; سنڌي شخصيتون: همير خان گاد

08 August, 2019

همير خان گاد


همير خان گاد
سندس جنم ڏينهن..
لطيف گاد
همير خان گاد منهنجو سوٽ هجڻ سان گڏوگڏ ننڍپڻ جو دوست به آهي. همير گاد سنڌ جي ناليواري شاعر، آرٽسٽ، ڪهاڻيڪار، هدايتڪار، اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ڇا تو کي ننڊ به ايندي آ جهڙو ڪلام لکندڙ ۽ سنڌ اندر هر فن مولا جي سڃاڻپ رکندڙ ايوب گاد جو وڏو پٽ آهي.


همير ۽ منهنجو ننڍپڻ، گڏ گذريو آهي ۽ ٻالڪپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين تعليم، رانديون، فلمون، اسٽيج پرفارمنس، مزاحيه خاڪا، ٽيبلوز ۽ کوڙ ساري وندر گڏ ڪئي آهي. هونئن همير گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي گوهر آباد ۽ گورنمينٽ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مون کان سال سينئر هوندو هو پر مان، همير، حبيب شيخ ۽ ملازم کوکر، اسڪول گڏ ايندا ويندا هئاسين ۽ ڪرڪيٽ توڙي ٻيون رانديون رونديون به گڏ ڪندا هئاسين.
والد جي شوبز سان لاڳاپيل هجڻ سبب، همير کي به هي شعبو ورثي ۾ مليل آهي ۽ ننڍپڻ کان وٺي فلمن سان بي انتها چاهه اٿس. خاص ڪري عامر خان جي ته ڳالهه ئي نه پڇو. ان جو ته صفا ديوانو آهي. عامر خان جنهن فلم ۾ جهڙو روپ اختيار ڪري، هيءُ به اهڙو روپ ڪري گهمندو وتندو آهي. ان ڳالهه جو ڪجهه وقت اڳ، سهراب سومري سومري سندس نالو کڻي، پنهنجي پروگرام ۾ ذڪر به ڪيو هو. جيئن منگل پانڊي ۾ عامر خان جي اسٽائيل وانگر وڏا وار ۽ شهپر رکرايائين. دل چاهتا هي وانگر انگريزي ڏاڙهي رکرايائين. وري گهجني وانگر وار ڪٽرائي گهمندو رهيو. اڄ ڏينهن تائين عامر خان جي فلمن جو بي صبريءَ سان انتظار ڪندو آهي. پر عامر خان ٻن يا ٽن سالن ۾ هڪ فلم ڪندو آهي ته کيس وڏي ڪاوڙ ايندي آهي. عامر خان جو ايترو جنون اٿس جو پنهنجو نالو به همير گاد بدران همير خان لکندو آهي.
ڪرڪيٽ ۾ سندس چاهه سچن ٽنڊولڪر سان هو. پر جڏهن کان هو رٽائر ٿيو آهي، تڏهن کان ڄڻ ڪرڪيٽ تان دل ئي کڄي وئي اٿس. اسان جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين تي همير، سچن ٽنڊولڪر وانگر ايم آر ايف جي بئٽ ۽ مان برائن لارا وانگر برائن لارا بئٽ استعمال ڪندو هئس، جيڪا اسان ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻي سامهون قائم اسپورٽس واري دڪان تان ورتي هئي.
پنهنجي والد ايوب گاد جي نقشِ قدم تي هلندي، لکڻ به شروع ڪيو اٿائين. ايوب گاد جي ڪي ٽي اين وارن پروگرامن جي ايڊيٽنگ همير جي ئي هوندي آهي ۽ هاڻي سٺو ڪئمرامين به آهي. جڏهن ته ذاتي طور تمام مزاحيه ۽ حاضر دماغ ماڻهو آهي. اسان جي دوستي اڄ به قائم آهي ۽ جڏهن به لاڙڪاڻي ويندو آهيان ته سڀ کان پهرين همير سان رابطو ڪندو آهيان. فون اٽينڊ ڪرڻ شرط ئي سمجهي ويندو آهي ته مان لاڙڪاڻي پهچي چڪو آهيان. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اڄڪلهه جي نوجوانن وانگر هي دوست به شاديءَ کانپوءِ گهڻي حد تائين گهر اندر محدود ٿي ويو آهي.
اڄ همير گاد عرف همير خان جو جنم ڏينهن آهي. کيس جام ساري مبارڪ ۽ دعا ته عامر خان اسان جي دوست همير کي خوش رکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هر سال هڪ فلم ضرور رليز ڪري.


همير گاد

سنڌ جي نوجوان ليکڪ جا ويچار

ڳالھ ٻولھ: فائزه ڪائنات

سوال: اوهان جو سڄو نانءُ؟

جواب: همير گاد

سوال: اوهان جي سڃاڻپ؟

جواب: ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ مترجم

سوال: اوهان جي تعليم؟

جواب: ايم اي (سنڌي)

سوال: اوهان جي پهرين لکڻي ڪهڙي هئي ۽ اها ڪٿي ڇپي؟

جواب: منهنجي پهرين لکڻي تنقيدي مضمون هو جيڪو هڪ اخبار ۾ ۲۰۱۸ع ۾ ڇپيو هو.

سوال: ٽوٽل ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون اٿو.؟

جواب: ست يا اٺ کن هونديون۔جن مان هڪ ڪهاڻيءَ کي اردو ۾ ترجمو ڪري سينيئر اداڪار اسلم ڀُٽي ( سوجهڙو) پنهنجي ويب چئنل لاءِ رڪارڊ ڪئي هئي ” بیچارے شوہر“ جي نالي سان.

سوال: اوهان ڪهاڻيون ترجمو به ڪيون آھن؟

جواب: جي، منٽو، مظھر الاسلام، گلزار، ڪرشن چندر، اشفاق احمد وغيره جي ڪهاڻين جا ترجما ڪيا آھن۔

سوال: ڇا ادب پڙھڻ وارو سٺي ادب جي لاءِ ڪنهن زبان جو محتاج هوندو آھي.؟

جواب: ان ڳالھ جي اهميت ناهي ته اوهان ڪهڙي زبان سان چئي رهيا آھيو، پر ان ڳالھ جي اهميت آھي ته توهان ڇا چئي رهيا آھيو۔اها ڳالھ وڌيڪ اهم آھي۔پريم چند، منٽو، ڪرشن چندر کي پڙھڻ وارا ڪافي ماڻھو آھن پر اوهان وٽ چوڻ واري جي وڌيڪ اهميت آھي.

سوال: اوهان جي زندگيءَ جو ڪو خاص واقعو جيڪو اڄ تائين وساري نه سگهيا هجو.؟

جواب: ۱۹۹۸ع ۾ ناليج سينٽر لاڙڪاڻي طرفان سر شاهنواز ڀٽو لائبريريءَ ۾ ٿيل هڪ پروگرام ۾ مون مزاحيه ٽيبلو پيش ڪيو هو جيڪو لکيو به مون هو اداڪاري به ڪئي هئي ۽ ان جو ڊائريڪٽر به آئون پاڻ هيس۔ ان ٽيبلو، ڏهن ٽيمن جي مقابلي ۾، پهرين پوزيشن ماڻي هئي۔

سوال: خوشي ۽ ڏک وارين گهڙين ۾ ڇا ڪندا آھيو.؟

جواب: خوشيءَ واري گهڙي ۾ غمگين غزل ٻڌندو آھيان ۽ ڏک ۾ مزاحيه پروگرام

سوال: ڪڏهن شاعري ڪئي.؟

جواب: نه

سوال: اوهان جو پسنديده رنگ.؟

جواب: سڀ رنگ سٺا آھن پر اڇو رنگ وڌيڪ پسند آھي۔

سوال: ڪهڙا ماڻھو پسند ناهن.؟

جواب: ڪوڙا ۽ منافق

سوال: اوهان ڪهڙي ليکڪ کان وڌيڪ متاثر آھيو.؟

جواب: امر جليل کان

سوال: پسنديده فنڪار.؟

جواب: استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي، رياض سومرو ۽ عاشق نظاماڻي

سوال: ڪهڙا نوان ليکڪ آھن جيڪي هن وقت سٺو لکي رهيا آھن؟

جواب: ڪافي آھن جيڪي تمام سٺو لکي رهيا آھن جن ۾ خالده سحر جيڪا سنڌي ۽ اردوءَ ۾ تمام سٺي شاعري ڪري رهي آھي۔لطيف گاد آھي جنهن جو تازو سفرنامو ”سيوا ڪر سمونڊ جي“ شايع ٿيو آھي۔ فرح غني ميمڻ آھن جنهن جو انگريزي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ” The Pretty Realities“ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھي جنهن کي تازو ايوارڊ به مليو آھي۔۔ ٻيا به ڪافي آھن جيڪي تمام سٺو لکي رهيا آھن۔

سوال: وڻندڙ ڪهاڻيڪار؟

جواب: امرجليل، ڪرشن چندر، مظھرالاسلام

سوال: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آھيو.؟

جواب: ڪتابن ۾ پناھ وٺندو آھيان.

سوال: ڪهڙو ڳالھ تي چڙ ايندي اٿو.؟

جواب: پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ۔ٻين جون گلائون ڪرڻ تي۔

سوال: پسنديده فلمون.؟

جواب: نصيرالدين شاھ جي ”اجازت“، دليپ ڪمار جي ” مڌهومتي“، عامر خان جي ” دل هي ڪي مانتا نهين“، نديم ۽ وحيد مراد جي ” آھٽ“

سوال: وڻندڙ اداڪار؟

جواب: دليپ ڪمار، نصيرالدين شاھ ۽ عامر خان

سوال: توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻھو آھيو.؟

جواب: خاموش ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو

سوال: اوهان جي پسند جا شاعر ڪهڙا آھن.؟

جواب: استاد بخاري، اياز گل، سميع بلوچ ۽ گلزار

سوال: اوهان اسٽيج ڊراما به لکيا آھن؟

جواب: جي بلڪل، تازو منهنجي زندگيءَ جو لکيل پهريون اسٽيج ڊرامو ”ميريج بيورو“ ڪراچيءَ ۾ سهراب سومرو ۽ علي گل ملاح جي ڊائريڪشن ۾ پيش ٿيو هو۔ان کان علاوه مون ۴ ٻيا به اسٽيج ڊراما لکيا آھن، ۳ ترجمو ڪيا آھن۔ جن مان هڪ اسٽيج ڊرامو مشهور فلم ” بازار“ جي رائيٽر ۽ ڊائريڪٽر ساگر سرحدي جو لکيل آھي۔اميتابھ بچن جي مشھور فلم ” ڪبهي ڪبهي“ شاھ رخ خان جي پهرين فلم ” ديوانه“ به ساگر سرحديء جون لکيل فلمون آھن۔

سوال: ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن جا اهي ڪهڙا اداڪار آھن جن جي پرفارمنس اوهان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هجي.؟

جواب: شفيع محمد شاھ، اطهر شاھ خان (جيدي) صغير الاهي کچي، بدر خان سومرو، حيدر قادري ۽ عاشق علي دايو وغيره

سوال: پهرين ملاقات ۾ ماڻھوءَ جي ڪهڙي ڳالھ جو جائزو وٺندا آھيو؟

جواب: نيڻن ۽ ڳالهين منجهان شخصيت جو جائزو لهڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان.

سوال: ڪهڙي ڳالھ تي خوش ٿيندا آھيو.؟

جواب: ڪنهن جي ڪم اچڻ تي۔

سوال: سونهن ڇا آھي؟

جواب: جيڪا ڪردار مان اڀري.

سوال: اوهان ڪهڙي قسم جا ڪتاب پڙھندا آھيو.؟

جواب: ڪهاڻيون، شاعري، ناول ۽ آتم ڪهاڻيون. مطالعو منهنجي لاءِ عبادت مثل آھي. مطالعو ذھني صحت جي لاءِ ايترو ئي ضروري آھي جيتري ورزش جسماني صحت جي لاءِ. ڪو به ڏينهن مطالعي کان واندو نه ويهندو آھيان.

سوال: ڪا خواهش؟

جواب: ڪا به نه.

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي شايع ٿيل انٽرويو۔)



ھمير خان گاد

نئينءَ ٽھيءَ جي نوجوان ليکڪ، ھڪ خوبصورت ۽ پياري انسان سان ڳالھ ٻولھ.

ڳالھ ٻولھ ڪندڙ : پرھ روبينه سومرو

س: ھمير خان پھرين توھان پنھنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا

توھان ڪٿي جنم ورتو تعليم ڇا آھي ھن وقت ڇا ڪري رھيا آھيو؟

ج: منهنجو پورو نالو همير خان گاد آھي. منهنجو جنم لاڙڪاڻي ۾ ۵ مارچ تي ٿيو، تعليم منهنجي ايم-اي سنڌي آھي ۽ هن وقت اوهان جي سوالن جا جواب ڏيئي رهيو آھيان۔

س: توھان ننڍڙي عمر ۾ ادب جي ميدان ۾ ڪيئن آيا ء ننڊڙي عمر ۾ لکڻ ايڊيٽنگ ڪرن ھاڻي توھان اسٽيج ڊرما لکيا جيڪي ماشاالله ڪامياب ويا مزاح لکڻ جيڪو مشڪل آھي لکڻ انکان پوءِ اردو ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ھڪ ئي وقت ۾ ايترا سڀ ڪم ڪيئن پيا ڪريو؟

ج: اصل ۾ جيئن عشق ڪرڻ جي ڪا عمر ناهي هوندي ۽ نه عشق ڪڏهن پراڻو ٿيندو آھي ائين لکڻ به پراڻو ناهي ٿيندو۔بس ڏات هجي لکڻ جي۔ڊرامن جي ايڊيٽنگ تمام ڏکيو ڪم آھي۔

هن سال منهنجا ماشاءَالله سان ٻه اسٽيج ڊراما ٿيا پهريون مزاحيه ڊرامو ” ميريج بيورو“ ڪراچيءَ ۾ ٿيو جيڪو سهراب سومرو ۽ علي گل ملاح جي ڊائريڪشن ۾ ٿيو هو۔۽ ٻيو ڊرامو لاڙڪاڻي ۾ ” اعتبار“ جي نالي سان ٿيو ھو،جنهن کي مون ٽرانسليشن ڪيو هو۔ ڊرامي ۾ ٽوٽل ڪردار ئي ٻه هئا جيڪي لاريب سڄڻ ۽ رمشا شهزاديءَ تمام بهترين نموني سان نڀايا.

ترجمي وارو ڪم ايترو آسان ناهي جيترو اڪثر ماڻهو سمجهندا آھن۔ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان ڪا شيءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ رواني سان ترجمو ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي۔

س: توھان جو بابا مشھور ڪي ٽي اين جو ڊائريڪٽر ايوب گاد لطيفي جنھن پنھنجي سڄي زندگي ميڊيا کي ڏني ڇا توھان پنھنجي بابا مان ڪجھ پرايو؟

ج: جيڪڏهن آئون ڪجھ نه پرايان ها ته اڄ هتي ٿورئي هجان ها ۽ نه ئي توهان منهنجو انٽرويو وٺو ها۔!

س: لکڻ جي طرف توھان جو شوق ڪنھن کي ڏسي ٿيو؟

ج: امرجليل کي ڏسي۔منهنجي مطالعي جو پهريون ڪتاب امر جليل جو ” ٽيون وجود“ هو.

س: توھان جو اسٽار ڪھڙو اھي؟

اسٽار واريون ڳالھيون لڳنديون آھن؟

ج: منهنجو اسٽار حوت آھي اسٽار وارين ڳالهين جي ته خبر ناهي باقي سپراسٽار واريون ڳالهيون ضرور لڳنديون آھن۔

س: پنھنجون خوبيون ۽ خاميون شئير ڪندا؟

ج: خوبين جي ته ڪا خبر ناهي باقي خاميون ئي خاميون آھن.

س: ٻڌو آھي ته توھان اڪثر خاموش رھندا آھيو عادت يا فطرت؟

ج: بلڪل گهڻو ڳالهائڻ ننڍي هوندي کان ئي پسند ناهي۔ اڪثر ماڻهن جي عادت هوندي آھي هروڀرو ڳالهائيندا آھن، يا ڪنهن جي وچ ۾ ڳالهائي پاڻ کي ٻين کان وڏي علم ۽ عقل وارو سمجهندا آھن۔ ڪم جي ڳالھ هجي ته ماڻهو ڳالهائي باقي گهڻو ۽ فضول ڳالهائڻ بلڪل پسند ناهي. خاموشيءَ ۾ ئي راحت آھي۔لفظن جو سفر ٿڪائي ڇڏيندو آھي.

س: ٻڌڻ م آيو آھي جڏھن عامر خان جي نئين فلم ايندي ھئي اول توھان ئي وٺي ايندا ھئا عامر خان م ڇا آھي جيڪو توھان کي ايڏو وڻندو آھي؟

ج: جي اها حقيقت آھي عامر خان جي جڏهن به ڪا فلم رليز ٿيندي هئي دڪان وارو دڪان کوليندو ئي نه هو پهريان دڪان تي آئون ئي بيٺو هوندو هيس۔ مون کي ياد آ ۱۹۹۵ ۾ جڏهن عامر خان جي فلم ”بازي“ آئي هئي ته آئون ان وقت نئون ديرو ۾ هيس ۽ ان ڏينهن مينهن به تيز پيو وسي۔ ۽ مون مينهن جي پرواھ ڪرڻ کان بنا فلم خريد ڪري گهر واپس آيو هئس۔

عامر خان جو ۽ منهنجو اسٽار ساڳيو آھي عامر لفظ ۾ چار اکر منهنجي نالي ۾ به چار اکر،خان ۾ ٽي ته گاد ۾ به ٽي۔ بحرحال اهو اتفاق آ.

س: توھان جي پسنديده شخصيت ادب ۾ ؟

ج: امرجليل

س: پسنديده گل.کاڌو ء رنگ؟

ج: گل هاڻي گهڻا ٿي ويا آھن سڀ سٺا آھن۔کاڌي ۾ جيڪو آڳيان آيو بسم الله۔رنگ اڇو پسند آ۔

س: پسنديده فلم .اداڪار .فنڪار ؟

ج: فلم اجازت،اداڪار عامر خان ۽ فنڪار منظور سخيراڻي

س: ننڍپڻ ڪيئن گذريو ڪجھ دوست جيڪي اڄ به توھان کي ياد ھجن؟

ج: ننڍپڻ سٺو گذريو ۽ ننڍپڻ جا دوست جيڪي اڄ به ياد آھن انهن ۾ منهنجو سئوٽ لطيف گاد،حبيب شيخ، جاويد ميانداد سولنگي ۽ جواد مشتاق گاد

س: ننڍپڻ جون يادگيريون ؟

ج: ڪافي آھن۔سڄو سال لڳي ويندو ٻڌائڻ ۾۔

س:توھان ڪيترن ڊارمن م ڪم ڪيو آھي؟

ج: ڪي ٽي اين جي مشهور ڊراما سيريز ۽ سيريل جن ۾ هر شخص ڪهاڻي، مٽيءَ جي مورتي،بابو ڏاڏو ۽ بجلي، هيڏي هوڏي ۾ ڪم ڪري چڪو آھيان۔

س: دوستي توھان جي نظر ۾؟

ج: سچي دوستي اها آهي جيڪا هميشه قائم رهي۔ دنيا ۾ سڀ کان ناياب شيءِ عزت ۽ سڀ کان

قيمتي شيءِ دوستي آهي.

پسنديده.شاعر ۽ ليکڪ ؟

ج: شاعر استاد بخاري، ليکڪ ڪافي آھن امرجليل، ڪرشن چندر،طارق بلوچ صحرائي۔نئين ٽھي جي لکندڙن ۾ خالده سحر،فرح غني ميمڻ، لطيف گاد ۽ فرحا پنهور سٺو لکي رهيا آھن۔

س: آخر ۾ ڪوئي پڙھندڙن لاء پيغام ۽ ڪنھن شاعر جون خوبصورت سٽون؟

ج: پيغام اهو ئي آھي ته ڪنهن سان به مقابلو نه ڪيو مقابلو ڪرڻو آھي ته پنهنجو پاڻ سان ڪريو، پنهنجي ڪم سان ڪيو۔جيڪو به ڪم ڪريو اهو سچائيءَ سان ڪريو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. ماڻهو ڇا ٿا چون يا ڇوٿا چون انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو توهان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو۔

اياز گل جو شعر آھي: ”وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳ ويندي ڀي،

هر جذبي کي سگهبو ناهي نانءُ ڏئي.“

 

(ڏھاڙي چنڊ نيوز ۾ ۱۱-۱۲-۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا