار جي دستوري گڏجاڻين ۾ ايندا هئاسين، اتي سائين محمود مغل سان ملاقات ٿي. دل چيو پئي ته سائين محمود کي دعوت ڏجي. ڇو ته سائين محمود کي مون تڏهن ڏٺو هو جڏھن ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ اسان گاھ جون ڀريون ڪري ايندا هئاسين، تڏهن ڳوٺ ۾ صرف هڪ ٽيليوزن هوندي هئي، جيڪا بيٽري تي هلندي هئي. شام ڌاري اچي اتي گڏ ٿيندا هئاسين، تڏهن سائين محمود پرک پروگرام جي ميزباني ڪندا هئا.


سو مون وڃي سائين امين سان ڳالھ ڪئي ته ”سائين! اڄ ٽنڊوالهيار گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر محمود مغل صاحب سان ملاقات ٿي هئي، دل چوي ٿي سائين کي پاڻ به دعوت ڏيون ۽ سائين هتي اچي“. سائين امين چيو ”چريو ٿيو آهين ڇا...!؟ ڊاڪٽر محمود هتي ڪٿي ٿو اچي...!! وڌيڪ تنهنجي مرضي، باقي منهنجي خيال ۾ دعوت ڏيڻ مان ڪو فائدو ناهي...!!“. سو مون ٽنڊو الهيار شاخ جي ٻِي گڏجاڻيءَ ۾ سائين محمود مغل کي دعوت ڏني ۽ سائين محمود چيو ” ٻچا مان بلڪل ايندس...!!“.
پوءِ اسان ۲۰۱۵ع ۾ پنهنجي شهر اُڏيرواسٽيشن ۾ هڪ پروگرام ڪيو، جنهن ۾ سائين محمود مغل آيو ۽ ان پروگرام ۾ سائين محمود کي پنهنجي شاگرديءَ جي دؤر جو وڇڙيل دوست سائين ڪريم بخش ساند مليو. وڏي ڳالھ اِها ٿي جو اُهو پروگرام به سائين ڪريم بخش جي اسڪول ۾ ٿيو. ان کان اڳ سائين ڪريم بخش جي اسڪول ۾ انيڪ پروگرام ٿي چُڪا هئا، پر سائين محمود جي اچڻ سان اسانجي اڏيري لال اسٽيشن جي ادبي قدڪاٺ ۾ اضافو ٿيو. سائين محمود جي صحبت کان پوءِ اسان وٽ ڪافي دوست نثر طرف آيا جنهن ۾ ادا منظور عمراڻي، ادا عرفان عزم، ۽ مون سميت ٻيا دوست به شامل آهن. سائين محمود کي اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ايترو پيار مليو جو هن اتي هڪ گهر ورتو ۽ قدرت جو هي ڪمال به ڏسو ته سائين امين کي اهو يقين هو ته سان محمود مغل اڏيرو لال مشڪل اچي. پر آئون سمجهان ٿو ته جيڪي روح عالمِ ارواح ۾ گڏ هئا اهي هتي عالمِ فاني ۾ به هڪ ٻئي کي ڳولي لهن ٿا، سائين محمود سڀني کان وڌيڪ ويجهو سائين امين کي ٿي ويو ۽ سائين امين جي نياڻيءَ جو رشتو سائين پنهنجي ڀائٽيي لاءِ ورتو. اهو ڪمال آهي قدرت جو...!!
سائين محمود جو ڀاڪر روح جي رشتي کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏيندو آهي. سچي ڳالھ اها آهي ته ڪجھ ماڻهن جو ساٿ زندگيءَ جو رُخ بدلائي ڇڏيندو آهي. سائين محمود جي ڪچهري مون جهڙي گهٽ علم ماڻهوءَ کي به پيار جي پيچرن جا پنڌ ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏيندي. سائين محمود جون لکڻيون ٻُڌڻ سان حساس دل ماڻھن جون اَکيون عرق ضرور ڇڏينديون. سندس لکڻي ۾ ڏک ۽ سک جو سنگم جڙيل هوندو آهي. سائين جي گفتگو ۾ محبت جون ميخون هونديون آهن. سائين محمود جي تحريرن ۾ سماج ۾ ٿيندڙ ظلم جي نشاندهي سان گڏ محبوب جي رسامن ۽ پيار محبت جي هر پهلوءَ کي اُجاڳر ڪيو ويو آهي. سائين محمود جي قلم جي اولار خاص طور رشتن ۾ ٿيندڙ رنجشن تي، ماءُ جي ممتا جي تقدس تي ۽ ڀاءُ جي ڀاءُ سان محبت ڪيئن هوندي آهي؟ ڀيڻن سان پيار جو مثال هجي، يا پيءُ سان گڏ زندگي ڪيئن ڀرپور گذرندي آهي، يا ماءُ جيجل پنهنجي ٻچي تي ڪيئن ساھ ڇڏيندي آهي، اھڙن سڀني رشتن جي اھميت کي سائين محمود خوبصورت طريقي سان سهيڙيو آهي. سائين محمود جو قلم مسلسل ۴۴ سالن تائين تحرُڪ ۾ رهيو آهي.
سائين محمود ادب کي اڄ تائين
۱۳ ڪتاب ڏنا آهن، جيڪي سائين جي شخصيت ۽ ڪردار کي ماڻھن جي دلين ۾ زنده رکڻ لاءِ ڪافي آھن.
سائين جو پهريون ڪتاب
۱- ڪوهڙي ۾ ويڙهيل يادون (ڪهاڻيون ۱۹۸۲ع)
۲- تو سنگ تو بن ڏينهڙا (ڪهاڻيون ۱۹۸۵ع)
۳- هٿ ريکائن کان خالي (ناويٽ ۱۹۹۱ع)
۴- اسين جيئرا آهيون (انگريزي ادب مان ترجمو ۱۹۹۲ع)
۵- محمود مغل جون ڪهاڻيون
(۱۹۹۵ع)
۶- خواب نگر (ڪالمن جو ڪتاب ۱۰۰ ڪالم ۲۰۰۷ع)
۷- سنڌي چونڊ ڪهاڻيون (سهيڙ ۲۰۱۰ع)
۸- هڪ يادگار منصف فقير برڪت (۲۰۱۴ع)
۹- سنڌ ٽاڪيز (سنڌي فلم جي تحقيق ۽ تاريخ ۲۰۱۵ع) جي سهيڙ جنهن کي لينگئيج اٿارٽي طرفان سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو.
۱۰- ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“ (سرءُ ۽ هٿ ريکائن کان خالي ۲۰۱۵ع)
۱۱- زيب النّسا (طويل ڪهاڻي ۲۰۱۶ع) جنهن کي انجمنِ ترقي پسند مصنّفين پاران سال جي بهترين ناول جو ايوارڊ مليو.
۱۲- زندگي محسوس ڪيو (انگريزي ادب مان ترجمو ۲۰۱۷ع)
۱۳- ڪتاب محبتن جو شهر ٻڙي ميل (ناول ۲۰۱۸ع) ۽ اڃا به ڳچ مواد سندن ادبي زنبيل ۾ موجود آھي.
سائين محمود جو ايڏو وڏو ڪم ڏسي دل تمام گهڻو خوش ٿئي ٿي. هن ڪتاب جي نالي محبتن جو شهر ٻڙي ميل ۾ ٻڙيءَ جو هڪ وڏو تصور ذھن تي اُڀري اچي ٿو ته واقعي محبت جو شهر ٻڙي ميل هوندو آهي، ڇو ته محبتن جي ٻُڙي ميل جو پٿر دل جي شهر ۾ هوندو آهي، يعني جتي پرين موجود آهي. تڏهن ته لطيف سرڪار چيو آهي ته،
”وَڃِي ڇو وڻڪارُ هت نه ڳولهين هوتُ کي،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، ٻاروچو ٻئي پارُ
ٿِي سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرت پُنهونءَ سِين پار
نائي نيڻُ نِهار، تو ۾ ديرو دوست جو“.
منهنجي دعا آهي الله پاڪ سائين محمود مغل صاحب کي جهجهي عمر سان گڏ صحتِ ڪامله عطا فرمائي. سندن سايو
اسان اولاد مٿان قائم و دائم رهي. آمين



محمود مغل
خوابن کي حقيقت ۾ بدلائيندڙ
 ڳالهه ٻولهه: عائشه جمالي
محمود مغل جي شخصيت هر دلعزيز آهي. هن سدائين پيار ڪرڻ سکيو آهي. نفرت جو نالو سندس ڊڪشنري ۾ ناهي. هو خوابن تي گهٽ ۽ حقيقت تي وڌيڪ يقين رکندو آهي. منجهس خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي صلاحيت آهي. سندس تعلق سيوهڻ شهر سان آهي. پاڻ ميان نور محمد مغل جي گهر ۲۷ نومبر ۱۹۶۱ع ۾ پيدا ٿيو. محمود مغل ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس، ڪالم نگار، ريڊيو ۽ ٽي وي جو بهترين ڪمپيئر آهي.
مان عبرت جي ”سندر ايڊيشن“ لاءِ انٽرويو ڪرڻ لاءِ پهتس ته ڪنهن ڪم ۾ مصروف هو. منهنجو آواز ٻڌي ڪم ڇڏي مون کي ڀليڪار ڪيائين. سندس هٿ ۾ ڪتاب هو، سندس آفيس ۾ کوڙ سارا ڪتاب، سندس ادب دوستيءَ جي شاهدي به ڏئي رهيا هئا. هو ڪرسيءَ تي ٺهي ٺڪي ويٺو ته مون کانئس سوال ڪيو ته؛ ”اوهان کي ميڊيا، يعني ريڊيو ۽ ٽي وي تي اچڻ جو شوق ڪيئن جاڳيو؟“
مرڪي جواب ڏنائين ته؛ ”مون کي ننڍي هوندي کان ئي مشهور ٿيڻ جو شوق هوندو هو. اپريل ۱۹۸۲ع تي ريڊيو ۽ ۱۹۸۹ع ۾ ٽي وي جوائن ڪيو.“
ريڊيو تي پهرين پروگرام بابت، سوال جي جواب ۾، محمود مغل وراڻيو ته؛ ”ريڊيو تي منهنجو پهريون پروگرام ادبي سنگت هو، جيڪو نصير مرزا رڪارڊ ڪيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته نصير مرزا هن وقت ريڊيو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”مان بلڪل عجيب قسم جو انسان آهيان، مون کي ڪڏهن به ڪنهن کان ڊپ ناهي لڳندو.“
ننڍپڻ جون يادگيريون ذهن جي ڪينواس تي آڻيندي هن ٻڌايو ته؛ ”اوهان کي حيرت ٿيندي ته ننڍپڻ ۾ مان تمام گهڻو روئيندو هوس ۽ مون کي چيو ويو ته اسٽيج تي قرآن شريف پڙهه. جڏهن اسٽيج تي پهتس ته گهٻرائجي پريشان ٿي ويس. اڳتي هلي منهنجي استادن منهنجي مدد ڪئي. انهن جي رهنمائي سان ۱۹۷۹ع ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيم.“
ميڊيا بابت سوال ڪيم؛ ”اوهان جي خيال ۾ ميڊيا ڪيتري حد تائين ملڪي ماڻهن تي اثر ڪيو آهي ۽ ميڊيا جي ڪري معاشري ۾ ڪيتري بهتري آئي آهي؟“
محمود ڪجهه سوچيندي جواب ڏنو ته؛ ”ميڊيا اسان جي معاشري تي تمام گهڻو اثر انداز ٿيو آهي. اڳ ماڻهن کي خبرن ۽ ڪرنٽ افيئرز بابت ايتري ڄاڻ ڪا نه هئي. پر هاڻي ميڊيا جي وسيلي ماڻهو، دنيا جو حال احوال ۽ معلومات رکن ٿا.“
مون کانئس پڇيو ته؛ ”اوهان ليکڪ ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏوگڏ، سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهيو. ايترين ذميوارين کي ڪيئن ٿا مئنيج ڪيو؟“
هن جواب ۾ هڪ ڊائري ڏيکاري ۽ چيو ته؛ ”مان پنهنجي ڪلاسن جو وقت، ڊائري ۾ لکندو آهيان ۽ هڪ ٽائيم ٽيبل جوڙيندو آهيان. مان وقت جو پابند آهيان. مون کي ڪا ڪوٺ ملندي آهي ته مقرر وقت تي پهچي ويندو آهيان.“
سوال ڪيومانس ته؛ ”گهر وارن کي ڪيترو وقت ڏيندا آهيو؟“
جواب ۾ وراڻيائين ته؛ ”گهر وارن کي به وقت ڏيندو آهيان. جڏهن به کين منهنجي مدد جي گهرج پوندي آهي ته هر قدم تي سندن ساٿ ڏيندو آهيان. مان پنهنجي گهر وارن سان بلڪل دوستاڻي نموني هلندو آهيان. پر جڏهن ڏسندو آهيان ته هو غلط آهن ته کين دڙڪا به ڏيندو آهيان. پوءِ پيار سان کين سمجهائيندو به آهيان.“
سوال پڇيم ته؛ ”اوهان کي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن يا شاگردن کان سٺي موٽ ملندي آهي؟“
محمود مغل چيو ته؛ ”سٺي موٽ ملڻ تي خوشي ٿيندي اٿم. پر مان ان تي يقين ناهيان رکندو ته ڪنهن جي مدد ڪئي اٿم ته ٻيو به منهنجي مدد ڪري.“
مون کانئس پڇيو ته؛ ”تمام سٺي چوڻي آهي ته قلم ۾ طاقت آهي. ته ڇا اوهان پنهنجي قلم جي ذريعي معاشري ۾ ڪا بهتري آندي هجي يا ان سلسلي ۾ ڪا ڪوشش ڪئي هجي؟“
محمود مغل جواب ڏنو ته؛ ”ها، مون ڪوشش ڪئي پر مون کي ڪا موٽ نه ملي. پوءِ مون مايوس ٿي لکڻ گهٽائي ڇڏيو.“
هڪ سوال جي جواب ۾ هن وراڻيو ته؛ ”منهنجي نظرن ۾ سڀ شاگرد برابر آهن. منهنجي پڙهائڻ جو انداز اهڙو آهي جو پهرئين ڏينهن، پنهنجي شاگردن کي ڪجهه هدايتون ڪندو آهيان ۽ ها منهنجي ڪلاس ۾ سڀ برابر آهن. نڪو ڇوڪرو آهي ۽ نه ڪا ڇوڪري. سڀ دوستن وانگر آهن ۽ گڏجي سڏجي پڙهندا آهن. ڪو به زباني مسئلو ناهي هوندو. ڪلاس ۾ سنڌي، اردو، پشتو سڀئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. منهنجي نظر ۾ سڀئي خوبصورت ٻوليون آهن ۽ جڏهن به مان شاگردن کان مڊٽرم وٺندو آهيان ته کين سندن پيپر ڏيندو آهيان ته اهي پاڻ پنهنجي پيپرن تي ڪلڪ ڪري غلطيون سڌارين.“
صحافت بابت سوال ته؛ ”سٺو صحافي ٿيڻ لاءِ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟“
جواب ۾ چيائين ته؛ ”سٺي صحافي ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته کيس ڪرنٽ افيئرز ۽ تازن واقعن ۽ ماضيءَ جي حوالي سان به مڪمل ڄاڻ هجي.“
شاگردن لاءِ پيغام ڏيندي محمود مغل چيو ته؛ ”ايترو چوڻ چاهيندس ته اوهان پنهنجو ڪم پاڻ ڪيو ۽ وقت تي ڪيو. وقت جي پابندي ڪريو.“
ها ڪنهن به ماڻهوءَ جي سڃاڻپ، سندس دوستن سان ٿيندي آهي. محمود مغل جي ويجهي دوست پروفيسر ليکڪ ڪمپيئر جو چوڻ آهي ته؛ ”محمود مغل تمام دوستاڻي طبيعت جو مالڪ آهي. هر ڪنهن سان مرڪي ملندو آهي ۽ هر ڪنهن جي عزت ڪندو آهي. ڪڏهن به ڪنهن کي محمود مغل جي ضرورت پوندي آهي ته موجود هوندو آهي. ايماندار انسان آهي، پنهنجي زندگي، ايمانداريءَ سان گذاري اٿس. سندس لکڻيون حقيقت تي مبني هونديون آهن.“




ڊاڪٽر محمود مغل
پروفيسر، ڪمپيئر، ڊراما نگار، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ خواب نگر کي حقيقت ۾ بدلائيندڙ
محمد سليمان وساڻ
محمود مغل سان چاهيندي به گهڻو دير ملاقات ٿي پر کيس ٽي وي تي ڪمپئرنگ ڪندي ۽ سندس خواب نگر واري ڪالم کي پڙهندي ايئن لڳو هوم ڄڻ مان محمود مغل سان گڏ آهيان ۽ هو منهنجي حوصلا افزائي ڪندي پٺي ٺپي ٿو ۽ چوي ٿو ته سچ جي راهه تي هل اهو به محنت سان ۽ پوء ساڻس اي ميل ذريعي رابطو ٿيندو رهيو. خواب نگر بند ٿيو ته ڊاڪٽر محمود مغل سان اي ميل وارو سلسلو به ٽٽي پيو. سوشل ميڊيا کانپوءِ محمود مغل سان کوڙ ملاقاتون به ٿيون ته ساڳي وقت اسانجي رهنمائي به ڪندا رهيا آهن.
ڊاڪٽر محمود الحسن مغل ۲۷ نومبر ۱۹۶۱ع تي سيوهڻ شريف ۾ ميان نور محمد مغل جي گهر جنم ورتو. شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽ ايم بي بي ايس ۱۹۸۸ع ۾ ايل ايم سي مان پاس ڪيائون. ۱۹۸۲ع کان سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي جي شعبي ۾ پڙهائي رهيا آهن ۽ هن وقت فزيڪل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر طور پڻ پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن. هو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي، هو هڪ شفيق استاد به آهي ته بهترين ڪالم نگار پڻ. محمود مغل ڊراما نگار به آهي ته حساس ڪهاڻيڪار به آهي. هو ريڊيو جوبهترين ڪمپيئر به آهي ته مڃيل اسٽيج ڪمپيئر پڻ آهي. ۱۹۷۵ع ۾ هن پهرين ڪهاڻي لکي، ۱۹۸۲ع ۾ نصير مرزا کين ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪرايو، ۱۹۸۹ع ۾ ٽي وي تي پهريون پروگرام ڪيائون. ۱۹۸۲ع ۾ ٽي وي لاء پهريون ڊرامو آئيڊيل لکيائون. هن وقت تائين ٽي وي لاء سنڌي ۾ ۲۱ سيريلز سان گڏ ۳۷ سولو ڊراما ۽ ان سان گڏ ۲۷ اردو سيريلز ۽ ڊراما پڻ لکيا اٿس. سندس ڪاوش ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو خواب نگر ڇپيو به آهي ته ساڳي وقت سنڌ سلامت تي به موجود آهي.
محمود مغل کي سندس ادبي ۽ فني خدمتن عيوض پي ٽي وي پاران ۷ مڃتا اوارڊ جڏهن ته ۲۰۱۳ع ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏنو ويو. ڊاڪٽر محمود مغل ٽي وي ۽ ريدِيو تي ڪيترن ئي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ سان گڏ مسلسل لکندو رهيو آهي. سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻي جي جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي سلام پيش ڪيون ٿا.


ڊاڪٽر محمود مغل
سنڌ جو لاڏلو ڪهاڻيڪار
ابراهيم لاشاري
سنڌ جي سٻاجهڙي، لاڏلي ڪهاڻيڪار محمود مغل  کي ۲۷ نومبر جي سڀاڳي صبح سال ۱۹۶۱ع ڌاري سومر ڏينهن سيوهڻ جي معزز شخصيت، نيڪ مرد نور محمد مغل جي گهر هن جي اکين جي ٺار پٽ جنم ورتو، سندس ٻانگ جو نالو (محمود الحسن) رکيو ويو، پاڻ اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ قلم ذريعي ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، ڪالم، لکي عام خلق ۽ ادبي دنيا ۾ وري (محمود مغل)  جي نالي سان مشهور ٿيو. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪمپيئر ڪرڻ جو قدرت واري واهه جو فن عطا ڪيو اٿس. ڊاڪٽر محمود مغل صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته والدين حيدرآباد جهڙي شهرجي ٽرينگ ڪاليج فارمين  داخل ڪرايو ۽ وڌيڪ نصابي تعليم لاءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان تعليم پرائي سال ۱۹۷۹ع ڌاري انٽر ميڊيئٽ جو امتحان پاس ڪري سند حاصل ڪيائين، پاڻ سال ۱۹۸۸ع ڌاري (ايل ايم سي) لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري منجهان (ايم بي بي ايس ) جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين  پاڻ سال ۱۹۸۲ع ڌاري درس و تدريس واري شعبي سان سلهاڙجي سنڌ يونيورسٽي منجهه (فارميسي) واري شعبي ۾ بهترين نموني فرض سرانجام ڏيندي نظر آيا آهن محمود مغل صاحب پاڻ حساس ۽ نماڻي طبعيت جا مالڪ آهن هو هڪ ئي وقت بهترين شفيق استاد، بهترين ڊرامانگار، حساس ڪهاڻيڪار ۽ لاجواب ڪالم نگار جي وصفن سان سڃاتا وڃن ٿا.
محمود مغل ڊاڪٽر صاحب ادبي دنيا ۾ قلم جي نب سان سال ۱۹۷۵ع ڌاري ڪهاڻي لکي داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ اهو تسلسل اڄ ڏينهن تائين ساڳي جوش جذبي وانگر جوان آهي، هو لکڻ کان ڪڏهن به ٿڪو ناهي نه ئي ڪا ساهي پٽي اٿئين، سندس جي قلم جي نب هميشه سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ واري جستجو سان سرشار نظر اچي ٿو.
محمود مغل ڊاڪٽر جي مٺڙي آواز منجهه قدرت واري اهڙي ته بهترين صلاحيت رکي آهي جو ريڊيو، ٽيليويزن ٻڌنڌڙن ۽ ڏسندڙن جي دل هڪ دم موهي ڇڏي ٿو کيس ريڊيو جي آواز جي دنيا ۾ بهترين براڊڪاسٽر مهان اديب ۽ ڏاهي انسان محترم نصير مرزا صاحب سال ۱۹۸۲ع ڌاري معتارف ڪرائي هڪ بهترين آواز ريڊيو جي دنيا  کي ڏئي ڇڏيو جنهن جو آواز هزارين دلين تي اڄ ڏينهن تائين راج ڪري پيو پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مختلف پروگرامن جهڙوڪ سڳنڌ، صبح مهراڻ، ۽ ادبي سنگت پروگرامن کي پنهنجي لفظن جي مالها سان سونهن بخشي پيش ڪندو رهي ٿو، پاڻ ٽيليويزن پاڪستان تان پروگرام پرک ۽ ٻين پروگرامن جي ڪمپيئر ڪندي نظر ايندو رهيو آهي، سنڌ ڌرتي جو هي لاڏلو ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين ۽ لکڻين ۾ معاشري جي گندين ريتن رسمن جهڙوڪ شادي جي ڏي وٽ، پسند جي شادي جو مسئلو، ڏاڍ، ظلم، تعليم جو فقدان، بيروزگاري، جهڙن مسئلن کي لکڻين ۾ تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو آهي پاڻ ڪهاڻين ۽ ناول لکي سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪتاب ڏئي.
سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش پڻ ڪئي آهي ڪتابن ۾ ڪهاڻين جا  مجموعا جهڙوڪ؛ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون، تو سنگ تو بن ڏينهڙا، محمود مغل جون ڪهاڻيون، ۽ ناولن منجهه هٿ ريکائن کان خالي، سرءَ، ۽ (ٻه) ٻيا ناول ترجمو ڪيا اٿس. انهن ۾؛ ”اسين جيئرا آهيون“ سال ۱۹۹۶ع ۽ ٻيو ”جون آف آرڪ“ سال ۱۹۹۷ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. محمود مغل، لکڻين ۾ پنهنجي ماحول جي چٽي پٽي عڪاسي ڪئي آهي. سندس ڪهاڻيون، ناول، ڊراما جون لکڻيون فن فڪر جو لاجواب سنگم پڻ آهن. سندس لکڻين منجهه رومانس پڻ بهترين ۽ نمايان نظر اچي ٿو. رومانس واري خيال ۾ هو محبتن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر محمود مغل جي ڪهاڻين؛ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن، ٿڌي جنگ، شڪست، تنھنجي ڇا ڳالهه ڪجي، جو ڪو مٽ ثاني ناهي. معاشرتي ۽ وڻندڙ ڪهاڻين ۾ شمار ٿئي ٿو. ٽي وي ڊرامي واري صنف ۾ به هو سڀني ڊرامانگارن کان گوءِ کڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس ڳاڻيٽو پاڪستان جي بهترين ڊرامانگارن ۾ ٿئي ٿو. پنهنجي من، دماغي سوچ ۽ فڪر سان لکيل ڊرامن سڄي ملڪ پياري پاڪستان ۾ ڌوم مچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. سندس ڊرامن منجهان ۲۵ کان مٿي ٽيلي ناٽڪ ۽ ۶ کان مٿي اردو سيريلز ٽيلي ڪاسٽ ٿي چڪا آهن. سندس ڊرامن جي لسٽ، پڻ ڊگهي نظر اچي ٿي. ڊرامن ۾ آئيڊيل، زندگي جو زهر، موٽي آءِ، خوشبوءِ، رشتو، واپسي، خالي گهر، وڃايل منزلون، اڻ ڏٺل موسم، هڪڙي ملندي آهي زندگي، تنهنجا منهنجا خواب، لهندڙ سج وڌندڙ پاڇا، واپسي، جذبا سچن موتين جهڙا، بخشش، هڪ خوشي جو سوال، آس نراس جي وچ ۾، ٽٽل وجود جو ميلاپ، ڄاتل اڻ ڄاتل، شامل آهن. جڏهن ته هن اردو زبان ۾ به طبع آزمائي ڪري ڪيترا ئي ڊراما لکي، پنهنجو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي. اردو ڊرامن منجهان روش، نوري ڄام تماچي، يادين، سمجهوته، دل اسي چاهتا هي، سرگوشيان، اور نه ڪهنا، محبت اب نهين هوگي، عشق آتش، کلونا، ادهوراپن، تيري آجاني سي، رشتي ناتي، انگاري ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڊراما لکي داد حاصل ڪيو اٿائين. سنڌ جي هيءُ لاڏلو ڪهاڻيڪار، اديب پنهنجي قلم سان بهترين نموني ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سندس تسلسل، اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. سندس قلم کي ڪڏهن به ساهي ناهي ملي. مسلسل سنڌي ادب کي ڪالم، مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامن سان سرشار ڪندي نظر اچي ٿو.
پاڻ (۳۰) چونڊ ڊراما سهيڙي، پنجهاهه سالن جي سنڌي ڊرامن جي سفر تي، هڪ تفصيلي اداريو لکيو اٿائين.
ڊاڪٽر محمود مغل کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن ۱۰۰سو نامور فنڪارن، شاعرن، فنڪارائن، موسيقارن جي زندگي جو احوال قلم بند ڪري سنڌو ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپرايو آهي. سنڌ جي هن بهترين ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار، ڪالم نگار، ڪمپيئر کي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور ڪيترن ئي ايوراڊن سان، جهڙوڪ؛ بهترين ڪهاڻيڪار طور (سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ سال ۱۹۸۷ع، بهترين ريڊيو ڪمپيئر ايوارڊ سال۱۹۹۷ع، بهترين ريڊيو ڊراما ليکڪ ايوارڊ سال ۱۹۹۷ع، بهترين ٽيليويزن ڪمپيئر ايوراڊ سال ۱۹۹۹ع سان نوازيو ويو آهي. پاڻ بهترين استاد، باشعور ليکڪ، بهترين ڪهاڻيڪار اڄ ۲۷ نومبر ۲۰۱۷ سومر ڏينهن ۵۶ سالن جي ڄمار کي پهچي، پنهنجي ۵۶ سالگره جو ڪيڪ گهر وارن ۽ ادبي دوستن سان گڏجي ڪٽيندو.


ڊاڪٽر محمود مغل

(۲۷نومبر ۱۹۶۱ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير

سنڌ جو نامور ڪهاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، ڊرامانگار، ڪمپئير، تعليمدان، شاعر ڊاڪٽر محمود مغل سنڌ جي قديم شهر سيوهڻ شريف قاضي محلا ۾ نور محمد مغل جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو محمود الحسن آهي. ادبي نالو محمود مغل اٿس. محمود مغل جي پهرين ڪهاڻي ’گلاب خاص‘ ۷۶- ۱۹۷۵ع سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ رسالي گل ڦل ۾ شايع ٿي، محمود مغل چواڻي ته منهنجي پهرين ڪهاڻي (سچ جي سزا) هئي ان کان پوءِ هو مسلسل لکندو رهيو آهي.

ڪوهيڙي ۾ ويِڙهيل يادون (ڪهاڻيون) ۱۹۸۲ع

محمود مغل جون ڪهاڻيون هن معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آهن. سماج ۾ جو وهي واپري ٿو هو انهن تي لکي ٿو هو هر احساس کي قلم ذريعي ۾ اوتي ٿو ڪتاب ۾ ڪھاڻين بابت انور هالائي لکي ٿو ته محمود مغل جون ڪهاڻيون معاشري جي صحيح عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون ٻهراڙي گهرن کان وٺي ماڊرن سوسائٽي جي ذري ذري جو ترجمان آهن. (هالائي، ۲۰۱۵: ۴۱۹)

سندس ڪهاڻي ’ٻارن جو عالمي سال‘ ٻارن جي پرماريت کي چٽي، معاشري ۽ بين الاقوامي تنظيمن تي طنز ڪئي اٿائين. ’ٿڌي جنگ‘ ۾ عورت جي نفسيات ۽ ان جي اندر جي احساس کي ڪاميابيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. شڪست ڪهاڻي ۾ وقت ۽ حالتن جي ڦيري کي انتهائي، خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو اهي. ڪهاڻي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وقت ۽ حالتون سدائين هڪجهڙيون نه ٿيون رهن‏، اهي ڪڏهن به ڦيرو کائي سگهن ٿيون. (ملاح، ۲۰۱۵: ۴۱۹)

“محمود مغل جي ڪهاڻين جا ڪردار هن معاشري جا جيئندا جاڳندا ڪردار آهن ڪٿي به اجنبي نه ٿا لڳن. ’شڪست جي ننڍڙي‘ احساس جي مائي خيري، جهونا مارڪيٽ ۾ ٻه جهونا ماڻهو، مامو صاحب ۽ غلامون، سوچون، بندمٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو وڳو، ٿڌي رنگ جي ريشمان، ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون، جاسوسي ۽ شيري ٻارن جو عالمي سال، جو مير ۽ سندس پيءُ سميت هن سمورا ڪردار هن معاشري مان کنيا آهن. جيڪي سندس ڳوڙهي مشاهدي جا دليل آهن. ”( ڪنڌر، ۵ ۲۰۱: ۴۱۹)

تو سنگ توبن ڏينهڙا (ڪهاڻيون)۵ ۱۹۸ع

اسين جيئرا آهيون (ترجمو) ۱۹۹۲ع

هي ڪتاب پيئرز پال ريڊ جي جڳ مشهور ڪتاب Alive جو ترجمو آهي، هي سچو واقعو، دنيا جي خطرناڪ ترين هنڌ اينڊز Andes ۾ يورا گوئي جي رانديگرن جو هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ڪري پيو ڳولا ڪندڙن مايوس ٿي ڳولا بند ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته جهاز جو ڪوبه اتو پتو نه هو. ۴۴ مسافرن مان ۱۶ ڄڻا حيات هئا جن پنهنجي مئل دوستن جو گوشت واپرايو ۽ آخرڪار خطرناڪ ترين رستو لتاڙي ٻه همراه ستر ڏينهن کان پوءِ ۽ ڪنهن انساني وستي ۾ پهتا. ويهن صدي جي جرئتمند بهادري تي ناول پيئرز پال لکيو ان کي سڌي ٻولي جو ويس ڊاڪٽر محمود مغل پارايو.

ڊاڪٽر محمود مغل هن ڪتاب جو ترجمو اهڙو ڪيو آهي. جو احساس نه ٿو ٿئي ته هي ڪو ناول ٻي ڪنهن ٻولي ۾ لکيل آهي. ۽ هي ترجمو ٿيل آهي. مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته “هن ناول جو ترجمو محمود مغل شاندار نموني ڪيو آهي. هڪ حادثاتي موضوع کي افساوي انداز کي ڀرپور نڀايو آهي. بنيادي طور تي محمود مغل هڪ رومانوي ليکڪ آهي. هو دلين جي ترجماني ڪندڙ ناول نگار آهي. ” (ملاح، ۲۰۱۲: ۳۰۴)

محمود مغل اسان جي ادب جو هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي، مان سمجهان ٿي ته جتي محمود جي ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ناولن پنهنجو پاڻ ملهايون آهي. اتي هي ترجمو به ڪين گهٽائي ٿو (ناز ۱۹۹۲)

محمدو مغل ترجمي جي حوالي سان هڪ الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو. هو ٻوليءَ جو اهڙو استعمال ڪري ٿو جو خبر ئي نه ٿي پوي ته هي ڪو ترجمو ٿيل آهي. ٻوليءَ جي لسائي، سلاست، بلاغت، جملن جي بيهڪ، اهڙي ته وڻندڙ آهي جو پڙهندو ڪا اٽڪ محسوس نه ٿو ڪري، ۽ سندس لکڻيءَ جي سحر ۾ پڙهندڙ گم ٿو ٿي وڃي.

خواب نگر (اخبار ڪالم) ۲۰۰۵ع

هن ڪتاب ۾ محمود مغل سنڌ جا سماجي مسئلا، ياد گيريون، تبصرا شامل ڪيا آهن سندءِ ڪالم روزاني ڪاروش ۾ ڇپجندا هئا. انهن کي ڪتابي صورت ڏئي ڇپايو ويو آهي.

سنڌي چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب) ۲۰۱۰ع

هن ڪتاب ۾ سنڌي چونڊ ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن.

محبتن جا ٻه ناوليٽ (ناوليٽ) ۲۰۱۵ع

هن ڪتاب ۾ ٻه ناوليٽ (۱) سرءُ (۲) هَٿ ريکائن کان خالي شامل آهن. سرءَ ناوليٽ بابت فضل احمد بچاڻي لکي ٿو ته “ناوليٽ جي شڪل ۾ هڪ بهترين ۽ ڀرپور شيءِ پيش ڪئي اٿو. ان کي هڪ اعليٰ معيار جو ادب پارو چئي سگهجي ٿو. ليکڪ جي انهيءَ مهارت ۽ ڪاريگريءَ جو دادو ڏيڻو پوندو. جو هڪ طويل تحرير جي سلسلي کي اهڙي طرح نڀايو اٿس جو شروع کان آخر تائين ان جي حسين جذباتي ۽ جمالياتي تسلسل کي ڪٿي به ٽٽڻ توڙي معطل ٿيڻ نه ڏنو اٿس نه جذبات ۽ احساس جي بروقت اظهار ۽ اپٽار ۾ ڪٿي، ڪا خطا کاڌي اٿس، نه ڪردارن جي ذهني، ۽ احساسساتي، سطح ۾ ڪٿي ڪا اوچ نيچ جي ڀل ڪئي اٿس. اهڙي مهارت تمام ٿورن ليکڪن ۾ نصيب هوندي آهي. ” (بچاڻي، ۲۰۱۵: ۱۰)

هٿ رکيائن کان خالي بابت آپا نذير ناز لکي ٿي ته “ محمود مغل جو ناول هٿ رکائن کان خالي، پڙهجي ٿو ته هي نوجوان ڪهاڻيڪار هڪ سگهارو قلم ڪار آهي. جنهن جي قلم وقت گذرڻ سان حياتي جي ڪيترن ئي ڪنڊن پاسن کي نروار ڪري اوهان سامهون پڌرو ٿيو آهي. محمود لاءِ مشهور آهي ته هو اندر جي وارتائن کي ڪهاڻيءَ جو جسم عطا ڪري لفظن جو لباس ٿو پهرائي، اهو به چيو ويندو آهي ته هڪڙي ننڍڙي خيال کي ڪمال خوبيءَ سان پڙهندڙ ڏي منتقل ڪرڻ محمود جو ئي خاصو آهي. (ناز، ۲۰۱۵: ۱۳)

محمود مغل جا ناول رومانوي ۽ معاشرتي مسئلن تي ڏاڍي خوبصورتي سان لکيل آهن. هن جي لکڻين ۾ هڪ خوبي اها به آهي ته اهي اسان جي پنهنجي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون سندس ڪهاڻيون فن ۽ فڪر جي حسين سنگم آهن. (ملاح، ۲۰۱۲: ۳۰۲)

هن ناول ۾ محمود جي ٻولي، اسلوب ٽڪنڪ پنهنجي آهي. هو هر ڪردار کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. احساس، جذبا، خيال نوان ڏئي ٿو. هي روايتي ڪردارن کان ڇڏي ڪري منفرد ڪردار پيش ڪري ٿو. ڊائلاگ، پلاٽ، ڪردار مقالما، منظر پنهنجا پيش ڪري ٿو.

زييب النساءِ (طويل ڪهاڻي) ۲۰۱۷ع

زندگيءَ محسوس ڪيو (ترجمو) ۲۰۱۷

سنڌ ٽاڪيز (فلمي دنيا) ۲۰۱۸ع

سنڌي فلم ڪهاڻي جي حوالي سان هي اهم ڪتاب آهن. جو وڏي محنت سان محمود مغل لکيو آهي.

محبت جو شهر ٻڙي ميل (ڪهاڻيون) ۲۰۱۸ع

 هن ڪتاب ۾ محمود مغل جون ڪهاڻيون شامل آهن.

هڪ ياد گار مصنف برڪت بلوچ (ترتيب)

عوام جو نمائدو (ترجمون)

سندس ٽي وي ناٽڪ ۳۹، اردو سيريل ۱۳، سنڌي سيريل ۲. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان، ٽيليويزن تان نشر ٿي چڪا آهن.

ساڍا يارهن سال لاڳيترو پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي “پرک” جا پروگرام رڪارڊ ڪرايا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس پروگرام سڳنڌ ۾ آواز نشر ٿيندو رهيو آهي. ريڊيو حيدرآباد جو مشهور ڪمپيئر رهيو آهي هو بنا ڪنهن وٿي جي لڳاتار لکندو رهيو آهي. هو لکي ٿو ته: ريلوي اسٽيشن، بسن جا اڏا ۽ ڪڏهن هوائي اڏا، منهنجو ساھ ڀڪوڙيندا رهيا آهن. مون حياتي ۾ ڪوٽڙي، حيدرآباد، بوبڪ، ڀان سعيد آباد، لاڙڪاڻو، سکر، روهڙي، ڪنڌ ڪوٽ، شڪارپور، ميرپور خاص جي اسٽيشن، جو انيڪ ڀيرا ديدار ڪيو آهي. حياتي ۾ هڪڙو ڀيرو لاهور، راولپنڊي خيرپور ميرس ۽ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان مسافري شروع يا ختم ڪئي اٿم، لارين جا اڏا رڳو مون حيدرآباد، ميرپورخاص، دادو، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ سکر جا ڏٺا آهن. ڏٺا مان وري اها مراد آهي. نه يا اتان اڏا مون رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڏٺا آهن. جتان مٽ مائٽ رخصتيءَ ۾ صدا بلند ڪندا رهن ٿا. خيرن سان فاطمه جو سڄو ڪهول آمريڪا ۾ رهي ٿو. انهن جي اچ وڃ تي حاضريءَ جي رنگ ۾ رنگجي ايئرپورٽ جي ديدار جو شرف ملي ئي ويندو آهي. (مغل محمود)

(۱۳) هڪڙي ملي آ زندگي ۲۰۲۰ع

ڊاڪٽر محمود مغل کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ڪهاڻين تي ايوارڊ ملي چڪو آهي. پنهنجيون تعليمي خدمتون Center For helath and physical education ڏئي رهيو آهي. ان کان سواءِ سنڌ الاجي ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ پڻ خدمتون ڏئي چڪو آهي.

نتيجو:

محمود مغل سنڌي ڪهاڻي، ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن جي ٻولي اسلوب ڊڪشن، مختلف آهي. سندس ڪهاڻين ۾ فڪر سمايل آهي. هو ڪهاڻين جا ڪردار سماج مان چونڊي ٿو. انهن ڪردارن کان ئي سڀ ڪجھ چوائي ٿو.

هي ترجمو اهڙو ته خوبصورت ڪري. جو پڙهندڙ کي احساس نه ٿو ٿئي ته هي ترجمو ٿيل آهي. يا اصلوڪو آهي.

ناول ۾ هن محنت، ڪئي آهي. پڙهندڙ ٿڪاوت محسوس نه ٿو ڪري ۽ ناول جي سحر ۾ گم ٿي ٿو وڃي، ڪلائمس تي پڙهندڙ کي ڪڏهن روئڻو به پوي ٿو.

ڪمپيئرنگ ڪندي لفظن جو تلفظ نه ٿو بگاري، هو سادي سلوڻي ٻولي ڳالهائي ٿو ۽ سندس تڪيو علام عزيز من. رهي ٿو.

ڊراما نگاري جو فن هن وٽ فطرتي آهي هي هٿ ٺوڪيا ڪردار نه ٿو جوڙي سندس ڊراما گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا .

حوالا:

هالائي، انور، ۲۰۱۵: سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ.

ملاح، مختيار احمد، ۲۰۱۵: سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

ڪنڌر، (گل) ۲۰۱۵: سنڌي ڪهاڻي جي مختصر ڪهاڻي، مختيار احمد ملاح، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

ملاح، مختيار احمد، ۲۰۱۲ع سنڌي ناول جي مختصر تاريخ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

ناز، نذير، ۱۹۹۲: اسين جيئرا آهيون، ترجمو، محمود مغل، ناري پبليڪشن، حيدرآباد.

بچاڻي، فضل احمد، ۲۰۱۵: محبتن جا ٻه ناوليٽ، محمود مغل، ڪاڇو پبليڪشن، ڪراچي.

ناز، نذير ۲۰۱۵ع محبتن جا ٻه ناوليٽ، محمود مغل، ڪاڇو پبليڪشن ڪراچي.

 (۸)ملاح، مختيار احمد، ۲۰۱۲: سنڌي ناول جي مختصر تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

2 comments:

  1. ھڪ محبتي محبوب ماڻھو جنھنجي تعريف لاء مون ڪنگال وٽ ڪجھ بہ نہ آھي

    ReplyDelete