; سنڌي شخصيتون: مصطفيٰ قريشي

17 August, 2019

مصطفيٰ قريشي


مصطفيٰ قريشي
فلمي دنيا جي هيرو سان ڪچهري!
غلام حسين خاصخيلي
فلمي دنيا جي مشهور اداڪار مصطفيٰ قريشيءَ جو سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۽ ٿڌين هوائن جي حوالي سان مڃتا رکندڙ حيدرآباد سان واسطو آهي. مصطفيٰ قريشي پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان انائونسر جي حيثيت سان ڪئي. جنهن کانپوءِ مصطفيٰ قريشي محنت سان لاهور جي فلمي دنيا ڏانهن رخ ڪيو. سندس محنت ۽ بهتر اداڪاريءَ وسيلي مصطفيٰ قريشي وڏي مڃتا حاصل ڪئي آهي. سندس هلڻ جو انداز اهوئي ساڳيو پيار وارو آهي. عيد جي خوشين کي ملهائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ترسيل هو. مصطفيٰ قريشي عيد جي ٽئين ڏهاڙي تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پهتو. ريڊيو حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي اڪبر هنڱورجو، پروگرام مينيجر محمد حسين سميت ريڊيو جي عملي سندس آجيان ڪئي. آئون به روزاني عبرت جي آفيس مان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ريڊيو حيدرآباد تي ”فتح خان جي اوطاق“ پروگرام ڪرڻ لاءِ پهتس، پروگرام فتح خان جي اوطاق جو پروڊيوسر روشن علي ڪلهوڙو آهي. مصطفيٰ قريشي سان ملاقات ڪري ساڻس عبرت جي پڙهندڙن لاءِ جيڪا ڪچهري ڪئي آهي. اها اوهان تائين پهچائي رهيو آهيان. مصطفيٰ قريشي سان جنهن ڏينهن تي ملاقات ٿي. اهو ڏينهن عيد جي خوشين واري ڏهاڙي سان گڏ روزاني عبرت جي ۶۲ هين سالگرهه جو ڏهاڙو به ملهائي رهيا هئاسين. مصطفيٰ قريشي ملڻ شرط عيد جون مبارڪون ڏيڻ سان گڏ عبرت جي سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون.


مصطفيٰ قريشي عبرت جي سالگرهه جي حوالي سان ڪچهري ڪندي چيو ته پاڪستان جي جشن آزاديءَ کي ۷۲ سال ٿيا آهن. پاڪستان کي وجود ۾ ايندي ۲ سال مڪمل ٿيا آهن ۽ عبرت اخبار کي ۶۲ سال ٿيا آهن. فرق صرف سالن جو آهي. ٻار جڏهن ننڍو هوندو آهي ته اهو هلڻ جهڙو نه هوندو آهي، پر عبرت اخبار اها آهي جنهن جنم وٺندي تيز رفتاريءَ سان هلڻ شروع ڪيو. عبرت اخبار جي تمام شاندار تاريخ آهي، آئون جڏهن ريڊيو حيدرآباد تي ايندو هئس ۽ پڙهندو هئس تڏهن کان اخبار پڙهندو پيو اچان، جنهن وقت ۾ عبرت اخبار شايع ٿي ان وقت ۾ سنڌ ۾ هلال پاڪستان ۽ عبرت اخبار وڏي عروج سان پڙهندڙن ۾ پنهنجي مارڪيٽ ٺاهي. الوحيد ۽ مهراڻ اخبار به نڪرنديون هيون پر عبرت اخبار پنهنجي مارڪيٽ ٺاهڻ ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿي. اها عبرت سٿ ۽ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جي محنت هئي. عبرت اخبار تمام وڏا صحافي ڏنا. شيخ علي محمد، شيخ عزيز، خير محمد کوکر ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا آهن. عبرت اخبار بين الاقوامي سطح جي اخبار آهي. قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ قاضي اسد عابد وٽ عبرت جون ذميواريون آهن. قاضي اسد عابد صاحب مالڪ جي حيثيت سان عبرت اخبار کي پنهنجي عروج سان شايع ڪري رهيو آهي. موجوده مهانگائيءَ واري صورتحال ۾ قاضي اسد عابد جنهن نموني سان اخبار شايع ڪري رهيو آهي کيس سلام پيش ڪريون ٿا. عبرت اخبار ڄمندي ئي هلڻ شروع ٿي. عبرت اخبار ۾ سياسي، سماجي، فلمي خبرن سميت زندگيءَ جي هر مسئلي جي خبر پڙهڻ لاءِ ملي ٿي. هاڻي ته عبرت اخبار انٽرنيٽ وسيلي پوري دنيا ۾ پڙهي وڃي ٿي.
فلمي دنيا جي مشهور اداڪار مصطفيٰ قريشيءَ ڪچهري دوران لاهور جي فلمي دنيا جون يادون ٻڌائيندي موجوده بحران جو ذڪر ڪيو. سندس چوڻ هو ته فلم انڊسٽري سان گڏ هر ادارو بحران جي ور چڙهيل آهي. گذريل حڪومت جي پاليسين، ڪرپشن، سبب ترقي بدران ادارا تباهه ٿي ويا. حڪمرانن پنهنجا کيسا ڀريا ۽ صرف ٽجوڙيون ڀريون، جنهن سبب سمورن ادارن سان گڏ فلمن وارو ادارو به بحران جي ور چڙهي ويو.
لاهور ۾ ۲۰۰ فلمون ٺهنديون هيون. ڪروڙين روپيا حڪومت کي ملندا هئا. ٽئڪس جي مد ۾ حڪومت کي ڪافي رقم ملندي هئي. آئون پاڻ لکين روپيا ٽيڪس ڏيندو هئس. پر فلم انڊسٽريءَ تي حڪومت ڌيان نه ڏنو، جنهن سبب فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون ۽ سينمائون ختم ٿي ويون. سينمائن جي جاءِ تي پلازه ٺهي ويا. اها وڏي افسوس جي ڳالهه آهي. فلم انڊسٽريءَ ۾ اهڙا پروڊيوسر ڊائريڪٽر اچي ويا، جن اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي جو فلمي دنيا جي صنعت تباهيءَ جي ور چڙهي وئي آهي. اهڙي صورتحال سينما مالڪن توڙي ڏسڻ وارن کي پريشان ڪري ڇڏيو. فلمون ڏسڻ وارا به خاموش ٿي ويا. ڀارت جون فلمون اچي ويون، جنهن سبب لاهور فلم انڊسٽري بند ٿي وئي. هاڻي صرف ڪراچيءَ ۾ ٽي وي چينلن وارا فلمون ٺاهي رهيا آهن. سال ۾ ۱۰ کان ۱۵ فلمون ٺهن ٿيون. پر ڪامياب گهٽ وڃن ٿيون. مصطفيٰ قريشيءَ سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته سنڌ ڊولپمينٽ فلم ڪارپوريشن ٺاهي. جنهن سان فلم جي دنيا ٻيهر بحال ٿي سگهي ٿي. سنڌي فلمن جو عروج ٻيهر اچي سگهي ٿو. سينمائون بحال ٿي سگهن ٿيون. فلم جي نه ٺهڻ ڪري ۷۵ سيڪڙو ڳوٺاڻا تفريح کان محروم آهن.
مصطفيٰ قريشي ڪچهري دوران ريڊيو حيدرآباد جي يادن بابت چيو ته صالح محمد شاهه، مشتاق چنگيزي، مهتاب چنا ۽ ٻيا کوڙ سارا چهرا هوندا هئا، هاڻي اهي نه آهن. پر ريڊيو جون ذميواريون توڙي ريڊيو جو اسٽوڊيو اسان کي بار بار ريڊيو تي اچڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. حيدرآباد پيارو شهر آهي.
فلمي دنيا جي مشهور اداڪار مصطفيٰ قريشيءَ سان ٿيل ڪچهري توهان تائين پهچائي سين، اسان به سنڌ حڪومت جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توڙي ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه کي صلاح ڏينداسين ته سنڌي فلمن جي ٻيهر بحالي لاءِ ڪجهه ڪري.

No comments:

راءِ ڏيندا