; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر پروفيسر بلقيس ملڪ

15 August, 2019

ڊاڪٽر پروفيسر بلقيس ملڪ


ڊاڪٽر پروفيسر بلقيس ملڪ
اسين ھن مسيحا صفت عورت کي ڇا ڏنو
ذوالفقار قادري
ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ۲۰ فيبروري ۱۹۲۹ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هن جي خاندان جو تعلق سيالڪوٽ جي هڪ اعليٰ فيملي سان آھي. ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ۱۹۵۸ع ۾، ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد، ايف سي پي ايس ۽ ايف آر سي ايس لا۽ رائل ميڊيڪل ڪاليج لنڊن هلي وئي اتان ماسٽرس ڪرڻ بعد ايڊوانس ڪورسز لا۽ آمريڪا وئي ۽ ۱۹۷۲ع ۾ جڏھن پاڪستان واپس آئي ته پشاور هڪ ميڊيڪل پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ وئي ۽ واپسي تي اسلام آباد ۾ سندس ملاقات ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان ٿي جيڪا سندس ساهيڙي هئي. ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کي ڀٽو صاحب خواتين جي مخصوص نشست تي قومي اسمبلي جو ميمبر بڻايو هو ۽ پوءِ کيس ڀٽو صاحب قومي اسمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به چونڊرايو. ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي، ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪرائي. ڀٽو صاحب کيس چيو ته؛ سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليج صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آھن. منهنجي خواهش آھي ته هڪ ميڊيڪل ڪاليج، اتر سنڌ ۾ به هئڻ کپي. ان سان نه صرف اتر سنڌ بلڪ بلوچستان جي ماڻھن کي به فائدو ٿيندو. ان لاءِ منهنجي خواهش آھي ته اوهان نئين قائم ٿيندڙ ميڊيڪل ڪاليج ۾ عورتن واري شعبي کي سنڀاليو. بقول ڊاڪٽر بلقيس جي ته سندس لاءِ اها حيران ڪندڙ ڳالهه هئي. هڪ ته مون زندگي ۾ ڪڏھن لاڙڪاڻو ڏٺو ئي ڪو نه هو، ٻيو مان غير شادي شده هئس. پر ڀٽو صاحب سان انڪار نه ڪري سگهيس. مون ڀٽو صاحب سان ها ڪري ڇڏي.
اها خبر جڏھن سندس گهر وارن کي پئي ته هو سندس مٿان ناراض ٿيا. پر هوءَ وعدي مطابق لاڙڪاڻي اچي پهتي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو وزير صحت، عبدالوحيد ڪٽپر ۽ سيڪريٽري هيلٿ، علي محمد انصاري هو. جڏھن ته لاڙڪاڻي اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ھو. سيڪريٽري هيلٿ، احمد علي انصاريءَ سندس نوڪري جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.


ڊاڪٽر بلقيس جڏھن لاڙڪاڻي اسپتال جي گائني وارڊ ۾ پهتي ته اتي ڪجهه به نه هو. صرف چار بيڊ، ھڪ ٽيبل ۽ ڪرسي پئي هئي. ليڪن ڊاڪٽر بلقيس دلشڪسته نه ٿي هن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هو ان ننڍي وارڊ ۾ ئي رهڻ لڳي. رات جو ٽيبل تي سمهي پوندي هئي. ايتري قدر جو ٽوٿ برش ۽ ڦڻي به سندس ڊاڪٽري ايپران جي کيسي ۾ پيا هوندا هئا. اهڙين حالتن ۾ ۲۱ اپريل ۱۹۷۳ع تي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد رکيو ويو.
ڪجهه عرصي بعد، ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي آيو ته ڊاڪٽر بلقيس کي گهرائي ٻڌايائين ته دبئي جو حاڪم، شيخ زيد، پاڪستان ۾ ٻه اسپتالون ٺھرائڻ ٿو چاهي؛ هڪ رحيم يار خان ۾ ٺھرائي پيو ۽ ٻي اسپتال مان لاڙڪاڻي ۾ ٺھرائڻ چاهي ٿو. تنهن تي ڊاڪٽر بلقيس ڀٽو صاحب کي ٻڌايو ته؛ لاڙڪاڻي واري اسپتال صرف عورتن ۽ ٻارن جي هئڻ کپي. ڀٽو صاحب هائوڪار ڪئي. پوءِ ڪجهه وقت بعد، شيخ زيد، ڀٽو صاحب سان گڏ لاڙڪاڻي آيو. بريفنگ لاءِ ڊاڪٽر بلقيس کي چيو ويو. ڊاڪٽر بلقيس جي تفصيلي بريفنگ بعد، لاڙڪاڻي جي موجوده شيخ زيد وومن هاسپيٽل جي تعمير شروع ٿي. ڊاڪٽر بلقيس کي ان پراجيڪٽ جو نگران ۽ انچارج مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلقيس هڪ ئي وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گائني ڊپارٽمنٽ جي سربراه، چانڊڪا اسپتال جي عورتن واري وارڊ جي سربراه، شيخ زيد وومن اسپتال جي انچارج طور ڪم ڪندي رهي.
ڀٽو صاحب جي ڦاهيءَ بعد، هن لاڙڪاڻو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. بقول ڊاڪٽر بلقيس جي؛ هن خواب ۾ ڏٺو ته کيس غريب عورتون ۽ ٻار نظر آيا، جيڪي کيس چئي رهيا هئا ته ڇا واقعي اوهان اسان کي ڇڏي پيا وڃو. بس پوءِ ھن لاڙڪاڻي ڇڏڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر بلقيس پنهنجي زندگي، سنڌ جي غريبن لاءِ ارپي ڇڏي. هن سموري زندگي، شادي نه ڪئي ۽ نه ئي وري واپس مائٽن ڏانهن وئي. بينظير ڀٽو صاحبه، کيس پنهنجي ماءُ جيان سمجهندي هئي. ڊاڪٽر بلقيس هزارين ليڊي ڊاڪٽرس جي رهبر ۽ استاد رهي. سندس هزارين ڊاڪٽر شاگرد، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آھن. پر هن ڪڏھن به ڪنهن کان ڪجهه نه ورتو. سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ بعد، هن پنهنجي پورهئي جي ڪمائيءَ مان لاڙڪاڻي ۾ هڪ پلاٽ وٺي، اتي هڪ خيراتي اسپتال ٺھرائڻ پئي چاهي ته پ پ سان لاڳاپيل هڪ بااثر ماڻھوءَ، سندس ان پلاٽ جو فراڊ سان کاتو ئي تبديل ڪري پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر بلقيس ان صدمي سبب بيمار ٿي پئي ۽ هاڻي تشويشناڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ آھي.
جنهن عورت پنهنجي زندگي، جواني، خواهشون ۽ ارمان اسان سنڌ واسين لاءِ ارپي ڇڏي، ان مسيحا صفت عورت کي اسان ڇا ڏنو؟ مورڳو وڏيرن سندس پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو. مٿان هو تشويشناڪ حالت ۾ پئي آھي پر حڪمرانن کان اهو ڪو نه ٿو پڄي ته کيس ڪنهن چڱي اسپتال ۾ منتقل ڪن. اسين واقعي محسن ڪش ۽ مرده پرست آھيون.



ڊاڪٽر بلقيس ملڪ
سنڌ جي مادام ٽريسا - عهدِ شفا جي هڪ ڊگهي جدوجهد
آصف رضا موريو
پروفيسر بلقيس ملڪ جو نالو ڊاڪٽر طور اسان جي شهر ۾ اورچائي، همٿ، لگن ۽ اتساهه جو سبب هئڻ سان گڏ سدائين هڪ سٻاجي ديومالائي ڪردار جهڙو رهيو جنهن پنهنجي سموري عمر سنڌ، بلوچستان ۽ خصوصن لاڙڪاڻو واسي عورتن جي ڀلائي، شفا ۽ علاج لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. خدمتِ خلق واري پاڪيزه جذبي تحت هن نه رڳو پنهجي زندگي پر خاندان، مستقبل، خواب، ساڀيائون، جواني، توانائيون وغيره عام انسانن جي آزارن، اهنجن ۽ دردن جو درمان ڪندي پنهنجي ٻيڙي ڪنڌيءَ لاتي. ڊاڪٽر بلقيس هن وسنوءَ جي واسي نه هئڻ جي باوجود هن خطي جي رهواسين لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو جيترو ڪنهن لاڙڪاڻو واسي ڊاڪٽر ته ڇا پر ڪنهن به طبقي، واسطي ۽ اداري سان لاڳاپيل انسان هن وقت تائين هن ڀومي لاءِ نه ڪيو آهي.
ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي بينظير ڀٽو جي خاص معالج هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي جيڪا ڏکئي سکئي وقت پنهنجي علاج واسطي گهر ته گهر پر جيل ۽ نظر بندي دوران به کيس گهرائيندي رهندي هئي. هڪ پڙهيل ڳڙهيل عورت هئڻ ناطي بينظير صاحبه سندس تمام گهڻي عزت ڪندي هئي. ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان ڊاڪٽر بلقيس جي عقيدت جو ايترو عالم مان ڪنهن به شخص ۾ پهريون دفعو ڏٺو جو انهن جي ذڪر دوران سندس اکين ۾ نير ڀرجي ڀرجي ايندا آهن.
راجپوت گهراڻي جي هن سوڍيءَ جو جنم ۱۸ فيبروري ۱۹۳۱ع ڌاري ٿيو. سندس وڏڙا آزادي کانپوءِ راجسٿان کان هجرت ڪري ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا هيا جتي اهي پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي حساب سان چڱا چوکا ۽ خوشحال ڀانئيا ويندا هيا. سندس پڙهائي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ۱۹۶۳ع ڌاري سندس والده گذاري وئي جڏهن ته ٻن سالن کان پوءِ ۱۹۶۵ع ۾ سندس والد الله سائين کي پيارو ٿي هن معصوم دل مسيحا کي يتيم بڻائي ويو. ڊاڪٽر صاحبه شروعاتي تعليم ڪراچي جي مختلف اسڪولن مان پرائي، ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي مان ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺي اتي ئي اوبسٽريٽرڪس ڊيپارٽمنٽ ۾ هائوس جاب پورو ڪري هڪ سال ميمڻ اسپتال حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽربلقيس هڪ درد دل رکڻ واري شخصيت آهي جيڪا پنهنجي زندگي جا سمورا ارمان انسانيت جي نانوءُ ڪري پنهنجي ٻيڙي ڪنڌيءَ لائيندي رهي.
ڪجهه وقت خانگي اسپتالن ۾ نوڪري ڪندي هن ڏٺو ته اسان جي ملڪ ۾ رڳو ايم بي بي ايس واري ڊگري جي اهميت هڪ ڪلرڪي نوڪري کان وڌيڪ ڪونه آهي تنهن ڪري ۱۹۵۶ع ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلقيس ملڪ برطانيه ڪهي وئي جتان هن FRCOG “فيلو ان رايل ڪاليج آف اوبسٽيٽرڪس اينڊ گائناڪولوجي” ۽ MRCOG “ميمبر آف رايل ڪاليج آف اوبسٽيٽرڪس اينڊ گائناڪولوجي” جي اعلي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر بلقيس ملڪ پورا اٺ سال برطانيه ۾ رهي پنهنجي فيلوشپ جي هائوس جاب به اتي ڪري ڪيترين ئي اسپتالن ۾ نوڪري پڻ ڪئي جن مان ويسٽ منسٽر لنڊن جي Saint Marry Paddington Hospital انتهائي خاص هئي جنهن جو ان دور۾ امپيريئل ڪاليج لنڊن سان پڻ الحاق هوندو هيو سا لنڊن شهر اندر قديم ترين ۽ تمام وڏي اسپتال هئي جتان جي ريسرچ ٽيم پهريون ڀيرو ڪينسر جا جرموثا ڳولي لڌا هيا. ان اسپتال ۾ ئي انساني تاريخ ڌاران ڦڦڙن جو پهريون آپريشن ڪيو ويو هيو ۽ هيءَ ئي اسپتال هئي جتي اليگزينڊر فليمنگ ۱۹۲۸ع ۾ پينسلين ايجاد ڪئي. ڊاڪٽر بلقيس ان اسپتال جي ريسرچ سينٽر ۾ ڊاڪٽر پيٽر هنٽنگ فورڊ سان گڏ ڪجهه سالن تائين گائناڪولوجي ۽ اوبسٽيٽرڪس وغيره متعلق تحقيق ڪندي رهي. تنهن کان پوءِ هوءَ پنهنجي ملڪ اچي ديس واسين جي خدمت ۾ رڌي رهي.
ان دور ۾ پاڪستان اندر تمام گهٽ ڊاڪٽرياڻيون اعلا تعليم يافته هونديون هيون جن مان ڊاڪٽر بلقيس ملڪ پڻ هئي. اڳتي وڌڻ ۽ علم حاصل جي ڌن سندس مٿي ۾ سدائين رهي جيڪا کيس پنهنجي علمي دنيا جا نئين کان نوان افق پڻ تلاش ڪرائيندي رهي. ۱۹۷۲ع ۾ ڊاڪٽر بلقيس امريڪا وئي جتي ڪجهه سالن لاءِ هن Carolina University Hospital۾ پنهنجي سبجيڪٽن تي ريسرچ اسٽڊي ڪئي جنهن کانپوءِ Johns Hopkins University مان هن Maternal Fertility تي تحقيقي اڀياس ڪري فيلوشپ حاصل ڪئي. اتي ئي هن دنيا جي عظيم ڊاڪٽر Clifford Wheeles سان گڏجي ڪجهه مهينا Tube ligation تي پڻ تحقيق ڪئي. ڊاڪٽر ڪليفورڊ ويلس طبي تاريخ ۾ پهريون معالج هيو جنهن Operative Research جي شروعات ڪئي هئي. اهڙي ريت ڊاڪٽر بلقيس امريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن مان پنهنجي محنت سان اتان جو اتم ڊگريون وٺي ڊاڪٽري علم و گيان جا انيڪ خزانا پرائي پنهنجي ملڪ واپس آئي ته جيئن هوءَ ديس واسين جي خدمت ڪري سگهي.
ڪراچي پهچي به ڊاڪٽر بلقيس پاڻ کي گائناڪولوجي، فرٽلٽي ۽ ليپرواسڪوپڪ جي تعليم و تحقيق متعلق مصروف رکيو پر ايڪڙ ٻيڪڙ اسپتالن ۾ نوڪري به ڪندي رهي. هوءَ پاڪستان ۾Tub ligation جي جديد ترين ٽيڪنالوجي جي تعليم وٺي آئي هئي جنهن سبب ٽن چئڻ منٽن ۾ ڳورهاري عورت جو آپريشن ٿي ويندو هيو تنهن کي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فروغ ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ۱۹۷۴ع ڌاري هن پشاور شهر جي هڪ وڏي هال ۾ فرٽيلٽي ڪنٽرول تي هڪ مقالو پڙهيو هيو. پروگرام ختم ٿيڻ تي جڏهن هوءَ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي سان گڏ هال کان ٻاهر نڪتي ته ڊاڪٽر اشرف عباسي جيڪا ان پروگرام ۾ شموليت لاءِ لاڙڪاڻو مان آئي هئي ساڻس ملي سلام دعا کان پوءِ کيس ٻڌايائين ته “مان وزيرِاعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم تي توهان کي گذارش ڪرڻ آئي آهيان ته مهرباني ڪري توهان لاڙڪاڻو ۾ ٺهندڙ هڪ نئين شيخ زيد اسپتال کي اچي سنڀاليو جو ان سموري پٽي ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جي مريض عورتن لاءِ ڪا بهتر طبي سهولتن واري اسپتال يا قابل ڊاڪٽرياڻي ڪونه آهي جنهن ڪري هر سال سوين لاچار عورتون ۽ ٻار اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا.”
ڊاڪٽر بلقيس ان معاملي ۾ ڪافي ڏينهن تائين سوچيندي رهي ته “لاڙڪاڻو وڃجي يا نه”. هن پنهنجي ساٿي ڊاڪٽرن، گهروارن، احبابن وغيره سان به مشورا ڪيا پر ڪنهن به کيس لاڙڪاڻو جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ وڃڻ لاءِ نه رڳو همٿايو ڪونه پر انهن اهڙي عمل کي سندس اعلي تعليم، قابليت ۽ ڊگرين جي ستياناس ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو. سندس خاندان وارن به کيس گهڻو ئي ڊيڄاريو ته “اتان جا ڄٽ ڄاموٽ ۽ ٻروچ يا سنڌي توکي سهندا ڪونه ان لاءِ اوڏانهن وڃڻ ئي فضول آهي”. پنهنجن پراون جي سوچن جي ابتڙ ڊاڪٽر بلقيس سوچيو ته سندس هيتريون ساريون ڊاڪٽري ڊگريون سندس لاءِ ڪهڙي ڪم جون جو ملڪ جي هڪ اهم خطي ۾ سوين عورتون بنيادي طبي سهولتون نه هئڻ سبب بيمارين ۾ کريو ۽ مريو وڃن ته انهن جا نوان ڄايل معصوم ٻارڙا به مناسب علاج نه هئڻ سبب کرڙيون هڻي مرندا رهن. ڪيترين ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي ان مقدس ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ورتو. سندس سوٽ سلطان ڀائي به توڙي جو ڀٽو صاحب جو جانباز پرستار هوندو هيو پر هن به کيس مشورو ڏنو ته “ڀٽو جي ڳالهه ٻي آهي پر لاڙڪاڻو نه وڃ جو مون کي ڀو آهي ته اتان جا ماڻهو توکي اغوا ڪري يا ماري نه ڇڏين” پر انهن سڀني جي مرضي خلاف ڊاڪٽر بلقيس لاڙڪاڻو هلي آئي.
ڊاڪٽراشرف عباسي کيس لاڙڪاڻو جي ماڻهن ۽ سماج متعلق گهڻي ڄاڻ ڏني. سندس پروجيڪٽ متعلق ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪٽپر، پروفيسر سڄڻ، ڊاڪٽر علي محمد انصاري، ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ وغيره ساڻ به ملاقاتون رهيون ۽ شيخ زيد اسپتال جي مجوزه عمارت جي تزئين و آرائش ۽ شعبن پٽاندر ته آپريشن ٿيٽر ڪٿي هجي، وارڊ ڪٿي، رسيپشن، ايڪسري يا ليباريٽريون وغيره جو سمورو تاڃي پيٽو ڪٿي هجي يا ڪيئن هجي جو سمورو نيٽ ورڪ سڌارڻ ۽ ان جي پريزنٽيشن ڊاڪٽر بلقيس جي ذميداري هئي. هوءَ چاهي پئي ته ڀٽو صاحب سموري ملڪ جي ڊاڪٽرياڻين مان صرف هن تي جيڪو ڀروسو ڪيو آهي ان تي ڪهڙي ريت به پورو لهجي ان لاءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري سمورا ڪم جلد از جلد اڪلايا.
جنهن عمارت جو شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو طور انتخاب ڪيو ويو هيو سا پهريان رائيس ريسرچ سينٽر جي آفيس هوندي هئي تنهن کي اسپتال جيان بڻائڻ جي ذميداري ڊاڪٽر بلقيس جي هئي. اسپتال جو ڪم ڪار پورو ٿيو ته هڪ ڏينهن اوچتو ڀٽو صاحب اسپتال جي دوري تي آيو ۽ ڊاڪٽر بلقيس کي چيائين ته “ڪنهن به صورت ۾ اڄ صفائي سٿرائي ڪرائي وٺو جو ڪنهن به وقت شيخ سلطان عمارت ڏسڻ اچي رهيو آهي”. ڊاڪٽر بلقيس هڪ واري مونکي ٻڌايو هيو ته “جڏهن ڀٽو صاحب اسان وٽ اسپتال ۾ آيو هيو ته بس هو ڳالهائيندو رهيو ۽ اسان رڳو هائو هائو ڪندي ڪنڌ ڌوڻي رهيا هياسين جو ٻين وانگر منهنجو ڳلو به سندس شاندار شخصيت جي سامهون خشڪ ٿي ويو هيو”.
ان ڏينهن ڊاڪٽر بلقيس شيخ زيد بن سلطان النهيان، ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ کوڙ ٻين اهم شخصيتن کي ان اسپتال ۾ سهولتن متعلق پريزنٽيشن ڏني جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي ان اسپتال جو ايڊمن آفيسر مقرر ڪيو ويو جتي هوءَ ۱۹۸۱ع ۾ تيسيتائين ڪم ڪندي رهي جيسيتائين اسپتال جو انتظام چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کي نه سونپيو ويو. تنهن کانپوءِ به ڊاڪٽر بلقيس ۱۹۹۴ع ۾ رٽائر ٿيڻ تائين شيخ زيد اسپتال جي انچارج طور ڪم ڪندي رهي. سرڪاري نوڪري مان فارغ ٿي هن لاڙڪاڻو شهر جي وڪيل ڪالوني ۾ ورتل هڪ وسيع پلاٽ تي عورتن جي علاج معالجي لاءِ انزلناه نالي هڪ ميڊيڪل سينٽر ٺاهيو جنهن کي هن وقت تائين هلائيندي رهي ٿي.
ڊاڪٽر بلقيس جون بينظير ڀٽو سان به سوين ملاقاتون رهيون. هن بي بي سان پنهنجي پهرئين ملاقات متعلق مونکي ٻڌايو هيو ته “هڪ رات مونکي وزيرِداخله جي فون آئي ته “توکي بينظيرڀٽو جي طبي تپاس لاءِ سکر وڃڻو آهي جو سندس طبيعت ٺيڪ ڪونه آهي”. سرڪاري گاڏي کيس کڻي سکر جيل پڳي. ان وقت تائين هن جيل ٻاهران ئي ڏٺو هيو جنهن جو اندريون ماحول هن لاءِ پرهول، پراسرار، ڀوائتو ۽ پرائو هيو. کيس هڪ ننڍڙي بيرڪ ۾ پهچايو ويو جتي هڪ کٽ تي چادر رکيل ڏسي ڊاڪٽر بلقيس حيرت وچان سنتري کان پڇيو ته “بي بي ڪٿي آهي؟ سندس آواز تي کٽ مٿان رکيل چادر سرڪي جنهن مان بينظير صاحبه جو نٻل ۽ ٿڪل وجود ظاهر ٿيو جيڪا تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي. کيس چيڪ ڪرڻ تي خبر پئي ته “شديد ذهني ۽ نفسياتي تشدد سبب سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي هئي ۽ کيس بليڊنگ پڻ ٿي رهي هئي”. ان لاءِ هن جيل انتظاميه کي صرف هڪ جملو لکيو هيو ته “بيبي کي جلد از جلد ڪنهن بهتر اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو وڃي”. بينظير سان سندس ڪجهه ڳالهيون ٻولهيون به ٿيون ۽ موڪلائڻ مهل پنهنجي وقت جي عظيم رهنما کيس ڀاڪر پائي ڪجهه لمحا ڪنڌ تي منهن رکي رني پڻ هئي. ٻئي ڏينهن کيس خبر پئي ته “بيبي کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو”. ان کان پوءِ به بينظير ڀٽو سان سندس بيشمار ملاقاتون رهيون جيڪا کيس ايترو ته ڀائيندي هئي جو پنهنجي پسند جو ڪيڪ ٺهرائي به ڊاڪٽر ڏانهن اڪثر موڪليندي رهندي هئي.
ڊاڪٽر بلقيس جي ملاقات قائدِاعظم، گانڌي، جواهرلال نهرو سان به ٿي هئي. هوءَ جڏهن ڇهن سالن جي هئي ته سندن استاد صدر ۾ واقع سندن اسڪول مان امپريس مارڪيٽ ۾ واقع ڇوڪرين جي اسڪول وٺي وئي هئي جتي ان ڏينهن سانجهيءَ ڌاري گانڌي آيو ۽ هن ڪاٺ جي ٺهيل اسٽيج ڀرسان بيهي هٿ کڻي آڱريون کولي چيو هيو تهUnited we stand and divided we fall ۽ پوءِ باقي تقرير ڪئي هئي. کيس جواهرلال نهرو بلڪل متاثر ڪونه ڪيو هيو البته قائدِاعظم جي شخصيت بقول هن جي “شاندار هئي”. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو لاءِ ڊاڪٽر بلقيس ٻڌايو هيو ته “اهڙيون بي انتها متاثرڪن، شاندار، نه وسرندڙ، سچيون، اڏول ۽ سون جهڙيون شخصيتون مون پوري دنيا ۾ ڪونه ڏٺيون.
ڊاڪٽر بلقيس سان منهنجون بيشمار ملاقاتون رهنديون آهن. ملاقات وقت سندس جو بهترين موضوع ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو هوندا هيا. هڪ ڀيري بينظير ڀٽو جي شخصيت متعلق سوال تي ٻڌايو هيائين ته “آصف پٽ منهنجي ملاقات دنيا جي شاندار عورتن سان ٿيندي رهي آهي ايتري تائين جو Bellshill Hospital Lanarkshire جي افتتاح وقت مان ملڪه الزبيٿ سان به گڏ هيم. اها اسپتال پهرين مهاڀاري جنگ کانپوءِ عورتن لاءِ يورپ ۾ ٺهندڙ پهريون علاج گهر هيو. اهڙي ريت دنيا جي بهترين استاد عورتن سان رهيم، پڙهيم ۽ پڙهايم پر جيڪا ڳالهه بيبي بيظير جي شخصيت ۾ هئي سا خوداعتمادي، سحر، علم، فصاحت ۽ سادگي مون ڪنهن ٻئي عورت ۾ اڄ تائين ڪو نه ڏٺي”.
ڊاڪٽر بلقيس هر ڀيري ملڻ سان مون کي شهيد ڀٽن مان ڪنهن نه ڪنهن جو ڪو نئون واقعو يا قصو ٻڌائيندي هئي. ڪنهن ڀيري ٻڌايو هئائين ته “جنرل ضيا جي حڪومت ۾ مان سائوٿ ڪوريا انٽرنيشنل ڪانفرنس (سيئول) وئي هيس، جتي مون سان گڏ ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج جي پروفيسرر فخرالنسا به گڏ هئي. هڪ وڏي هال ۾ سيئول جي صدر ۸۰ ملڪن مان آيل مهمانن لاءِ مانجهاندو ڪرايو هيو. تعارفي نشست دوران جڏهن مون پاڻ کي لاڙڪاڻو مان آيل ظاهر ڪيو ته چار ئي پاسي ويٺل مهمان مون ڏي متوجهه ٿيا. حيران ڪن خاموشي ٿي وئي، آوازن جي ڦس ڦس ٿي، ڪٿان ڪٿان، “ڀٽو جو شهر” جي ڀڻڪار ٻڌڻ ۾ آئي. منهنجي ڀرسان واري ٽيبل تي ننڊي وارن وارو هڪ چيني ڊاڪٽر “ڀٽو ڀٽو” چئي ڪنڌ هائوڪار ۾ ڌوڻي رهيو هيو. ان سان گڏ ويٺل ڪجهه چيني ڊاڪٽر ته روئڻهارڪا پئي لڳا ۽ پوءِ اهي سڀئي پنهنجي ڪرسين تان اٿي منهنجي ٽيبل وٽ اچي احترامن ڪجهه منٽ بيهي رهيا ۽ پوءِ واپس وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺا. ماني کائڻ دوران انڊيا جو هڪ ڊاڪٽر هلندو اچي منهنجي ڀرسان بيٺو ۽ دعا سلام کان پوءِ ٻڌايائين ته “جنهن صبح ڀٽو کي قتل ڪيو ويو ان وقت مان گهر مان ٻاهر آفيس وڃي رهيو هيس ته منهنجي پٽ ڊوڙندي اچي ٻڌايو ته “ابو ڀٽو مري ويو”. مان گهر ٻاهر نڪري روڊ تي چڙهيم ته پنج منٽن جي اندر ڪلڪتي جو سمورو شهر سوڳ ۽ احتجاج ۾ بند ٿي چڪو هيو”.
عمر جي آخري حصي ۾ ڪمزور، غريب ۽ بيواهي هوندي به ڊاڪٽر بلقيس ملڪ لاڙڪاڻو واسين جو ساٿ نڀايو. جيئن ته هن سموري عمر شادي ڪو نه ڪئي هئي. اڪيلي ۽ نٻل پر حوصله مند خاتون پنهنجي سينٽر ۾ وس ۽ وت آهر خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. هن ڪنهن دور ۾ انزلناهه ميڊيڪل سينٽر سان لڳ اڍائي ايڪڙ زمين خريد ڪري رکي هئي جتي ھن ڊاڪٽرياڻين کي اسپيشلائيزيشن ڪرڻ لاءِ “انزلناهه پوسٽ گريجويٽ انسٽيٽيوٽ” کولڻ پئي چاهيو. ان لاءِ هن بينظير ڀٽو کي به ٻڌايو هيو ته “لاڙڪاڻو جون ڊاڪٽرياڻيون اعلي ڊگريءَ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃن ٿيون جن کي اها سهولت ڏيڻ لاءِ مان لاڙڪاڻو ۾ ئي اهڙو ادارو کولڻ چاهيان ٿي”. سندس قابلِ رشڪ جذبي کي بينظيرڀٽو تمام گهڻو ساراهيندي اجازت ۽ معاونت جو ڀرپور يقين پڻ ڏياريو هيو. ان سلسلي ۾ بنيادي معاملا پڻ اڪلايا ويا ۽ بينظير ڀٽو ان اداري جو سنگِ بڻياد به پنهنجي هٿن سان رکيو پر جلد ئي سندس حڪومت هلي وئي. بينظيرڀٽو جي ٻي حڪومت ۾ هن جُهور پوڙهي عورت کي بيبي ڏانهن وڃڻ لاءِ سنبرندي سنبرندي سال لڳي ويا پر ملاقات ڪو نه ٿي سگهي. بيبي جي شهادت کان پوءِ ميڊم بلقيس جو لاڙڪاڻو ۾ ڊاڪٽرياڻين لاءِ پوسٽ گريجويشن ڪرائڻ وارو ادارو جوڙڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو جو بعد ازان حڪومتن ۾ اهڙا ماڻهو هيا ئي ڪونه جن کي لاڙڪاڻو ۾ ادارن جي جڙن سان دلچسپي هجي، يا غريبن سان همدردي يا وري ڊاڪٽر بلقيس جهڙن ليجنڊري ڪردارن لاءِ مان ۽ مريادا.
توڙي جو گذريل هڪ ڏهائي کان لاڙڪاڻو جي نوانوي فيصد ڊاڪٽرن جا فرضي رويا ڌنڌوڙي ۽ پنهنجي پيشي جي پاڪيزگيءَ ڏانهن انتهائي ڏوهاري لڌا ويا آهن. ڊاڪٽرياڻين ته لاڙڪاڻو جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا مڪروهه ميڊيڪل سينٽر کولي ڇڏيا آهن جن کي حقيقي معني ۾ ڪوس گهر ڪوٺي سگهجي ٿو جتي ڊاڪٽرياڻيون ڪوشش ڪنديون آهن ته پنهنجي ئي نسل جي آيل ڏهن عورتن مان ڏهن کي ئي آپريشن ذريعي ٻار نيڪال ڪرائي انهن کي سدائين لاءِ اپاهج ۽ ناڪاره ڪيو وڃي پر انهن ۾ واحد ڊاڪٽرياڻي بلقيس ئي آهي جيڪا عام حاصلات کان وڌيڪ ذميداري ۽ ڌنڌي کان وڌيڪ احساسِ انسانيت رکندي هئي. سندس خيال هوندو هيو ته “دوائن جو مقصد بيماري کان پرهيز ۽ زندگي جي پائيداري آهي ۽ دوائن جو بهترين استعمال اهو آهي ته ڊاڪٽر ڏانهن گهٽ ۾ گھٽ وڃڻ گهرجي.” هوءَ مونکي ٻڌائيندي هئي ته هڪ اهڙي ڊاڪٽرياڻي جيڪا پنهنجي مسيحائي پيشي جي پاڪيزگي کان واقف هجي ان لاءِ “اسانجو اسٽيٿواسڪوپ دنيا جي قيمتي کان قيمتي سوني زيور کان وڌيڪ انمول آهي.”
هڪ دفعي لاڙڪاڻو جي ڊاڪٽرن جي پيسن ڪمائڻ جي پٺيان انڌين جيان ڊوڙ متعلق ڳالهه ٻولهه تي کلندي چيو هيائين ته “ آصف اسان وٽ ڊاڪٽر ۽ وڪيل هڪ جهڙا ٿين ٿا. آهن ٻئي ڦورو پر فرق اهو آهي ته وڪيل رڳو توهان کي ڦري ٿو جڏهن ته ڊاڪٽر ڦرڻ کان پوءِ ماري نه ٿو ته کاري ضرور ٿو.” اها ڳالهه هن ان پسمنظر ۾ ڪئي هئي جو انزلناهه سينٽر واري سندس پلاٽ تي ڪجهه عرصي لاءِ قبضو ڪيو ويو هيو جيڪو ڊاڪٽر بلقيس جهڙي سٻاجهي عورت لاءِ انتهائي ڏکائيندڙ معاملو هيو جنهن کي آزاد ڪرائڻ دوران کيس پوليس، انتظاميه، عدالت ۽ وڪالت جي بيشمار اڻ وڻندڙ معاملن سان واسطو پيو هيو.
سندس هزار ڪوششن جي باوجود جڏهن انزلناهه پوسٽ گريجويٽ انسٽيٽيوٽ نالي ادارو نه ٺهي سگهيو ته ان ئي نالي سان ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ٽرسٽ طور رجسٽر ڪرائي هن وقت تائين ڪوششون ڪندي رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ريت ان اداري جو الحاق بينظير ڀٽو يونيورسٽي سان ڪرائي پنهنجي محنت ساڪار ڪري ۽ خواب جي ساڀيان ماڻي پر سموري سنڌ ۾ لکين ۽ لاڙڪاڻو جي تمام اسپتالن، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ سندس سوين شاگردن جي موجودگي جي باوجود ڪنهن به هن وقت تائين ساڻس تعاون ڪونه ڪيو جو نه رڳو هاڻي پيپلزپارٽي ۾ ذوالفقارعلي ۽ بينظيرجهڙا عوام دوست رهنما ڪونه رهيا هيا پر عبدالوحيد ڪٽپر جهڙا وزير، ڊاڪٽر سڄڻ ۽ ڊاڪٽر علي محمد انصاري جهڙا سچا مسيحا به ڪونه بچيا هيا.
تاريخي طور تي هيءَ حقيقت پڻ ڏکوئيندڙ آهي ته اسان جي قوم پنهنجي هيروز جي معاملي ۾ تمام وانجهيل رهي آهي. افسوس آهي جو ڊاڪٽربلقيس ملڪ جي شاندار مسيحائي جدوجهد، زندگي، خوابن، ساڀيائن، ڏات، ڏانوءَ ۽ محنتن جي عظيم قرباني جي باعمل مڃتا هن وقت تائين نه ڪنهن سرڪاري اداري ڪئي آهي نه ڪنهن شهري تنظيم ۽ وري نه ئي ڪنهن خانگي ماڻهو. لاڙڪاڻو ۾ موجود سوين صحتي مرڪزن ۽ اسپتالن کي پاڪستان جي نامچين سياسي سماجي ڏوهارين جي نالي سان ته منسوب ڪيو ويو آهي پر ڪنهن اسپتال، ڪنهن فيڪلٽي، ڪنهن وغيره کي هن عظيم مدبره جي نالي سان هن وقت تائين منسوب ڪونه ڪيو ويو آهي. منهنجي لاڙڪاڻو جي ماڻهن، انتظاميه، سياستدانن ۽ خصوصن ڊاڪٽرن کي گزارش آهي ته عالمي سطح جي مڃيل هن سماجي شخصيت جي جدوجهد جي مانَ ۾ ڪنهن اسپتال، ڪنهن روڊ رستي، ڪنهن ننڍي سنڍي صحت جي مرڪز يا يونٽ کي سندس نالي سان انتساب ڪري پنهجي جائز اخلاقي ذميداري جو پالن ڪن.
ڊاڪٽر بلقيس هاڻي پاڻ پوڙهي ۽ ڪمزور ٿي چڪي آهي. جنهن پنهنجي سموري زندگي توهان اسان مان هزارن کي جنم ڏياريو، توهان اسان جي هزارين مائرن ڀينرن ۽ ڌيئرن جي بي لوث خدمت ڪندي رهي. اسان جي پوري نسل جي هن ماءُ ۽ ڊاڪٽرن جي موجودهه پوري نسل جي استاد ۽ انهن جي استاد جي استاد کي هاڻي اسان جي محبت پيار ۽ واهر جي ضرورت آهي. هوءَ اڪيلي آهي ۽ سندس پرگهور لهڻ وارو ڪوبه ڪونه آهي. جيڪا توهان جي نون ٻارڙن لاءِ گرمي ۾ ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۽ سردي ۾ هيٽرن جو بندوبست ڪندي هئي سا هاڻي ميري ڪچيري ڪمري رهي ٿي جنهن ۾ مڇر ۽ مکيون به کيس پريشان ڪنديون رهن ٿيون. ڪجهه اڳ ته هوءَ ڪري به پئي هئي تنهن جو کڻي ٻيو ڪو ساٿ نه ڏيو پر جيئري ڪا اهڙي واهر، ڪا اهڙي پرگهور، ڪا اهڙي عزت ڀري شام، ڪو اهڙو مانائتو ميڙاڪو، ڪو اهڙو محبت ڀريو احترامي انداز ان لاءِ جوڙن جي شروعات ڪيو جنهن سان اسان ڊاڪٽر بلقيس ملڪ جا ٿورا ته ڪونه لاهي سگهنداسين پر ٿي سگهي ٿو اسان لاءِ ڪيل سندس سموري عمر جي ٿڪاوٽ جو ڪجهه احساس اسان جو ڪو کنيل احترامي ۽ اعترافي قدم گهٽائي سگهي تڏهن به اسان کيرون لهڻيون.



Humanely pray for well-being, health and life of Dr. Bilqis Malak sahiba
A living legendary Character of Larkano
Asif Raza Morio
This celebrated lady was born on 18th February 1931 in Karachi in a migratory Rajput family of Rajasthan. She approved her primary education from different educational institutions of Karachi and passed her matriculation from Sindh University Jamshoro in 1946/47 while she obtained the degree of MBBS from DOW medical university Karachi with her house job in the Department of obstetrics. After serving for one year in Memon hospital Hyderabad she set out for England in 1956 where she gained the grade of FRCOG (Fellow in Royal College of Obstetrics and Gynecology London) and MRCOG (Member of Royal College of obstetrics and gynecology) in 1958.
In 1968 she came back to Pakistan but in 1972 went to USA where she has been assigned the research study on Maternal Fertility in Johns Hopkins University. Behind the returning back to home she has been engaged in research works on Gynecology, fertility and laparoscopic studies. In July 1974 she has been brought to Larkano by Begum Ashraf abbasi as Mr. Zulifkar Ali Bhutto want her services for needy women as the people had great need of good doctors. Since she has been great admirer of Mr. Bhutto she honored his wish against the desire of her family and prepared herself to serve Larkanians.
With her advent in Larkano she has been assigned blessed responsibilities. As her first project she designed the structural reformation of structural possibilities concerning Sheikh Zaid Hospital building and provides presentation to Sheikh Zaid bin Sultan and Mr. Bhutto on July 1974 as previously this building had been serving as Rice research center. After the assignment was completed she has been remained administrator officer of Shekh Zaid women hospital for ten years. Dr Bilqis malak sahiba retired in 1994 and since then she is running her AUNZILLA postgraduate Institute in Sachal Sarmast colony Larkano which was also dream of Muhtarma Benazir Bhutto sahib but after her assassination the vision is still dealing with the tips of ice berg.
She devoted her life, dreams and wishes for Larkanians and since last few days she is seriously ill and needs our love, care and prays.



ڊاڪٽر بلقيس
جنھن کي اڌ صدي کان لاڙڪاڻي شھر واپس وڃڻ نه ڏنو
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نثار کوکر)
لاهور جي ڊاڪٽرياڻي اڌ صدي کان لاڙڪاڻي ۾ خدمتن سبب مسيحائي ڪردار بڻيل آهي. ولايت مان ڊگري وٺي اچڻ کانپوءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي آئي ته هميشه لاء هتان جي ٿي وئي. ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ستر واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ انگلينڊ مان ڊگريون وٺي اچڻ بعد جڏهن ڪراچي جي اسپتال لياقت نيشنل ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کيس لاڙڪاڻي هلڻ لاءِ زور ڀريو. ڊاڪٽر بلقيس موجب ان وقت بيگم اشرف عباسي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر هئي پاڻ به ڊاڪٽر هئي پر منهنجي پويان هٿ ڌوئي پئجي وئي ته لاڙڪاڻي هلي ڪم ڪر. ريٽائرمينٽ کانپوءِ توڙي جو ڊاڪٽر بلقيس ملڪ تمام ضعيف ٿي وئي آهي پر سندس حافظو اڃا به بهتر آهي. هن ٻڌايو ته مون لاڙڪاڻي وڃڻ جي ڳالهه جڏهن پنهنجي فيملي ۾ ڪئي ته سمورا ماڻهو ڪاوڙجي پيا. سئوٽن ته واضع چيو ته لاڙڪاڻي ۾ عورتن کي سرعام قتل ڪيو ويندو آهي تون بچي واپس نه اچي سگهندين. هن چيو ته مائٽن ۽ لياقت نيشنل اسپتال کان هڪ مهيني جي موڪل وٺي جيئن لاڙڪاڻي آيس ته وري واپس نه وڃي سگهي آهيان. صحت جي حوالي سان لاڙڪاڻو ان وقت اونداهي ۾ پيل هو. عورتن ۽ ٻارڙن کي مرندي ڇڏي ڪيئن وڃان ها. ٻاهر ڪم ڪرڻ جون آڇون به ٿيون پر لاڙڪاڻي کي ڇڏي نه سگهيس. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٻه دفعا ملي هيس. ڊاڪٽر بلقيس ملڪ هاڻي ته بلڪل صاف سنڌي ڳالهائي رهي آهي پر هن ستر واري ڏهاڪي بابت ٻڌايو ته کيس سنڌي سمجهه ۾ نه ايندي هئي ۽ ٻهراڙي جون عورتون پڪي سنڌي ڳالهائينديون هيون. عام طور عورتون اچي شڪايت ڪنديون هيون ته ادي ريلو (پيشاب) جام ٿو اچي ته مان کين ڊائريا جون دوائون لکي ڏيندي هيس. هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي شروعاتي ڏينهن م مون عورتن جا موت جام ڏٺا. اسٽريچر تي ايندي ايندي عورتون مري وينديون هيون. هن چيوته هڪ هفتي ۾ ۱۱ عورتن جا موت به مون ڏٺا جنهنڪري مون کي پنهنجي ضمير اجازت نه ڏني ته عورتن کي اهڙي حالت ۾ ڇڏي ڪراچي يا لاهور هلي وڃان. ڇو ته ان وقت لاڙڪاڻي ۾ گائني جي ڪا به پروفيسر سطح جي ڊاڪٽرياڻي موجود نه هئي.


ڊاڪٽر بلقيس ملڪ

لاڙڪاڻي جي حقيقي مسيحه جو دکدائڪ وڇوڙو

رضوان گل

لاڙڪاڻو گھڻن حوالن سان تاريخ جي صفحن تي پنهنجي نمايان حيثيت سبب نروار آهي، لاڙڪاڻو غير معمولي صلاحيتون رکندڙ ماڻهن شهر رهيو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي آيو سدائين لاءِ هتان جو ٿي ويو. جڏهن لاڙڪاڻي ڄائي ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته هن هتي اهم ادارن جو قيام عمل ۾ آندو جن ۾ ٻين ڪيترن ئي ادارن سان گڏ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، شيخ زيد وومين ۽ چلڊرين اسپتالون قابلِ ذڪر آهن. اڳ هتي ميڊيڪل جون سهوليتون نه هئڻ برابر هيون پر چانڊڪا جي قيام سان لاڙڪاڻو ميڊيڪل واري شعبي ۾ اڳ ڀرو ٿيو انهن ئي ڏينهن ۾ ڀٽي صاحب سيال ڪوٽ جي هڪ قابل ڊاڪٽرياڻيءَ ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي هتان جي اسپتال ۾ گائناڪالوجي شعبي جو انچارج مقرر ڪيو.

ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ڪير هئي سندس جيون جا ابتدائي سال ڪيئن ۽ ڪٿي گذريا اچو ته سندس جيون مان هڪ جھلڪ پسون. سيال ڪوٽ جي هڪ خوشحال خاندان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر بلقيس ملڪ جو جنم ۲۰ فيبروري ۱۹۲۹ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. ابتدائي درجا به ڪراچيءَ جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان پڙهي، ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ۱۹۵۸ع ۾، ڪراچيءَ جي ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس پاس ڪئي جنهن بعد هن مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڪجهه وقت لاءِ نوڪري ڪئي پر هن فقط ايم بي بي ايس جي ڊگري هئڻ ناڪافي سمجھي ۽ پاڻ ايف سي پي ايس ۽ ايف آر سي ايس لاءِ رائل ميڊيڪل ڪاليج لنڊن رواني ٿي جتان ماسٽرس ڪرڻ بعد گائني واري شعبي ۾ ڪجهه مزيد ڪورسز ڪرڻ لاءِ آمريڪا رواني ٿي، ان وقت ۾ فقط ايم بي بي ايس ڪرڻ ئي وڏي ڳالهه هوندي هئي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃي تحقيق جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ اعلي ترين ڊگريون وٺڻ جو رواج تڏهن نه جي برابر هو پاڪستان ۾ ان وقت تمام گھٽ ڊاڪٽرياڻيون هيون جن جون ڊگريون ٻاهرين ملڪن مان هجن يا انهن اسپيشلائيزيشن لاءِ جدوجهد ڪئي هجي. ميڊيڪل جھڙي اهم ترين شعبي مان تعليمي سفر پورو ڪري جڏهن سن ۱۹۷۲ع ۾ پاڪستان واپس آئي ته ڪجهه وقت کانپوءِ پشاور ۾ منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ سندس ملاقات ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان ٿي جيڪا اڳ ئي سندس دوست هئي. ڊاڪٽر عباسي صاحبه ميڊيڪل وارو شعبو ڇڏي سياست ۾ سرگرم ٿي وئي جنهن بعد ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي قومي اسمبلي جي ميمبر ۽ بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر پڻ ٿي. ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي، ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان متعارف ڪرايو ڀٽو صاحب سندس قابليت کان متاثر ٿيو ۽ کيس زور ڀريو ته هوءَ لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيندڙ ميڊيڪل ڪاليج جي زناني وارڊ کي سنڀالي جو اتر سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جون ميڊيڪل جون سهوليتون ناهن. تڏهن اڃا چانڊڪا ڪاليج مڪمل طور قائم نه ٿي هئي. ڊاڪٽر بلقيس ڀٽي صاحب سان انڪار ڪري نه سگھي جيتوڻيڪ هن ان وقت لاڙڪاڻو ڏٺو به نه هو هن فقط لاڙڪاڻي جو نالو ٻڌو هو. بلقيس ملڪ جي خاندان جا ماڻهو سندس ان فيصلي تي سخت ناراض ٿيا جو لاڙڪاڻو ان وقت ننڍو ۽ پوئتي پيل شهر هو، هتان جي ماڻهن لاءِ ٻاهرين ماڻهن کي عجيب قسم جا خوف به هئا پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هن ڀٽي صاحب کي مانُ ڏيندي لاڙڪاڻي اچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ان وقت لاڙڪاڻي واري سول اسپتال جو ايم ايس به ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ هو جنهن جي پڻ وڏي هاڪ هئي، تڏهوڪي سيڪريٽري هيلٿ احمد علي انصاريءَ کي حڪم ٿيو ۽ ڊاڪٽر بلقيس جو آرڊر نڪري ويو. انهن ڏينهن ۾ صحت جو وزير عبدالوحيد ڪٽپر هو. لنڊن ۽ آمريڪا جي پڙهيل ڊاڪٽرياڻي پنهنجي نوجواني وارن ڏينهن ۾ جڏهن لاڙڪاڻي پهي ته گائني واري وارڊ ۾ کيس هڪ ٽيبل ڪرسي ۽ چار بيڊ مليا، پر سندس چهري تي ڪو گهنج نه آيو هن ان ارادي سان ڪم شروع ڪيو ته هتي ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي، ڊاڪٽر بلقيس تن ڏينهن ۾ ايڏي مصروف رهڻ لڳي جو ٽوٿ برش ۽ ڦڻي به سندس ايپران جي کيسن ۾ پيل هوندا هئا. ڊاڪٽر صاحبه ٻين جو دارون ڪندي پنهنجو پاڻ کان به وسري وئي هن سموري ڄمار عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، نوڪري عبادت سمجھي ڪيائين هوءَ چاهي ها ته ڪنهن به وڏي شهر جي وڏي اسپتال ۾ ڪلينڪ کولي ها يا ڪنهن به وڏي کان وڏي اداري ۾ نوڪري ڪري ها پر هن لاڙڪاڻي کي ئي پنهنجو مسڪن بڻائي ڇڏيو. سندس مادري زبان سنڌي نه هئي پوءِ به هن لاڙڪاڻي جي عورتن جي ٺيٺ سنڌي ٻولي سمجھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي انهن جي مسئلن کي سمجھي سندن دردن جو دارون ڪندي رهي، ڳچ وقت کانپوءِ هن پاڻ به سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪئي.

انهن ئي حالتن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جو قيام ۲۱ اپريل ۱۹۷۳ع تي ٿيو، ڀٽي صاحب ڊاڪٽر بلقيس کي گھرائي چيو ته “دبئي جو بادشاهه شيخ زيد لاڙڪاڻي ۾ اسپتال ٿو ٺهرائي ڏي” جنهن تي ڊاڪٽر بلقيس ڀٽي صاحب تي زور ڀريو ته “هڪ نه پر ٻه اسپتالون ٺهرايو هڪ عورتن لاءِ ٻي ٻارڙن لاءِ” ڀٽي صاحب آمادگي ظاهر ڪندي شيخ زيد کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ به ڊاڪٽر بلقيس کي چيو. ان بريفنگ کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ موجوده شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۽ شيخ زيد وومين اسپتال جو قيام عمل ۾ آيو. ڊاڪٽر صاحبه ان پراجيڪٽ جي هيڊ به پاڻ ئي هئي، گڏوگڏ چانڊڪا اسپتال جي عورتن واري وارڊ جي هيڊ، شيخ زيد وومن اسپتال جي انچارج ۽ سي ايم سي جي گائني واري شعبي جي هيڊ طور ڪم ڪندي رهي. ڊاڪٽر صاحبه ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کانپوءِ ڏاڍي مايوس ٿي وئي، هن لاڙڪاڻو ڇڏڻ جو به سوچيو پر هوءَ هتان جي عورتن جي ڏکن ۽ تڪليفن کان واقف هئي جنهن سبب ڪاڏي به نه وئي، جيون جا قيمتي سال هن لاڙڪاڻي جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا ۽ سموري حياتي شادي به نه ڪيائين.

ڊاڪٽر صاحبه سن ۱۹۹۴ع ۾ رٽائر ٿي سچل ڪالوني ۾ عورتن جي ڀلائي ۽ علاج لاءِ ميڊيڪل سينٽر قائم ڪيو ۽ اتي ئي پنهنجي رهائش به اختيار ڪئي ۽ عمر جي آخري ڏينهن تائين تي ئي خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. ڊاڪٽر بلقيس ڪافي وقت کان بيماريءَ جي بستري تي هئي اڄ پهرين جولاءِ ۲۰۲۳ع تي ۹۴ ورهين جي عمر ۾سندس وفات ٿي جنهن تي هر اهلِ دل ماڻهوءَ جي اک آلي آهي.

 

(رضوان گل جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱ جولاءِ ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا